آلو ارجن

ڏکڻ ڀارت سينيما جو ڀارتي فلم اداڪار

اللو ارجن (انگريزي ٻولي: Allu Arjun) (تيلگو: అల్లు అర్జున్) ؛ پيدائش: 8 اپريل 1983ء، چنائي، تمل ناڊو، ڀارت)، ڏکڻ ڀارتي سينيما جو ھڪ فلم اداڪار آھي، جيڪو تيلگو ٻولي جي فلمن ۾ ڪم ڪندو آھي.ڪيترن ئي سالن کان تيلگو سنيما سان واڳيل ھڪ ڪلاڪار خاندان ۾ سندس پيدائش ٿي ھئي. ھي ڀارتي فلم پروڊيوسر اللو ارويند جو پُٽ، تيلگو ۽ ھندي فلم اداڪار چرن جيوي جو ڀائيٽيو ۽ رام چرن جو سئوٽ آھي. ھن 2 نندي اعزاز ۽ 5 فلم فئير اعزاز ماڻيا آھن.[1][2]

اللو ارجن
Allu Arjun

اللو ارجن، 2015 ۾
پيدائش اپريل 1983 (عمر 40–41 سال)
چينائي، تمل ناڊو
رھائش حيدر آباد، تلنگانہ، ڀارت
قوميت ڀارتي
ٻيا نالا بني، اسٽائلش اسٽار، مللو ارجن
پيشو اداڪار، پروڊيوسر، ڊانسر، پس پردہ گلوڪار
سَرگَرمُ سالَ 2001–present
جيون ساٿي سنيھا ريڊي (شادي۔ 2011ع کان حال)
ماءُپيءُ اللو ارويند
اللو نرملہ

اللو ارجن بطور ھيرو فلمي سفر جي پھل (شروعات) فلم گنگوتري (2003ء) سان ڪئي، وري 2004ء جي فلم آريہ ۾ ھڪ طرفي محبت ڪندڙ يونيورسٽي شاگرد جو ڪردار نڀايو. اُن فلم کانپوءِ نوجوانن ۾ اللو ارجن جي ھاڪ بيھجي وئي[3][4][5] جيئن تہ شروعاتي فلمن ۾ ھِن کي گھڻي موٽَ (پزيرائي) نہ ملي ھُئي، پَر آريہ فلم جي سيڪوئل آريہ 2 اللو ارجن کي شُھرت جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو.

اللو ارجن جون سموريون فلمون مليالم ۽ ھندي ٻولي ۾ ڊَب ٿي چُڪِيُون آھن. اُتر ڀارت، بنگلہ ديش ۽ پاڪستان ۾ ھن جا ڪيترائي شوقين (فينز) آھن، جيڪي سندس فلمن جي ھندي ڊبنگ ورزن کي وڏي شوق سان ڏسندا آھن. انکانسواءِ انڊيا جي رياست ڪيرالا ۾ کيس مللو ارجن نالو سان سُڃاتو ويندو آھي.

آللو ارجن ڏکڻ ھندستان جو اڪيلو اداڪار آھي، جنھن جون فلمن سرئنوڊو ۽ دوواڊا جگناٿم جي ھندي ڊب ورژن يوٽيوب تي 15 ڪروڙ ويوز (ڏسندڙ) ماڻِيا آھن. ھن جون ڪيتريون ئي فلمون تمل زبان ۾ پڻ ڊب ۽ ٻيھر (ري ميڪ) بڻايون ويون آھن. 2018 تائين ھيءُ ڏکڻ ھند جو واحد اداڪار ھيو جنھنکي فيسبُڪ جي باضابطہ اڪائونٽ تي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ پسند (لائڪس) مليا ھيا.[6][7][8][9]

ابتدائي زندگي سنواريو

اللو ارجن، 8 اپريل، 1983ء تي چينائي، تمل ناڊو، ڀارت ۾ ڄائو ھيو. اللو ارجن جو پيءُ اللو ارويند ھڪ معروف صنعت ڪار ۽ پروڊيوسر ۽ سندس ماءُ نرملا ھڪ گھريلو عورت ھئي. اللو ارجن مشھور مزاحيہ اداڪار اللو رامالنگيہ جو پَوٽَو آھي.

سندس ٻين قابل ذڪر مائٽن (رشتيدار) ۾ سندس چاچو چرن جيوي ۽ پون ڪلياڻ ۽ سئوٽُ رام چرن شامل آھن. اللو ارجن جو ڀاءُ اللو سريش پ۾ ھڪ اداڪار آھي. 6 مارچ 2011 تي اللو ارجن حيدرآباد ۾ اداڪارہ سنيھا ريڊي سان پرڻو رچايو.

