اشتياق حسين قريشي

پروفیسر ڊاڪٽر اشتیاق حسین قریشي (انگريزي: Ishtiaq Hussain Qureshi)، (پیدائش: 20 نومبر 1903ء- وفات: 22 جنوري 1981ء) پاڪستان جو مشھور ماھر تعليم، محقق، تاريخدان ۽ ڊراما نويس ھيو جيڪو ڀارت جي شھر ”پٽيالا“ ۾ ڄائو جيڪو الھ آباد جي ڀرسان واقع ھو. دهليءَ ۽ ڪئمبرج مان تعليم حاصل ڪيائين. ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دهليءَ، پنجاب ۽ ڪولمبيا جي يونيورسٽين ۾ -تاريخ- پڙهائيندو رهيو. -پاڪستان- ۽ هندستان جي هسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن، انسٽيٽيوٽ آف انٽرنئشنل افيئرس، انڊين هسٽري ڪانفرنس ۽ -پاڪستان- هسٽري سوسائٽيءَ جي انتظامي مجلسن جو ميمبر رهيو. تقريباً 11 سال ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 1979ع ۾ ”مقتدره قومي زبان“ جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو. -ان- کان اڳ ۾ 1949ع کان 1951ع تائين حڪومت -پاڪستان- جو نائب وزير داخله، ۽ پوءِ وزير مملڪت ۽ 1951ع کان 1954ع تائين وزير -تعليم- به رهيو هو. کيس پهرين ”ستاره پاڪستان“ ۽ پوءِ ”هلال امتياز“ جا اعزاز ڏنا ويا. 22 -جنوري- 1981ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. قريشي صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو[2]پاڻ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جو وزٽنگ پروفيسر ھيو ۽ نيشنل لينگئيج اٿارٽي جو باني۽ پھريون چيئرمين ھيو

اشتياق حسين قريشي
پيدائش 20 نومبر 1903(1903-11-20)[1]
پٽيالي، الھ آباد ويجھو، يونائيٽيڊ پراونسز آف برٽش انڊيا
وفات 22 جنوري 1981 (عمر 77 سال)
رھائش ڪراچي ، اسلام آباد
قوميت پاڪستاني
شھريت پاڪستان
مادر علمي علي ڳڙھ يونيورسٽي
سينٽ اسٽيفنس ڪاليج دھلي
ڪيمبرج يونيورسٽي
شھرت جو ڪارڻ پاڪستان جي تاريخ
اعزاز ستارہ پاڪستان
ھلال امتياز
'سائنسي پيشو'
شعبو تاريخ
ادارا دھلي يونيورسٽي
پنجاب يونيورسٽي
ڪراچي يونيورسٽي
ڪولمبيا يونيورسٽي
نيشنل لينگئيج اٿارٽي
ٿيسز جو موضوع دھليءَ جي سلطنت جو نظام(Administration of Sultanate of Delhi) (1939)

تفصيلي تعارف سنواريو

20 نومبر، 1903ء اتر پرديش جي ضلعي اٽاوا جي شھر پٽيالي ۾ ڄائو جڏھن اھو علائقو برٽش انڊيا جي صوبي يونائيٽيڊ پراونسز جو حصو ھيو. [3][4][5]ھن 1942 ۾ سينٽ اسٽيفنس ڪاليج دھلي تاريخ ۾ بي اي ڪئي ۽ فارسي ٻولي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي۽ بعد ۾ ساڳي ڪاليج ۾ تاريخ جي شعبي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ان بعد ڪيمبرج يونيورسٽي مان تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاء انگلينڊ ويو. جتي پروفيسر وائيٽ ھيڊ جي نگراني ۾ مقالو The Administration of the sultanate of Delhi (سلطنت دھلي جو نظام ) لکي پي. ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. واپس ھندستان اچي دھلي يونيورسٽي ۾ ريڊر مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي تاريخ جو پروفيسر ٿي ويو. پاڪستان ٺھڻ بعد 1948 ۾ پاڪستان لڏي آيو ۽ مھاجرن جي آبادڪاري جو وزير مملڪت مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ تعليم جو وفاقي وزير ٿيو. ڪجهه عرصي بعد پنجاب يونيورسٽي جو پروفيسر ٿيو. 1955 ۾ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي م وزٽنگ پروفيسر ٿيو ۽ 1960 تائين اتي پڙھائيندو رھيو جتي ھن پنھجو مشھور ڪتاب The Muslim community of the Indo-Pakistan Sub-Continent لکيو. 23جون 1961 کان 2 آگسٽ 1971 تائين ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رھيو.[6] ۽ ان عرصي دوران ھن The Struggle for Pakistan ۽ The Administration of Mughal Empire ڪتاب لکيا. رٽائرمينٽ کان پوء ھن Education in Pakistan ، Akber the founder of Mughal empire' ۽ Ulema in politics نالي ڪتاب لکيا. 1979 ۾ نيشنل لئنگويج اٿارٽي جو باني چيئرمين ٿيو.ھن جا انگريزي ۾ لکيل ٻيا ڪتاب ھيٺيان آھن

  • The Religion of Peace
  • The Administration of Mughal Empire
  • A Short History of Pakistan

اردو ۾ لکيل ڪتاب سنواريو

  • افکار و اذکار
  • معلم اسود
  • ملاء اعلٰی
  • ہمزاد
  • نقش آخر
  • نیم شب
  • صید زبوں
  • نفرت کا بیج
  • مٹھائی کی ٹوکری
  • گناہ کی دیوار
  • بت تراش (ڈراما)
  • بند لفافہ
  • کٹھ پتلیاں

اعزاز سنواريو

کيس پاڪستان جي حڪومت ستاره پاڪستان ۽ ھلال امتياز جا اعزاز ڏنا. 20 نومبر 2001 ۾ پاڪستان جي حڪومت ھن جي ادبي خدمتن جي صلي ۾ ھن جي تصوير واري ٽپال واري ٽڪلي جاري ڪئي. ۔[7]

حوالا سنواريو