ارونا حسين پهرين سنڌي ڇوڪري آهي، جنهن کي ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ تمام گهٽ عمر واري چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (C.E.O) هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. هونئن ته مارڪيٽنگ شعبي ۾ ٻين عورتن کي به ڪيترائي اهم موقعا مليا آهن، پر ايتريءَ ننڍي عمر ۾ ارونا حسين، پاڪستان جي پهرين ڇوڪري ۽ سنڌياڻي آهي، جنهن مارڪيٽنگ جي ميدان ۾ اهڙي اهم ذميواري حاصل ڪئي. جنهن وقت 2007ع ۾ ارونا کي ڪَنٽري مئنيجر جو عهدو مليو، ان وقت هوءَ 30 سالن جي مس هئي. اها ڪمپني ’مَرسڪ لاجسٽڪس‘ (Maersk Logistics) جي نالي سان مشهور آهي، جڏهن ته ارونا کي پاڪستان سان گڏ افغانستان ۾ به ڪمپنيءَ جي سرگرمين جي ذميواري ڏنل آهي، جنهن کي هوءَ 100 ماڻهن تي مشتمل ٽيم جي سربراھ جي حيثيت ۾ نڀائي رهي آهي.[1]

زندگيءَ جو احوال سنواريو

ارونا حسين جو جنم پهرين ڊسمبر 1977ع تي سنڌ جي نامور علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. عبدالحسين سرائيءَ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن نياڻيءَ شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول مان ورتي، 1993ع ۾ مئٽرڪ اي. ون گريڊ ۾ ۽ 1995ع ۾ انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج، ڪراچيءَ مان اي. ون گريڊ ۾ پاس ڪيائين. ان بعد ارونا حسين بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ آءِ. بي. اي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتان هن ايم. بي. اي جي ڊگري سال 2000ع ۾ امتيازي نمبرن سان حاصل ڪئي. شروعات ۾ ارونا ڪجهه عرصو هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، بعد ۾ شپنگ (جهاز راني) جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪمپنيءَ ”AP Moller Maersk Group “ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جتان پوءِ هن جي چونڊ ڊينمارڪ ۾ ٿيندڙ ٻن سالن جي تربيتي ڪورس ”Maersk International Shipping Education“ لاءِ پڻ ٿي، جتي 400 کان وڌيڪ ٽرينِيز (تربيت حاصل ڪندڙن) جي گلوبل بئچ مان هوءَ ٽاپ ٽين ڪئٽيگريءَ ۾ پهتي ۽ امتيازي نمبرن سان اهو ڪورس پاس ڪرڻ کانپوءِ سندس پوسٽنگ ٻن سالن لاءِ لنڊن ۾ اسسٽنٽ مئنيجر مارڪيٽنگ طور ڪئي وئي، جتي هوءَ 2003ع کان 2005ع تائين رهي. ان کانپوءِ پاڪستان ۾ مارڪيٽنگ مئنيجر طور ٻه سال ڪم ڪرڻ دوران سندس اعليٰ ڪارڪردگيءَ ۽ قائدانه صلاحيتن کي ڏسندي 2007ع ۾ مرسڪ لاجسٽڪس (Maersk Logistics) ۾ کيس ڪنٽري مئنيجر مقرر ڪيو ويو. ان ڪمپنيءَ ۾ سندس اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ ايتري ترقي ٿي، جو ان کي نئين نالي سان سڃاڻپ ڏئي، 2008ع ۾ کيس ان جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو. هن وقت اها ڪمپني ڊيمڪو پاڪستان (Damco) جي نالي سان پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪاروبار ڪري رهي آهي، ارونا انهيءَ سان گڏوگڏ 2009ع ۾ ڪمپني جي گلوبل سيٽ اپ ۾ پڻ ڊائريڪٽر منتخب ٿي، جڏهن ته هوءَ 2008ع کان ’ڊيمڪو، بنگلاديش‘ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر پڻ آهي. هوءَ ڪمپنيءَ جي ميٽنگن لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪندي رهي آهي، جن ۾ ڊينمارڪ، انگلينڊ، ڀارت، بنگلاديش، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ دبئي وغيره شامل آهن. ارونا حسين جون اهي ڪاميابيون سنڌي ڇوڪرين لاءِ اتساهه جو باعث آهن ته ڪنهن به شعبي ۾ سنڌي عورت به پاڻ مڃائي سگهي ٿي.[1]

ذاتي زندگي سنواريو

ارونا جي شادي پاڪستان جي هڪ مڃيل ماهر لسانيات ۽ تحقيقي ڪتابن جي مصنف پروفيسر ڊاڪٽر صبيحه منصور جي فرزند علي منصور سان ٿيل آهي.[1]

حوالا سنواريو