فلمي سفر سنواريو

ننڍپڻ ۾ ھن چائلڊ اسٽارڀطور فلمن ۾ ڪم شروع ڪيو.

شروعاتي سفر: 2003 کان 2007 سنواريو

ننڍپڻ ۾ اللو پنھنجي پيءُ اللو ارويند پاران پروڊيوس ٿيل فلمن وجيتا ۽ سواتي موتيم ۾ بطور چائلڊ آرٽسٽ ڪم ڪيو. 2001ع ۾ الو ارجن فلم ڊيڊي ۾ بطور ناچو (ڊانسر) ھڪ معمولي ڪردار ادا ڪيو. پوءِ، اللو ارجن جي بطور ھيرو پھرئيون ڀيرو 2003 جي فلم گنگوتري جاري (رليز) ٿي. جنھن جي ھدايت ڪار ڪي راگھويندر راؤ ھيو. ان فلم سينما تي سئو ڏينھن پُورا ڪيا ۽ ھڪ ڪامياب فلم ثابت ٿي ھئي.[10] سندس ٻئي فلم آريہ ھُئي، جيڪا 2004ء ۾ جاري (رليز) ٿي ۽ باڪس آفس تي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. [11] ان فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ، نوجوانن منجھ اللو ارجن جو ھڪ نالو ٿي پيو.

2005ء ۾ سندس ٽئين فلم بني جاري (رليز) ٿي، اُن فلم پڻ سُٺي ڪاميابي ماڻي، جيڪا سندس لاڳاتار ٽئين ھِٽ فلم رھي. پر سندس چوٿين فلم ھيپي ھئي، جيڪا 2006ء ۾ جاري (رليز) ٿي ۽ باڪس آفس تي وچئين (اوسط) درجو تي رھي.[12] تنھن ھوندي بہ، امريڪا ۾ اُھا فلم گھڻو نفعو ماڻڻ ۾ سوڀاري (ڪامياب) رھي.[13]

ڪاميابي: 2007 - 2012 سنواريو

2007ء ۾، سندس پنجئين فلم ديسمڊرو جاري (رليز) ڪئي وئي، جنھن کي پوري جگناٿ ھدايتڪاري ڏني. ھيءَ فلم باڪس آفس تي گھڻي ھِٽ ثابت ٿي ۽ ٽولی وڊ ۾ سال 2007ء جي ھِٽ فلمن منجھان ھِڪَ ھُئي.[14] اِن فلم جاري ٿيڻ جي پھرئين ھفتي ئي سانچو:ڀارتي روپيو12.58 ڪروڙ جي ڪَمائي ڪئي. انھيءَ سال اللو پنھنجي چاچو چرن جيوي جي فلم شنڪر دادا زندہ باد ۾ خصوصي ظھور ڪيو.

2008ء ۾، سندس ڇھين فلم پروگو کي جاري (رليز) ڪيو ويو، جنھنجو ھدايت ڪار ڀاسڪر ھيو. ھيءَ فلم گھڻي ھِٽ ثابت ٿي. 2014ء ۾ ھيءَ فلم ٽائيگر شروف ۽ ڪريتي سينون ساڻ ٻيھر ھيروپنٿي جي عنوان ساڻ بڻائي وئي.

اللو ارجن جي سمورئين فلمن کي مليالم ۽ ھندي ۾ ڊَبِ ڪيو ويو آھي. ان جو ڪارڻ رياست ڪيرلا ۾ الو ارجن جي ناظرين لاءِ قابل رسائي بڻايو ويو، جتي انکي گھڻي مقبوليت حاصل ٿي.

2009ء جي لاءِ، ارجن جي ھڪ فلم آريہ 2 جاريبٿي ھُئي، اھا فلم 2004ء جي ھِٽ فلم آريہ جو سيڪوئل ھئي. فلم جي ھدايتڪاري سوڪومار پاران ڪئي وئي ھئي، جيڪو آريہ فلم جو پڻ ھدايت ڪار ھيو. آريہ 2 ۾ ارجن سان گڏ ڪاجل اگروال ۽ نوديپ پڻ ڪم ڪيو آھي. جيئن تہ سياسي بُحران ۾ ان فلم کي جاري (رليز) ڪيو ويو ھيو، ان ھوندي بہ فلم باڪس آفس تي سانچو:ڀارتي روپيو33 ڪروڙ روپيا جا ڏوڪڙ(رقم) حاصل ڪئي، ان فلم کي ھڪ اھم ڪاميابي قبول ڪيو ويو ۽ تيلگو فلم صنعت جي سمورن اھم اعزازن (ايوارڊز) جي تقريب ۾ بھترین فلم جي زمري ۾ نامزد ڪيو ويو ھيو.

