مولانا ابوالڪلام آزاد(انگريزي: Mulana Abu al Kalam Azad ) مشهور مفڪر، عالم دين ۽ عظيم سياستدان ھو. سندس سڄو نالو محي الدين احمد بن خيرالدين الحسيني ڪنيت ’ابوالڪلام‘ ۽ تخلص ’آزاد‘ هو. کيس اردو، ھندي ، عربي ،فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور ھيو. مذھب ۾ ھي ديوبندي خيالن جي ويجھو رھيو.

مولانا ابوالڪلام آزاد
سيد
مولانا ابوالڪلام محي الدين احمد
انڊيا جو پھريون وزير تعليم
عهدو سنڀاليو
15 آگسٽ

1947 – 2 فيبروري

1958
پيشرو عھدي جو آغاز
جانشين ڪي.ايل. شريمالي
صدر، انڊين نيشنل ڪانگريس
عهدو سنڀاليو
1923-1924
پيشرو محمد علي جوھر
جانشين مھاتما گانڌي
عهدو سنڀاليو
1940-1946
پيشرو راجندر پرساد
جانشين جي.بي.ڪرپلاڻي
ذاتي تفصيل
پيدائش 11 نومبر 1888(1888-11-11)
مڪو, حجاز ولايت, عثماني خلافت
(موجودہ مڪو, سعودي عرب)
وفات 22 فيبروري 1958 (عمر 69 سال)
دھلي, انڊيا
سياسي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس
جيون ساٿي زليخا بيگم
ڪرت دينيات جو ماھر، عالم، سياسي اڳواڻ
اعزاز ڀارت رتنا (1992 ۾ سندس موت بعد)
دستخط

خاندان سنواريو

مولانا آزاد جو خاندان شھنشاھ بابر جي دؤر ۾ ھرات، افغانستان مان انڊيا لڏي آيو. هي صديقي خاندان مان هو. سندس والد خيرالدين، مولانا محمد افضل جي ننڍي صاحبزادي محمد هاديءَ جو فرزند هو. محمد هادي مغل بادشاهه شاهجهان جي دور ۾ آگري ۾ سرڪاري ملازم هو[1]. مولانا آزاد جو والد خيرالدين ديني عالم ھيو ۽ سندس پي جي وفات بعد ھي دھلي ۾ پنھنجي ناني مولانا منور الدين سان گڏ رھندو ھو ۽ 1857 جي بغاوت جي ڪري[2] هندستان جون حالتون سازگار نه ڏسي، پنهنجي ناني سان گڏ مڪي معظمه ويو، جتي شيخ محمد بن طاهر وتري جي ڀاڻيجيءَ سان 1862ع ڌاري شادي ڪيائين[1]. کيس آگسٽ 1888ع ۾ مڪي شريف ۾، باب سلام جي ويجهو، قدوه محلي ۾ محي الدين احمد نالي فرزند ڄائو، جيڪو اڳتي هلي عالم اسلام جو جيد عالم ٿيو ۽ ابوالڪلام آزاد جي نالي سان مشهور ٿيو[1]. سندس پيءُ ھندوستاني ۽ ماء عرب ھئي جيڪي ھن جي پيدائش بعد مڪي کان ڪلڪتي لڏي آيا[3]. سندس پيءُ خيرالدين 1831 ۾ ڄائو ۽ 1908 ۾ وفات ڪئي[4]. سندس پيءُ مولانا خيرالدين الحسيني 12 ڪتاب لکيا ۽ سندس کوڙ مريد ھيا[5]. مولانا آزاد جي والدہ جو نالو شيخہ عاليہ بنت محمد ھو جيڪا مديني جي ھڪ عالم شيخ محمد بن ظاھر الوتري جي نياڻي ھئي[6][7]. مولانا جڏهن يارھن سالن جو ھيو تہ سندس ماءُ وفات ڪري وئي. مولانا آزاد جي زليخا سان شادي 13 سالن جي عمر ۾ ٿي.

