صحافي، سياسي ڪارڪن ۽ ترجمي نگار اسلم خواجا (Aslam Khuwaja) ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ ڄائو. نور محمد هاءِ اسڪول مان سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. شاگردي واري زماني ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان (Communist Party of Pakistan) ۽ ان جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (Sindh National Students Federation) ۾ ڪم ڪيائين. صحافت جي شروعات سهيل سانگي جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ اخبار روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين. هڪ سال اتي ڪم ڪرڻ کان پوءِ روزاني ”ڪاوش“ جو ڪراچيءَ ۾ ٻه سال رپورٽر رهيو. 1993ع کان 1995ع تائين ”جنگ“ لاهور ۾ ٽرانسليٽر ۽ سب ايڊيٽر- رهيو. 1997ع کان 2001ع تائين ”هلال پاڪستان“ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. هو 1987ع کان 1991ع تائين ايڌي فائونڊيشن جي سڌ سماءُ واري بيورو جو ڪوآرڊينيٽر، ۽ 1992ع کان 1995ع تائين ايڌي هاءِ وي پروجيڪٽ جو ڪوآرڊينيٽر رهيو. عبدالستار ايڌي سان گڏ جنگ جي ستايلن جي مدد لاءِ افغانستان به ويو. هو ايڌي فائونڊيشن ۽ ٻين اهڙن خيراتي ادارن سان ڪم ڪري چڪو آهي. ريسرچ ۽ سروي جا ڪيترائي ڪم ڪيل اٿس. هو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۽ نالي وارن ادارن ۾ ٽرانسليٽر به رهيو. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ ترجمي نگار پڻ آهي. جن ۾ ”رولاڪ جي راءِ“ (ڪالم)، ”نئون عالمي نظام“، ”عرفات کان فلسطين تائين“، ”جتي عورتن لاءِ ڊاڪٽر نه هجي“، عورتن جي صحت جو ڪتاب ”آواره گرد ڪي راءِ“ (اردو)، ”چاچا سام ڪيا چاهتا هي“، ”ايڌي: انڌي جي لٺ“،”1857ع ڪي جنگ آزادي اور سنڌ اور پنجاب ڪا حصه“ مکيه آهن. هو ملڪي ۽ عالمي سطح جي مختلف ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي.

1994ع ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي تحريڪ (Peace Movement in South Asia) کان شامل آهي، جنهن دوران ڪيترين ئي ڪانفرنسن خاص طور تي 2005ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي پيروي ڪندي دهليءَ کان ملتان تائين ٿيل امن مارچ (Delhi to Multan Peace March) ۾ به شريڪ ٿيو.[1]

حوالا سنواريو