ابن خلدون
(عربي ۾: عبد الرحمٰن بن مُحمَّد بن خلدون الحضرمي خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 27 مَئي 1332[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 17 مارچ 1406 (74 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
قاھرہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو مؤرخ،جج،فلسفي،سياستدان،ليکڪ[2]،شاعر[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي سماجيات،فلسفو،ائنٿراپالاجي،سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي

ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين، ابن خلدون تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو. قرآن مجيد حفظ ڪرڻ کان پوءِ فقه، حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جون سندون پنهنجي شهر مان حاصل ڪيائين. تاريخ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ڪري هن جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ کيس وڏي مڃتا ڏني. کيس تاريخ جو امام سڏيو ويو. جوانيءَ ۾ شاهي درٻار تائين پهتو. جليل القدر عهدن تي فائز رهيو. غرناطه جي امير ۽ قشاله جي حاڪم جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ سفير مقرر ٿيو. بعد ۾ قاهره (مصر) پهتو، جتي به هن کي عزت سان نوازيو ويو. سلطان برقوق کيس مالڪي مسلڪ جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. آخر ۾ قاهره ۾ ئي 28 رمضان 808ھ/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب مقدمه ابن خلدون جا ڪجهه باب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ڇپايو هو. ابن خلدون جي شهرت جو وڏو سبب سندس تاريخ جو فلسفو ۽ سماجياتي نظريا آهن، جيڪي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ’مقدمه ابن خلدون‘ ۾ قلم بند ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌي،اردو، انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي. ٻيا اهم ڪتاب ”البرده“ ”الحساب“ ۽ ”المنطق“ آهن.[5]

حوالا سنواريو

  1. http://apnaorg.com/books/english/ibn-e-khuldun/ibn-e-khuldun.pdf
  2. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  3. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library
  4. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/170212451
  5. ابن خلدون : (Sindhianaسنڌيانا)