تعليم ۽ تربيت سنواريو

مولانا آزاد پنجن سالن جي عمر ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي. سندس والد 1895ع ۾ علاج لاءِ ڪلڪتي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو. مولانا آزاد عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم والد وٽ ورتي، پوءِ مختلف استادن وٽ پڙهي، 1902ع ۾ تحصيل ۽ تڪميل ڪيائين، تعليم کي پڪي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت شاگردن کي پڙهائيندو رهيو[1]. خيرالدين دھلوي مذھبي ماڻهو ھيو ۽ ھن پنھنجي پٽ کي ديني تعليم گھر ۾ ئي ڏني[3].ھي تمام ذھين شاگرد ھيو ۽ سرسيد احمد ي جديد تعليم واري خيال کان گھڻو متاثر ھيو[3]. 1903ع ڌاري طب ۾ تعليم ورتائين. انهيءَ زماني ۾ شعر به چوڻ لڳو. مطالعي جو گهڻو شوق هئس. اردو مصنفن مان مولانا حالي، مولانا شبلي، ڊاڪٽر نذير احمد ۽ سر سيد احمد خان جا ڪتاب شوق سان پڙهيائين. 1905ع کان 1910ع تائين مذهبي ڪتابن جو پورو اڀياس ڪيائين. هن علامه ابن رشد، امام غزالي، مولوي محمد حسين آزاد ۽ ٻين عالمن جو پڻ مطالعو ڪيو[1].

صحافت ۽ سياحت سنواريو

 
وگنام ڪالا ڀون ۾ دوري دوران

اخبار نويسيءَ جو شوق 11 سالن جي عمر کان هئس. 1899ع ۾ ’نيرنگ خيال‘ رسالو ڪڍيائين، جيڪو 8 مهينا هليو. 1900ع ۾ ’المصباح‘ رسالو ڪڍڻ لڳو. 1903ع ۾ ’احسن الاخبار‘ ۾ مضمون لکيائين[1]. ساڳئي سال نومبر 1903ع ۾ ’لسان الصدق‘ نالي ماهوار رسالو ڪڍيائين[1]. 1904ع ۾ انجمن حمايت اسلام جي سالياني اجلاس ۾ تقرير ڪيائين. انهيءَ سال جي آخر ۾ والد سان گڏ حجاز ويو. ٻئي سال موٽڻ بعد، هن جي مولانا شبليءَ سان بمبئيءَ ۾ واقفيت ٿي، جنهن پنهنجي رسالي ’الندوه‘ جي ايڊيٽري هن جي حوالي ڪئي[1]. ان کان پوءِ 1906ع ۾ اخبار ’الوڪيل‘ امرتسر ۾ ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. اتان واپس ڪلڪتي اچڻ بعد اربندو گهوش ۽ ٻين انقلابي ڪارڪنن سان واقفيت ٿيس[1]. 15 آگسٽ 1908ع تي والد جي وفات کان پوءِ مولانا آزاد مسلمان ملڪن جي سير تي ويو. عراق، شام، مصر ۽ ترڪي گهمڻ کان پوءِ فرانس ويو، جتان موٽي وطن آيو. 1909ع جي سفر ۾ هن مسلمان ملڪن جي سياسي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي هلچل جو مطالعو ڪيو ۽ ڪيترن ئي قومپرست ۽ مذھبي اصلاح پسند ليڊرن سان ملاقات ڪئي[1][1]. جن سان ھن جي مذھبي خيالن ۾ ڪافي تبديلي آئي[3]. واپس اچڻ بعد 13 جولاءِ 1912ع تي هن مشهور اردو رسالو ’الهلال‘ ڪڍيو، جنهن ۾ هن مذهبي، ادبي ۽ سياسي مضمون لکي، پنهنجي قابليت جو سڪو هندستان تي ويهاري ورتو[1][3].ان رسالي ۾ ھن انڊيا جي مسلمانن کي ٻين ھندوستاني ماڻھن سان گڏجي آزاديءَ جي عدم تشدد واري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاء ھمٿايو[3].۽ ھندو مسلم ڀائيچاري لاء لکندو رهيو[8].

