اختيار علي خشڪ
اختيار علي ولد ولي محمد خشڪ ڳوٺ حمزو خشڪ لڳ خدا آباد ضلعي دادوءَ ۾ 1974ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. راڳ جي لگار ننڍي هوندي کان لڳل هيس. پھريائين، حاجي خان خشڪ کان راڳ سکيو. پوءِ جيئن شوق وڌندو ويس تہ سکيا بہ مختلف استادن کان ورتائين. حافظ محمد اسحاق ٽلٽيءَ وارو راڳداريءَ جو وڏو ڄاڻو هو، جنھن وٽ پڻ راڳ سکيو، موري واري امانت علي کان ڳانو ٻڌرايائين. آخر ۾ گلزار علي خان وٽ پھتو. 2003ع ۾ ريڊيو تي نصير مرزا متعارف ڪرايس. ساڳي سال ٽي وي تي ڪچھري پروگرام ۾ سيد صالح محمد شاھ جي معرفت ڳايائين. سڌو گيت غزل ۽ يڪتاري تي ڪافي ڪلام سٺو ٿو ڳائي. سندس شاگردن جو انگ بہ ڪافي آهي، جن ۾ عبدالغفور جسڪاڻي، محمد قاسم فاروقي، عبدالسعيد خشڪ وغيره اچي وڃن ٿا. جلال کٽي ايوارڊ ۽ خداآباد سگا ايورڊ ماڻيا اٿس.[1]
عابده پروين، محمد يوسف، محمد شفيع، ٿر وارو ۽ فتح علي خان فنڪارن ۾ وڻندا اٿس. استاد بخاريءَ کي گهڻو ڳايو اٿس. اڙانہ ڪي بھار سندس پسند جي راڳڻي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "اختيار علي خشڪ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-05.