انکانپوءِ ھن فلم وروڊو ۾ اداڪاري ڪئي، جنھن جو ھدايت ڪار گنا شيکر ھيو، ان فلم کي 2010ء ۾ جاري ڪيو ويو. اھا فلم جائزي ۽ ڪاروباري ڏينھن (ورڪنگ ڊيز) لحاظ کان اوسط درجہ تي رھي. انکانپوءِ، ھڪ سڀ-ستارن جي فلم ويدم ۾ مانچو منوج، منوج باجپائي، دڪشا سيٺ، ليکا واشنگٽن ۽ انوشڪا شيٽي سان گڏ اداڪاري ڪندي نظر آيو. جنھم جي ھدايت ڪاري ڪرش پاران ڪئي وئي، انھيءَ فلم ۾ ارجن پنھنجي فلمي سفر جو بھترين ايڪشن ڏنو ھيو، ان فلم کي گھڻي واکاڻِ حاصل ٿي.

ارجن جي اڳئين فلم بدري ناٿھئي بدري ناٿ ڪُجھ خاص نہ ڏيکاري سگھي ھـئي ۽ باڪس آفس تي فلاپ رھي. 2012ء ۾ ارجن ھڪ ڇُڙواڳ (آوارہ) ڇوڪري جو ڪردار، فلم جولائي ۾ نڀايو جنھن ۾ ھو سانچو:ڀارتي روپيو1500 ڪروڙ جي چوري جو گواہ بڻجي ٿو، اھا فلم تري وڪرم سرينيواس ھدايت ڪئي ۽ باڪس آفس تي چڱي ڪمائي ماڻڻ ۾ سوڀاري (ڪامياب) ٿي ھئي.

2013ء کان ھينئر تائين سنواريو

  2013ء ۾ اللو ارجن جي فلم اددراممالياٿو جاري ڪئي وئي، ان فلم باڪس آفس تي ٻَڙِڌڪ (ڌوم) مچائي ڇڏي، انکانپوءِ ھن پنھنجي ھڪ مختصر فلم آئي ايم ڊيٽ چينج پروڊيوس ڪئي، ان جو ھدايت ڪار سوڪومار ھيو، اھا فلم يو ٽيوب تي جاري ڪئي وئي. 2014ء ۾ سريندر ريڊي جي ھدايت ڪيل فلم ريس گروم ۾ شروتي ھاسن سان گڏ نظر آيو، ان فلم باڪس آفس تي سانچو:ڀارتي روپيو130 ڪروڙ جي ڪمائي ڪئي.

انکانپوءِ ومسي پيڊي پلي جي ھدايت ڪيل، اداڪار رام چرن جي فلم يواڊو ۾ مھمان ڪردار ادا ڪيو. 2015ء ۾ تري وڪرم سرينيواس جي ھدايت ڪيل فلم سن آف ستيہ مورتي ۾ اداڪاري ڪندي نظر آيو.ان فلم ۾ ھن وراج انند جو ڪردار نڀايو، جيڪو پنھنجي پيءْ جي وفات کانپوءِ ان جي عزت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھا فلم باڪس آفس تي ھِٽ ٿي وئي ھئي. رواں سال فلم رڌراما ديوي ۾ انوشڪا شيٽي ۽ رانا دگوبتي سان گڏ اداڪاري ڪندي نظر آيو.

2016ء ۾ بوياپتي سرينو جي ھدايت ڪيل فلم سرئنوڊو ۾ نظر آيو، ان فلم ۾ ارجن گنيش عرف گنا جو ڪردار نڀايو، جيڪو ظلم جي خلاف آواز اُٿاري ٿو، ان فلم جو ھندي ڊب ورژن پھريون اھڙو ڏکڻ ھند جي ڪنھن فلم جو ھندي ڊب ورژن آھي جنھن يوٽيوب تي سڀ کان پھرئين 10 ڪروڙ ۽ پوءِ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏسڻيون (ويوز) ماڻيا.

2017ء ۾ ھريش شنڪر جي ھدايت ۾ ٺھندڙ فلم دوواڊا جگناٿم ۾ نظر آيو، ان فلم ۾ ارجن ھڪ اھڙي براھمڻ جي ڪردار ۾ نظر آيو جيڪو ظلم ٿيڻ تي دوواڊا جگناٿم کام ڊي جي بڻجي وڃي ٿو، انفلم کي ماڻھن پسند نہ ڪيو پر فلم باڪس آفس تي سانچو:ڀارتي روپيو140 ڪروڙ ڪمايا، ان فلم جو ھندي ڊب ورژن. يوٽيوب تي 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏسڻيون (ويوز) ماڻيا.