 
سر اسٽيفورڊ ڪرپس سان گڏ

سياست سنواريو

 
مولانا آزاد، پٽيل ۽ گانڌي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي 1940 واري بمبئي ۾ ٿيل اجلاس ۾

1913ع ۾ هن مسلم ليگ ۾ حصو وٺي، سر وزير حسين جي مشوري سان، ان جي مقصدن ۾ تبديلي ڪرائي، يعني مسلم ليگ سان گڏجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين[1]. 1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، لڙائيءَ دوران انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ جي پاليسي ڏيکاري، پر هن ديوبندي عالمن سان گڏ اها پاليسي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ’الهلال‘ ۾ آزادانه مضمون لکندو رهيو[1]. 14 ۽ 21 آڪٽوبر 1914ع جي ’الهلال‘ تي پابندي مڙهي وئي. ۽ مولانا آزاد 18 نومبر 1914ع کان ’الهلال‘ کي پاڻ ئي بند ڪري ڇڏيو[1]. 12 نومبر 1915ع ۾ هفتيوار رسالو ’البلاغ‘ شروع ڪيائين[1]. نئين سرڪار، کيس رانچي (بهار) ۾ 30 مارچ 1916ع تي نظربند ڪري رکيو. نتيجي طور کيس ’البلاغ‘ رسالو به بند ڪرڻو پيو. رانچيءَ ۾ نظربنديءَ دوران ’ترجمان القرآن‘ لکڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ زماني حال جي تقاضائن مطابق قرآن پاڪ جي تشريح ڪيائين[1]. 1919ع ۾ ڪتاب ’تذڪره‘ لکيائين[1]. 1920 ۾ ساڍا ٽي سال جيل ۾ بند رھيو جنھن بعد مھاتما گانڌي سان گڏجي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ پوء سموري زندگي ڪانگريس جو اڳواڻ رھيو ۽ ھندو مسلم ڀائيچاري جو ڪم ڪيو[3]. 1 جنوري 1920ع ۾ آزاد ٿيو. ان وقت آزاديءَ جي هلچل ۽ خلافت تحريڪ جو زور هو، جنهنڪري سموري هندستان جو سير ڪيائين[1]. فيبروري 7 8 9 10، 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير رشدالله شاهه جهنڊي واري جي صدارت ۾ ٿيل صوبه سنڌ خلافت ڪانفرنس ۾ تقرير ڪيائين[1]. 15 16 17 فيبروري 1920ع تي، بمبئيءَ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ بعد 20 فيبروري 1920ع تي ڪلڪتي ۾ خلافت ڪانفرنس جي اجلاس جي صدارت ڪيائين.مولانا آزاد، مهاتما گانڌيءَ سان ملي، حڪيم اجمل خان جي همراهيءَ ۾، ناگپور ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ سرڪار سان عدم تعاون جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان زماني ۾ هندو مسلم اتحاد جو اوج هو، ان ڪري مسجدن ۽ مندرن ۾ هندو ۽ مسلمان سياستدان ۽ عالم گڏجي تقريرون ڪرڻ لڳا[1]. مولانا سڄي هندستان جو سير ڪري تقريرون ڪيون. مارچ 1921ع ۾ لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ سرڪار جي جاري ڪيل منعنامي جي خلاف ورزي ڪندي زوردار تقرير ڪيائين[1]. سرڪار 7 8 9 19 جولاءِ 1921ع تي مولانا محمد عليءَ جي صدارت هيٺ سڏايل خلافت ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقريرن تي ڇهن ليڊرن کي سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو، جنهن ۾ مٿن الزام هو ته هنن ملٽريءَ کي بغاوت لاءِ آماده ڪيو هو[1]. مولانا آزاد عوامي گڏجاڻين ۾ اهي ٺهراءَ ورجائڻ لڳو. نومبر 1921ع ۾ پرنس آف ويلس هندستان آيو، جنهن جو سمورين سياسي تحريڪن بائيڪاٽ ڪيو. نتيجي طور مولانا کي 10 ڊسمبر 1921ع تي 124 اي قلم هيٺ ڪيس هلائي، هڪ سال سزا ڏني وئي. مولانا ان موقعي تي تاريخي بيان ڏنو، جيڪو ’قول فيصل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهي[1].

