ائٽمي هٿيار گهٽائڻ جو معاهدو

ائٽمي هٿيار گهٽائڻ جو معاهدو يا اسٽريٽجڪ آرمس رڊڪشن ٽريٽي (Strategic Arms Reduction Treaty or START) آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ 31 جولاءِ 1991ع تي ٿيل ٻہ طرفي ٺاھ جو نالو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وٽ موجود 1600 جھازن، ميزائيلن ۽ ٽوٻر سامونڊي ٻيڙن تي 6000 کان وڌيڪ ائٽمي هٿيار لڳائڻ تي بندش مڙهي وئي. هي معاهدو انساني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڳُوڙهو ۽ وڏو مُذاڪراتي سلسلو هو. ان جي لاڳو ٿيڻ سان 2001ع تائين موجود 40 سيڪڙو ائٽمي هٿيارن جو خاتمو ممڪن ٿيو. آمريڪي صدر رونالڊ ريگن ئي ان معاهدي کي START-I جو نالو ڏنو هو. اسٽارٽ ون ٺاھ تحت ئي ٻنهي لڳ ڀڳ 6 هزارن جي انگَ ۾ ايٽمي هٿيار ختم ڪيا هئا. 2009ع ۾ ان معاهدي جو مُدو پورو ٿي ويو آهي. تنھنڪري 3 جنوري 1993ع ۾ روس ۽ آمريڪا ان حوالي سان هڪ ٻيو ٺاھ START-II ڪيو هو. ان ٺاھ تحت هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪندڙ ڏيهان ڏيهي ميزائلن جو انگ گھٽائڻ جو چيو ويوهو. اڳتي هلي آمريڪا طرفان اينٽي بلاسٽڪ ميزائيل (ABM) ٺاھ تان هٿ کڻي وڃڻ ڪارڻ جواب ۾ روس 14 جون 2002ع ۾ اسٽار ٽو ٺاھ تان هٿ کڻي ويو هو. پر پوءِ ٻنهي ملڪن واري START-III جي نالي سان ٺاھ ڪري هٿيارن ۾ لاٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو هو. پر اهو ٺاھ هيلنسڪيءَ ۾ ٿيل ڇڙين ڳالهين کان اڳيان وڌي نه سگھيو. ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين شروعات يا نيو اسٽارٽ (NEW START) جي نالي سان پراڳ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي. ان ٺاھ ۾ ايٽمي ميزائيل ڇوڙيندڙ لانچرن جو انگ گھٽائڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي راضپو ڏيکاريو ويو هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد