استور ضلعو(انگريزي: Astore District ) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي ديامير ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام عيدگاھ شھر آھي[1]. عيد گاھ استور وادي م واقع آهي. استور ضلعي جي اتر ۾ گلگت ضلعو، اتراوڀر م روندو ضلعو، اوڀر ۾ اسڪردو ضلعو، ڏکڻ اوڀر ۾ کرمنگ ضلعو، اولھ ۾ ديامير ضلعو، ڏکڻ اولھ ۾ آزاد ڪشمير جو نيلم ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ انڊيا جي قبضي وارو جمون ۽ ڪشمير يونين واقع آهي. عيدگاھ شھر ھوائي رستي اسلام آباد سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ روڊ رستي پڻ اسلام آباد سان گڏوگڏ راولپنڊي، چترال، ۽ اسڪردو سان ڳنڍيل آهي. اسڪردو طرف ھڪ رستو ديوسئي پوٽوھار واري دڳ سان 143 ڪلوميٽر (89 mi) آھي[2] پر اھو نومبر کان جون تائين تيز برفباري سبب بند رھندو آھي. ٻيو رستو گلگت کان جگلوٽ واري پاسي کان آھي جيڪو128 ڪلوميٽر (80 mi) ڊگھو آھي[3].

استور ضلعو
Astore District
گلگت بلتستان جو ضلعو
استور ضلعي ۾ راما ڍنڍ ڀرسان راما وادي ۾ واقع نانگا پربت جبل (آگسٽ 2016)
استور ضلعي ۾ راما ڍنڍ ڀرسان راما وادي ۾ واقع نانگا پربت جبل (آگسٽ 2016)
ملڪ پاڪستان
انتظامي يونٽ [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان
ڊويزن ديامير ڊويزن
صدر مقام عيدگاھ
پکيڙ
 • ڪل 5,092 ڪ.م2 (1,966 ميل2)
آبادي (1998)
 • ڪل 71,666

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "GB notifies four more districts, total number of districts now 14". pakistantoday.com. 
  2. "Distance from Skardu via Deosai Plains". Google Maps. حاصل ڪيل 4 August 2019. 
  3. "Distance from Gilgit via Jaglot". Google Maps. حاصل ڪيل 4 August 2019.