 
وارڌا ريلوي اسٽيشن تيآچاريا ڪرپلاڻي، سردار پٽيل ۽ سڀاش چندر بوس سان گڏ

ان وچ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ وڌي وئي. سيپٽمبر 1923ع ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس مولانا جي صدارت ۾ ٿيو، ڪو خاص نتيجو نه نڪتو، پر مولانا ڪوشش ڪندو رهيو. ان کان پوءِ مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا: (1) قومپرست گروهه (2) فرقي پرست گروهه. مولانا قومپرست گروهه سان رهيو[1]. 1925ع ۾ ڪانپور ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ صدارت ڪيائين. 1930ع ۾ سول نافرمانيءَ جي تحريڪ ۽ لوڻ جي قانون ٽوڙڻ واري تحريڪ ۾ 6 مهينا سزا ڪاٽيائين[1]. 1931ع ۾ جميعت العلماءِ هند جي آل انڊيا ڪانفرنس (ڪراچيءَ) جي صدارت ڪيائين. 1940ع ۾ رامڳڙهه واري ڪانگريس اجلاس ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1946 تائين ان عھدي تي فائز رهيو [3][1].

 
1946 ۾ شملا ڪانفرنس ۾ راجندر پرساد، محمد علي جناح، رام گوپال آچاريا سان گڏ

ھن ھميشه ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي مخالفت ڪئي[3]. ھن 1905 ۾ بينگال جي ورھاست جي بہ مخالفت ڪئي.

ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوء سنواريو

 
انڊيا جي پھرين ڪابينه جي تصوير جنھن ۾ مولانا نھرو جي پاسي ۾ ويٺل

ان کان پوءِ ڀارت جي آزاد حڪومت ۾ وزير تعليم ٿي رهيو[1] ھي انڊيا جو پھريون وزير تعليم ھيو[3]. ھي 1947 کان 1958 ۾ وفات تائين ان وزارت تي رھيو[3]. 1952 ۾ اتر پرديش جي رامپور ضلعي مان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي آيو[9]. انڊيا جي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ھن جي ڪوششن سان قائم ٿي.

 
انڊين ڪائونسل آف ڪلچرل رليشنز جي اجلاس ۾ مولانا آزاد خطاب ڪندي ڏيکاريل

پڇاڙي ۽ وفات سنواريو

 
ابوالڪلام آزاد جو دھلي ۾ مقبرو

22 فيبروري 1958ع ۾ وفات ڪيائين. جامع مسجد جي سامهون سرمد شهيد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ مدفون آهي[1].

تصنيفو ۽ ورثون سنواريو

 
نئين دھلي ۾ سندس ھڪ مجسمو

’ترجمان القرآن‘، ’تذڪره‘، ’غبار خاطر‘، ’آزاديء هند‘، ’انسانيت موت ڪي دروازي پر‘۽ سندس ٻيون تصنيفون شاهڪار حيثيت رکن ٿيون[1]. ھن جو سڀ کان اھم مذھبي ڪم قرآن شريف جو تفسير ترجمان القرآن ھيو جيڪو ھن 1931 ۾ جيل ۾ لکيو ۽ اھو تفسير ٻن جلدن تي مشتمل ھيو جنھن ۾ ھن قرآن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو[3]. مولانا آزاد اعليٰ پايي جو اديب، بيڊپو، قربانيءَ جو مجسمو، بلند پايي جو مفڪر، روح اسلام جو ڄاڻو ۽ ارادي جو پختو انسان هو[1].[10]

