اسلام ڳڙھ جو قلعو

مٺيءَ کان 28 ميل پري هي قلعو ميرن جي دور 95- 1790ع مير فتح خان جي وقت جو آهي. ھي قلعو مير فتح علي خان ٺھرايو. تعمير تي 12 لک خرچ آيو. قلعي جي چئني ڪنڊن تي پھڻ استعمال ڪري -ٺلهه- ٺاھيا ويا. انھن پھڻن جي ڊيگهه گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ فوٽ، وڌ ۾ وڌ 3 فوٽ آھي. قلعي جي ڊيگهه 120 فوٽ ۽ ويڪر 100 فوٽ آھي. سرحد کي ويجھو ھئڻ سبب ڀتيون مضبوط آھن. روايت آھي ته قلعي اندر سوا سؤ سپاھين جي مستقل رھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. -ان- کان سواءِ -بارود- خانو الڳ ۽ ھڪ جيل به ٺھيل ھو. کوٽائيءَ دوران (1884ع) توبن ۽ بندوقن جا ڀڳل ٽڪرا ھٿ آيا. ديوارون 30 فوٽ اوچيون ۽ ڪنڊن تي -برج- ٺھيل هئا. ھڪ -برج- تي گيٽ به ٺاھيو ويو ھو. گيٽ -اوڀر- طرف ھو. مير صوبدار خان پنھنجي چاچن جي خلاف -بغاوت- ڪئي، تڏھن اسلام ڪوٽ ۾ ويھي جنرل ھوش محمد جي معرفت لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. 1932ع ۾ کوسن ڪوٽ کي ڦريو. وري 1922ع ۾ ميرخان کوسي هن قلعي يا ڪوٽ کي لٽيو. ھاڻي -اسلام ڪوٽ- جو اسڪول ھن ھنڌ ٺھيل آھي.[1]


اسلام ڳڙھ جو قلعو
علائقو  سنڌ  پاڪستان
قسم قلعو
تاریخ
معمار مير فتح علي خان ٽالپر
ثقافت سنڌي

حوالا سنواريو