قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي 1897ع ۾ هندستان جي مسلم رياست جهونا ڳڙھ ڪاٺياواڙ جي هڪ قاضي خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن جا وڏا محمد بن قاسم جي دور ۾ عربستان مان هجرت ڪري سنڌ اچي، ٺٽي ۾ آباد ٿيا، جيڪي وري 1124ع جي لڳ ڀڳ شھنشاھ فرخ شير جي دور ۾ ٺٽي مان لڏپلاڻ ڪري جهونا ڳڙھ ۾ مستقل وڃي رهيا، هن جهونا ڳڙھ جي مھابت مدرسي مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪئي، قاضي اختر جي عملي زندگيءَ جو آغاز 1914ع کان ٿيو. هن 1988ع ۾ ادبي رسالو ’شھاب‘ جاري ڪيو، هن جو پسنديده موضوع اسلامي تاريخ ۽ اردو ادب ۽ تحقيق هو. انهن موضوعن تي هن بيشمار مضمون ۽ مقالا لکيا، هن جي تحقيق سبب ئي هي ڳالھ سامھون آئي تہ اردو جي پهرين باقاعده صاحب ديوان شاعر وليءَ جو تعلق اصل احمدآباد سان آهي، جنھن کي ڪافي عرصي کان ولي دکنوي چيو پئي ويو.

ورهاڱي کان پوءِ اختر جهوناڳڙهي پاڪستان آيو، جتي هن ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تان مھيني ۾ ٻہ دفعا عالم اسلام جي عنوان سان هن جون تقريرون نشر ٿينديون هيون، هي 1953ع کان وٺي وفات تائين سنڌ يونيورسٽي جي اسلامي تاريخ جي شعبي ۾ صدر ۽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، هن جون ڪيتريون ئي تصنيفون آهن، جن ۾: طبقات الامم (صاعد بن اندلسي جي ڪتاب جو ترجمو)، اسلام جو يورپ تي اثر (ترجمو)، عھد اسلامي ۽ ڪتب خانن جو نظام، اسٽڊي، اورينٽل اينڊ اسلامڪ، زرگل ۽ ٻيا گهڻا ئي ڪتاب لکيائين. هن جي وفات آگسٽ 1955ع تي ٿي.[1]