2018ء ۾ الو ارجن ھڪ ڪاوڙيئل (غصو وارو) فوجي سوريا (جيڪو پنھنجي ڪاوڙ سبب پنھنجو پيار، ۽ پنھنجي نوڪري وڃائي ويھي ٿو) جو ڪردار فلم نا پيرو سوريا نا الو انڊيا ۾ ادا ڪيو، ان فلم جو ھدايت ڪار، مشھور ليکڪ وڪنٺم ومسي ھيو، جيڪو ان فلم وسيلي پنھنجي ھدايتڪاري جي سفر جو آغاز ڪري رھيو ھيو. ان فلم کي باڪا آفس تي فلاپ قرار ڏنو ويو. ان فلم جو ھندي ڊب ورژن سوريا دي سولجر جي عنوان ھيٺ 7 سيپتمبر، 2018ء تي جاري (رليز) ڪيو ويو، ھندي ورژن کياُتر ڀارت، نيپال بنگلہ ديش ۽ پاڪستان جي شوقينن ڏاڍو ساراھيو، اھو ھندي ورژن 13 آڪٽوبر، 2018ء تي زي سنيما تي نشر (ٽيلي ڪاسٽ) ڪيو ويو

2019ء ۾ اللو ارجون ھدايت ڪار سريندر ريڊي جي ھدايت ڪيل، اداڪار چرن جيوي جي فلم سئي را ناراسمھا ريڊي ۾ خصوصی ظھور ڪيو، ان فلم جو پروڊيوسر رام چرن آھي.