 
1988 ۾ انڊيا ۾ جاري ڪيل مولانا جي تصوير واري پوسٽ واري ٽڪلي

مائونٽ بيٽن نهرو ۽ مينن کي رڳو اهو چئي شملي گهرايو ته " اسان جا مهمان بڻجو Just to keep us company انهي مهمان نوازي دوران مائونٽ بيٽن نهرو ۽ پٽيل کي اهڙيون ته ڪي پٽيون پڙهايون جو اهي سندس ڳالهه مڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا. ايڊوينا انهي سلسلي ۾ پنهنجو ڪم ڏاڍي سٺي نموني سان سرانجام ڏنو ۽ مولانا آزاد کي صفا هيڪلو ڪري ڇڏيو ويو. هن سان رڳو ان وقت رابطو ڪيو ويو، جڏهن سڀ معاملا طئي ٿي چڪا هئا. واعدا وچن ٿي چڪا هئا.تنهن کان پوءِ نهرو مولانا آزاد ڏي ويو وضاحت پيش ڪندي چيائينس : ".......اهو منهنجي لاءِ سياڻپ وارو ڪم نه هو ته معاملي تي آئون لارڊ مائونٽ بيٽن جي مخالفت ڪريان کيس مسئلي جي اخلاقي يا جذباتي پاسي يا رخ جي ڪا به پرواهه نه هئس. هن کي اختيار منتقل ڪرڻا هئا ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو آخري برطانوي وائسراءِ ۽ هندستان جي پهرئين گورنر جنرل طور لکرائڻو هو ۽ بس"

مولانا آزاد جا ويچار سنواريو

مولانا ابوالڪلام آزاد ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اهڙي ڳٺ جوڙ تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو ته

".....ڪانگريس جنهن سدائين ملڪي ايڪتا ۽ وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي سان هاڻي مسلم ليگ جي مرضي سان هندستان جي ورهاڱي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ باضابطا هڪ ٺهراء آڻڻ جو سوچي رهي آهي.... منهنجي لاءِ اها ٿيڻ جوڳي ڳالهه ئي نه هئي ته آئون ڪانگريس پاران پنهنجي موقف تان اهڙي ڪريل طريقي سان هٿ کڻڻ واري عمل کي برداشت ڪيان.."

— [11]

مولانا آزاد اڳتي لکي ٿو:

"....حقيقتن ڏانهن سندس اهڙي عجيب انڌپڻي جو جيڪو واحد ڪارڻ منهنجي سمجهه ۾ ئي نٿو اچي , سو اهو آهي ته ڪروڌ يا نراسائي سندن سوچن تي عقل تي پردو وجهي ڇڏيو هو. ٿي سگهي ٿو ته هنن تي (نهرو ۽ جناح) ڪوبه طلسم طاري ڪيو ويو هو, جو لارڊ مائونٽ بيٽن ڪجهه کين چيو ٿي, هنن اکيون پوري ڪنڌ ڌوڻ ٿي ڪئي"

— [12]

ھن 2 سيپٽمبر 1946 ۾ لاھور جي دھلي دروازي جي ٻاھران ھڪ تاريخي تقرير ڪندي مسلم ليگ وارن کي مخاطب ٿيندي ھيٺيان لفظ چيا ھيا جيڪي سندس دورانديشي ۽ حڪمت کي ظاھر ڪن ٿا:

منهنجي ڳالهه ياد رکو، جيڪڏهن مسٽر جناح پنهنجي هوڏ تي اڙيو رهيو ته پوءِ هندوستان جو ئي ورهاڱو ڪو نه ٿيندو، پر اڳيان هلي جلد ئي پاڪستان به ورهائجي ويندو. امرتسر تائين جو علائقو هندوستان کڻي ويندو ۽ پاڪستان تي هوريان هوريان اهي ئي ماڻهو قابض ٿي ويندا, جيڪي اڄ به انگريزن جا نمڪ خوار آهن. پاڪستان اشرافيا (عمرائن) جي جنت هوندو، پر نانوي سيڪڙو عوام جي لاءِ اهي ئي ساڳيا ڏينهن رات هوندا جتي اسلام هڪ مسافر وانگر هوندو. مسلم ليگ وارئو! توهين هندوستان جي مسلمانن جي مسئلي جو حل پاڪستان ٻڌايو ٿا. منهنجو نقطه نگاهه آهي ته توهان جي ان ورهاڱي واري ڏنل حل سان اهو مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿيندو. ها ان سان مسلمان ٽن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويندا.

