احمد خان گلزار
احمد خان، تخلص ’گلزار‘ ذات پليجو ويٺل ڳوٺ جنگشاهي، ضلعو ٺٽو، 17 اپريل 1927ع تي ڄائو. ٻن سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. ڇھن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي ملا مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جا ٻہ درجا پاس ڪرڻ بعد ٺٽي جي مشھور محدث ۽ جيد عالم مولوي محمد حسين ٺٽويءَ وٽ دينيات جو فارسي ڪورس مڪمل ڪيائين. اڃا زير تعليم هو تہ سندس والده جو انتقال ٿي ويو. قلبي فڪر ۽ ذهني پريشانيءَ جي ڪري گلزار اڳتي پڙهي نہ سگهيو ۽ تعليم ترڪ ڪري گذر سفر لاءِ ڪيتريون ئي سرڪاري خواه غير سرڪاري ملازمتون ڪيائين. 1949ع ۾ تپيداريءَ جو ڪورس پاس ڪري تپيدار ٿيو ۽ آخر تائين انهيءَ ملازمت ۾ رهيو.
شاعريءَ ۾ سندس استاد پير محمد ’پياسي‘ هو. سندس ڪلام ۾ غزل، گيت، ڪافيون، بيت، مرثيا ۽ قصا وغيره شامل آهن. 1969ع ۾ گذاري ويو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ احمد خان گلزار، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.