ابو عبدالملڪ محدث سنڌي

ابو عبدالملڪ محمد، ابو معشر سنڌيءَ جو لائق فرزند هو ۽ پنهنجي زماني جي زبردست عالمن مان هڪ هو. خليفي محمدي انهي کي به مديني مان بغداد آندو. علم حديث مان پيءُ وانگر هي به بهره ور هو. بغداد ۾ ابن ابي ذئب، ابوبڪر هذلي سان سندس ملڻ ثابت آهي. پنهنجي والد جو ڪتاب ”المغازي“ انهن کان روايت ڪيو اٿائين. سندس شاگردن مان سندس صاحب زاده دائود ۽ حسن کانئس روايت ڪن ٿا، ان کان سواءِ ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن ليث جوهري ۽ ابو يعليٰ موصلي کانئس حديثون روايتون ڪيون آهن ۽ ابو حاتم به ان جي تصديق ڪئي آهي. 99 سال جي عمر ۾ 244ھ 838ع ۾ وفات ڪيائين.[1]