— 1946 ۾ لاھور ۾ خطاب، [13][14]

هن سن 1913ع ۾ الهلال ۾ لکيو هو ته: ”ملڪن ۽ قومن جي تاريخ ۾ هڪ وقت اچي ٿو، جنهن ۾ انسانن لاءِ زندگيءَ جي خواهش رکڻ گناهه ٿي پوي ٿو ۽ زندهه رهڻ کان وڌيڪ ڪو به جرم نٿو ٿئي... اهڙو وقت هر قوم ۽ ملڪ تي اچي ٿو ۽ قومن جي اٿل پٿل ۽ انقلاب مان هڪ قدرتي قانون تحت گذري وڃي ٿو. پوءِ بربادي ۽ تباهيءَ جو هر اهو ٻج جيڪو زمين ۾ پوکيو ويو هو سو نئين رُت جي شروع ٿيندي ئي زندگي ۽ نه زوالجندڙ حياتي جو ميوو ڏيڻ لڳي ٿو.[15]
مذهب ۽ سائنس جي اختلاف ۽ فرق کي مولانا هن طرح بيان ڪن ٿا: ”فلسفو شڪ جو دروازو کولي ڇڏي ٿو ۽ وري بند نٿو ڪري سگهي. سائنس ثبوت ڏئي ٿي پر عقيدو نٿي ڏيئي سگهي پر مذهب عقيدو ڏئي ڇڏي ٿو، ثبوت نٿو ڏي. هت زندگي گذارڻ لاءِ صرف ثابت ٿيل حقيقتن جي ضرورت ناهي پر عقيدي جي به ضرورت آهي. اسين صرف انهن ڳالهين تي قناعت نٿا ڪري سگهون جن کي ثابت ڪري ٿا سگهون ۽ مڃي ٿا وٺون. اسان کي ڪي ڳالهيون، اهڙيون به گهرجن جن کي ثابت نٿا ڪري سگهون، پر انهن کي قبول ڪريون ٿا[15].“
ترجمان القرآن جي مقدمي ۾، جيڪو رانچي ۾ نظربندي دوران لکيو ويو پر سن 1931ع ۾ شايع ٿي سگهيو هو. مولانا فرمائين ٿا: ”قرآن حڪيم پنهنجي طرز اسلوب، انداز بيان، خطاب ۽ استدلال جي طريقي، مطلب ته پنهنجي هر ڳالهه ۾ اسان جي گهڙيل ۽ جڙتو طريقن جو پابند ناهي ۽ نه ان کي پابند هئڻ گهرجي. هو پنهنجي هر ڳالهه ۾ نرالو طريقو رکي ٿو ۽ اهو ئي بنيادي فرق آهي، جيڪو نبين سڳورن جي هدايت جي طريقن کي علم ۽ حڪمت جي هٿرادو طريقن کان ممتاز ڪري ٿو. قرآن جڏهن نازل ٿيو ته هن جي مخاطبن جو پهريون گروهه به اهڙو ئي هو. تمدن جي گهڙيل ۽ جڙتو طريقن جو رنگ مٿن نه چڙهيو هو ۽ انهن جو دماغ فطرت جي سنئين سڌي فڪري حالت تي قائم هو[15].“

مسلمانن جي مذھبي تڪرارن تي تبصرو ڪندي لکيائين ته:

پنجاهه سال ٿيندا، شام ۾ مسلمانن جي هڪ گروهه ٻئي گروهه جي گهرن کي رڳو هن ڪري باهه ڏني هئي جو، هڪ جي خيال ۾ ‘حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه سڀ کان وڏو ولي آهي’ ۽ ٻئي جو چوڻ هو ته، ‘نه شيخ احمد رفاعي.’ هندستان جو حال هي آهي، جو اڄ تائين مون وٽ نهايت سنجيده لکڻين ۾ خط ايندا رهن ٿا. ”زيد چوي ٿو ته وڏي پير صاحب کان مٿي ڪو به ناهي. عمرو چوي ٿو ته حضرت مجدد الف ثاني کان مٿي ڪو به ناهي. نماز ڪنهن جي پٺيان جائز آهي؟“

هڪ ڀيري دل ۾ خيال آيو ته لکي ڇڏيان ته، ”ٻنهي جي پٺيان نه!“

جڏهن چار ئي فقهي مذهب ترتيب ڏنا ويا ۽ اُهي ڪافي مشهور به ٿي ويا ته انهن جي بنياد تي شخصي تقليد جو سبب پيدا ٿي پيو. تنهن وقت سوال پيدا ٿيو ته، انهن چئني امامن ۾ افضل ڪير آهي؟ حضرت امام ابوحنيفه يا امام شافعي؟ هاڻي بحث شروع ٿيو ۽ ان بحث جنگ جهيڙي ۽ رتوڇاڻ جي صورت اختيار ڪئي. هلاڪو خان کي اسلامي ملڪن تي حملي ڪرڻ جي همت خراسانين جي ان جهيڙي کان ٿي. حنفين شافعين جي ضد ۾ اچي پيغام موڪلي ڦاٽڪ کولي ڇڏيو. پوءِ جڏهن تاتارين جي تلوار هلي، ته ان نه شافعي کي ڇڏيو، نه حنفيءَ کي.

— [16]

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 1.24 1.25 1.26 1.27 1.28 1.29 1.30 ابوالڪلام آزاد : (Sindhianaسنڌيانا)-
  2. Biography Of Maulana Azad. Iccrindia.net. Retrieved on 7 December 2018.
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 79,
  4. انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام
  5. Biography Of Maulana Azad. Iccrindia.net. Retrieved on 7 December 2018.
  6. "Remembering Maulana Abul Kalam Azad: A Short Biography". Institute of Asian Studies. حاصل ڪيل 1 January 2013. Maulana Abul Kalam Azad was born on November 11, 1888, in Mecca. He came back to Calcutta with his family in 1890. 
  7. Azad, Abul Kalam (2003). India Wins Freedom: An Autobiographical Narrative. New Delhi: Orient Longman. pp. 1–2. ISBN 978-81-250-0514-8. https://books.google.com/books?id=q9_EW80LFjoC&pg=PA1. 
  8. "Maulana Abul Kalam Azad Biography – Maulana Azad Indian Freedom Fighter – Information on Maulana Azad – History of Maulana Abul Kalam Azad". www.iloveindia.com. حاصل ڪيل 3 November 2015. 
  9. "देश के पहले शिक्षा मंत्री, हिंदू-मुस्लिम एकता के हिमायती मौलाना अबुल कलाम आजाद" (en ۾). Newsd www.hindi.newsd.in. https://hindi.newsd.in/india-first-education-minister-maulana-abul-kalam-azad-death-anniversary/. 
  10. Abul Kalam Azad - Wikipedia
  11. India wins Freedom. pp 215
  12. wins Freedom p 226
  13. |خطاب؛ بيرون دهلي، دروازه لاهور، 2 سيپٽمبر 1946ع|
  14. روزنامه انقلاب، لاهور، 4 سيپٽمبر 1946ع
  15. 15.0 15.1 15.2 ڪتاب جو نالو: صدين جون صدائون (انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو) ليکڪ: امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد سنڌيڪار: عبدالرزاق ڊکڻ ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com-
  16. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named عبدالڪلام آزاد