چانڊيا: ھي بلوچ قوم آھي ۽ ھوت جو اولاد آھن، جو جلال خان ولد ھرين جو پٽ ھو. ھوت کي ٻه پٽ ھئا: حاجي ۽ حسين. انھيءَ جون ھي شاخون آھن_ حاجيءَ جو اولاد: غيباڻي، گھراماڻي، مرزاڻي، سمالاڻي ۽ چولياڻي؛ ۽ حسين جو اولاد: مناڻي، مصرياڻي، بھراڻي، قمبراڻي، منداڻي ۽ سندراڻي. ھي چانڊڪا جاگير ۾ رھندا ھئا، يعني شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي پاسي. غيبي ديرو انھيءَ جو مکيه شھر آھي، جو غيبي خان ولد ولي محمد جي پٺيان سڏبو آھي. انھيءَ کي وڏي جاگير مليل آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ گھڻن ھنڌن تي ھو جنگين ۾ شامل ٿيا آھن، خاص منگسين سان ھنن جو مدامي جھيڙو ھو، جنھنڪري چانڊيا مگسي سنڌيءَ ۾ پھاڪو ٿي ويو آھي.[1]پهريان ناڙيءَ تي سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ جي اتر اولهندي ۾ چانڊڪا رياست قائم ڪيائون. پنجاب ۽ سنڌ ۾ به سندن جاگيرون هيون. هينئر به ٿر تائين پکڙيل آهن.[2] چانڊڪو پرڳڻو چانڊين، ماڇين کان فتح ڪيو هو[2]. اُهي پهريان ناڙيءَ تي آباد هئا. باهمي ويڙهه کان پوءِ سنڌ جي اُتر اُولهندي ۾ چانڊڪي پرڳڻي ۾ رياست جو بنياد وڌو. اُهي پنجاب ۽ سنڌ تائين پکڙيل هئا[3].

چانڊيا (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام


ٻئي روايت موجب چانڊيو سنڌي ذات آهي جيڪي چانڊومل جو اولاد آهن.[حوالو گهربل]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو