آڏي لاشاري
ديھ آڏي لاشاري(انگريزي: Deh Adi Lashari) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا چنجڻي تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ کي مقامي لھجي ۾ آڏي لشاري سڏيندا آهن
آڏي لاشاري (وارھ) ديھ آڏي لشاري | |
---|---|
ديھ | |
Deh Adi Lashari | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°19′57″N 67°54′06″E / 27.33250°N 67.90167°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 4,644 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1954ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ کڏھري تپي م واقع ھئي بعد ۾ چنجڻي تپي جي قيام بعد ان کي نئين تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ان نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ان وقت ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاشاري، ڳوٺ حاڪم ڏيپر (جيڪو 1954ع م ڪور رحيم خان تي نئون قائم ٿيل ڳوٺ ھيو)، ڳوٺ آڏي لشاري، ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۽ ان ڀرسان ڪانڌڙن جو ڳوٺ واقع ھيا[2]. ڳوٺ اڏي لشاري ان وقت بہ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھيو ۽ ڳوٺ لاشاري ۽ ڳوٺ ميانداد چنجڻي ديھ جا وڏا ڳوٺ ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميانداد چنجڻي، ڳوٺ محمد پنھل چنجڻي واقع آھن باقي ٻيا غيرمعروف ٿي چڪا آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نصيرآباد، اوڀر ۾ ديھ چنجڻي، اولھ ۾ ديھ مڱيو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کڏھري ۽ ديھ آڏي ڌامراھو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,644 ھئي جيڪا 760 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. هن ديھ ۾ ڳوٺ آڏي لاشاري جي آبادي ڏيڍ سئو کن آهي ۽ هتي پرائمري اسڪول پڻ آهي.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
- ↑ آڏي لاشاري : (Sindhianaسنڌيانا)