سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ۽ سياستدان 3- نومبر 1916ع تي ڏيپلي شهر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو . هو شهر ڏيپلي جو اوائلي چوٿون نمبر مئٽريڪيوليٽ ، ٻيو نمبر گريجوئيٽ ۽ پهريون ايڊووڪيٽ آهي . هن ايم . اي ۽ ايل . ايل . بي -بمبئي- مان ڪئي . ايم . ايڊ سنڌ مان ۽ ڊپلوما انٽرنيشنل لا لنڊن مان پاس ڪيو . هو 1945ع ۾ پهريائين سياست ۾ آيو ۽ قومي -اسيمبلي- -ٿر- جي سيٽ تي -ارباب- -توڳاچي- جي خلاف اليڪشن وڙهيو پر هار کاڌائين . پوءِ 1953ع ۾ -تعلقو- ڏيپلو ۽ مٺي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ بنا مقابلي چونڊيو ويو . هو 1961ع کان 1970ع تائين يونين ڪائونسل ڏيپلي جو چيئرمين رهيو . شهر ۾ ڊرينيج سسٽم ، زير زمين ناليون ، گهٽين ۾ پڪو فرش ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ، سندس ڪوششن جو نتيجو آهن . 1961ع کان پنج سال ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر ۽ پوءِ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهيو.[1]

حوالا سنواريو