آچاريه ڪرپالاڻي

آچاريه ڪرپالاڻي
(هندي ۾: आचार्य कृपलानी خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 11 نومبر 1888[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
حيدرآباد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 19 مارچ 1982 (94 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)
ڀارت (26 جنوري 1950–)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
زال سوچيتا ڪرپلاڻي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[3]،هندي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

آچاريه ڪرپالاڻي جو پيدائشي نالو جيوترام ڀڳوانداس ڪرپالاڻي هو، پر سياست ۾ اچڻ کان پوءِ ”آچاريه ڪرپالاڻيءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. 1888ء ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ولسن ڪاليج بمبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. بنگال جي ورهاڱي خلاف هلچل ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪاليج ڇڏڻو پيس. انکان پوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. 1912ء ۾ ايم. اي پاس ڪري، سکر ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ بهار صوبي جي مظفر ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳو. جيئن ته ڪرپالاڻي سنڌي هو، تنهنڪري بهاري شاگرد کانئس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. 1917ء ۾ جڏهن مهاتما گانڌيءَ ستيا گره هلچل شروع ڪئي ته ان جو ساٿ ڏنائين. مهاتما گانڌي مظفرپور ۾ وٽس اچي ترسندو هو، انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. ان کان پوءِ آچاريه ڪرپالاڻيءَ سڄي زندگي مهاتما گانڌيءَ جو ساٿ ڏنو. 1918ء ۾ پنڊت مدن موهن مالويه جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1919ء ۾ بنارس جي هندو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ سياسيات جو استاد بڻيو. 1920ء ۾ جليانوالا باغ واري واقعي تي مهاتما گانڌيءَ سِول نافرماني تحريڪ شروع ڪئي ته آچاريه ڪرپالاڻي به وديشِي ڪپڙن کي ساڙي هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ ائين سال کن کان پوءِ وري اچي گانڌيءَ سان شريڪ ڪار ٿيو. 1922ء کان 1937ء تائين هو ”گجرات وديا پيٺ“ جو پرنسپال رهيو، 1934ء ۾ انڊيا ڪانگريس آل انڊيا ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1946ء تائين اهو عهدو وٽس رهيو، آڪٽوبر 1946ء ۾ انڊيا ڪانگريس آل انڊيا ڪانگريس جو صدر منتخب ٿيو، پر پوءِ پارٽيءَ ۾ اختلافن سبب استعيفا ڏنائين. انگريزن خلاف سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ويو. ورهاڱي بعد ڀارت جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1951ء ۾ پنهنجي ڌار سياسي پارٽي ”ڪانگريس نيشنل ڊيموڪريٽ فرنٽ“ قائم ڪيائين، 1952ء کان 1957ء تائين لوڪ سڀا جو به ميمبر رهيو. آزاد خيال ۽ ڪشاده دل انسان هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس وفات 1982ء ۾ ٿي.[4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Jivatram-Bhagwandas-Kripalani — subject named as: Jivatram Bhagwandas Kripalani — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. 2.0 2.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb124116901 — subject named as: Jiwatram Bhagwandas Kripalani — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  3. Identifiants et Référentiels — اخذ شدہ بتاریخ: 4 مَئي 2020 — ناشر: Agence bibliographique de l'enseignement supérieur
  4. آچاريه ڪرپالاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)