فلموگرافي سنواريو

فلمون سنواريو

چاٻي
  ھي ظاھر ڪري ٿو تہ فلم اڃا تڪميل ھيٺ آھي
فلم سال ڪردار ساٿي فنڪار ھندي ڊب / ري ميڪ / ماخذ ھدايت ڪار تبصرو
وجيتا
(فاتح)
1985ء Unknown چرن جيوي، ڀانو پريا، شارڌا ري ميڪ (ھندي): صاحب ڪوڊنڊرامي ريڊي چائلڊ آرٽسٽ
سواتي موتيم
(اڇو موتي)
1986ء Unknown ڪمل ھاسن، راڌيڪا، سرٿ بابو ري ميڪ (ھندي): ايشور ڪسنٿيني وسواناٿ چائلڊ آرٽسٽ
ڊيڊي
(والد)
2001ء گوپي چرن جيوي، سمرن، راجيندر پرساد، اشيما ڀلا ھندي ڊب: ميري عزّت سوريش ڪرشنا مھمان ڪردار
گنگوتري 2003ء سمھدري اديتي اگروال، پرڪاش راج، سمن ھندي ڊب: گنگوتري رگھويندرا راؤ پھترئين فلم بطور مُک ڪردار
آريہ 2004ء آريہ انو مھتا، سيوا بالاجي، راجن پي ديو ھندي ڊب: آريہ جي پريم پرتگيہ سوڪومار
بني 2005ء بنني / راجا گوري منجل، پرڪاش راج، سرٿ ڪمار، مڪيش رشي ھندي: بنني دا ھيرو وي وي ونايڪ
ھيپي
(خوش)
2006ء بنني جيلينا ڈي سوزا، منوج باجپائي،برھمانندم ھندي ڊب: دم اي ڪارناڪرن
ديسمڊرو
(سُندر ڇوڪرو)
2007ء بالا گووند ھنسيڪا موٽواڻي، پرديپ راوت، علي ھندي ڊب: ايڪ جوالہ مکي پوري جگناٿ
شنڪر دادا زندہ باد سانچو:Mdash چرن جيوي، ميڪا سري کانٿ، ڪرشما ڪوٺڪ، سياجي شنڊي ماخذ از (ھندي): لگي رھو منّا ڀائي پرڀو ديوا خصوصي ظھور
پروگو
(ڊوڙ)
2008ء ڪرشنا شيلا ڪور، پونم باجوا، پرڪاش راج، سنيل ھندي ڊب: ويرتا دا پاور
ري ميڪ (ھندي): ھيروپنتي
ڀاسڪر
آريہ 2 2009ء آريہ ڪاجل اگروال، نوديپ، مڪيش رشي، شرڌا داس ھندي ڊب: آريہ: اڪ ديوانہ سوڪومار
وروڊو 2010ء سنديپ / سينڊي آريہ، ڀانو شري مھرا، آشيش وديارٿي، ھمدي ڊب: اڪ اور رڪشڪ گنا سيکر
ويدم
(گنگنانا)
آنند راج / ڪيبل راجو انوشڪا شيٽي، منچو منوج، دڪشا سيٺ ھندي ڊب: انتم فيصلہ
ري ميڪ (تامل): وانم
ڪرش
بدري ناٿ 2011ء بدري / بدري ناٿ تمنا ڀاٽيا، پرڪاش راج، ڪيلي ڊورجي ھندي ڊب: سنگھرش اور وجي وي وي ونايڪ
جولائي
ڇُڙواڳ (آوارہ گرد)
2012ء روي نارائڻ اليانا ڊي ڪروز، سونو سود، رجيندر پرساد ھندي ڊب: ڊينجرس کلاڙي
ري ميڪ (تامل): سگاسم
تري وڪرم سرينيواس
اددراممالياٿو
(ٻن عورتن سان گڏ)
2013ء سنجي ريڊي امالا پال، ڪيٿرين ٽريسا، برھمانندم ھندي ڊب: ڊينجرس کلاڙي 2 پوري جگناٿ
آئي ايم ڊيٽ چينج
(آئون آھيان ھڪ تبديلي)
2014ء ظھور از خود مختصر فلم سوڪومار پروڊيوسر
ريس گروم
(ريس جو گھوڙو)
لڪشمڻ پرساد / لڪي شروتي ھاسن، شيام، سلوجي اشوني، روي ڪشن ھندي ڊب: مئين ھون لڪي دا ريسر سريندر ريڊي
يواڊو
(وہ ڪون ھي؟)
ستيہ رام چرن، ڪاجل اگروال، شروتي ھاسن، ايمي جيڪسن ھندي ڊب: يواڊو ومسي پيڊي پلي مھمان ڪردار
سن آف ستيہ مورتي
(ستيا مورتي جو پُٽ)
2015ء وراج آنند سامنٿا اڪينيني، نٿيا مينن، پرڪاش راج، اُپيندرا ھندي ڊب: سن آف ستيہ مورتي تري وڪرم سرينيواس
رڌراماديوي گونا گننا ريڊي انوشڪا شيٽي، رانا دگوبتي، نٿيا مينن، پرڪاش راج ھندي ڊب: رڌراماديوي گنا سيکر
سرئنوڊو
(صحيح شخص)
2016ء گنيش / گنا رڪول پريت سنگھ، ڪيٿرين ٽيريسا، آدي پنني سيٽي ھندي ڊب: سارئنوڊو بوياپتي سرينو
دوواڊا جگناٿم 2017ء دوواڊا جگناٿم شاستري / ڊي جي پوجا ھيگڙي، راؤ رميش ھمدي ڊب: ڊي جي ھريش شنڪر
نا پيرو سوريا نا الو انڊيا
(منھنجو نالو سوريا منھنجو گھر سوريا)
2018ء سوريا انو ايمانويل، بومن ايراني، بوبي سمھا ھندي ڊب: سوريا - دي سولجر وڪنٺم ومسي

الک نندا 

2020ء اڃا پوءِ اعلان ٿيندو پوجا ھيگڙي تري وڪرم سرينيواس بينر : گيتا آرٽس

آئڪن :  ڪنابڊوتا ليڊو 

2020ء اڃا پوءِ اعلان ٿيندو وينو سري رام بينر : دِل راجو

حوالا سنواريو

  1. "Forbes 2015 Celeb 100: Mahesh, Kamal, Rajini, Suriya, Rajamouli, Prabhas, Kajal, Shruti make it to list". International Business Times, India Edition. وقت 15 نومبر 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-11-15.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  2. A. S., Sashidhar. "Review : Gangothri". Sify. وقت 14 March 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 نومبر 2019.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. "Allu Arjun's favourite film is Arya". The Times of India. وقت 15 نومبر 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 نومبر 2019.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  4. "Movie review – Bunny". idlebrain.com. وقت 24 ڊسمبر 2005 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 اپريل 2019.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  5. "Happy – Study of love". IndiaGlitz. وقت 7 نومبر 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 نومبر 2019.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  6. "Gangotri 100 days centers". idlebrain.com. وقت 24 September 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  7. "Arya – A cocktail of fun and more fun". IndiaGlitz. وقت 24 دسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 May 2004.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  8. "Movie review – Arya". idlebrain.com. وقت 24 دسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 May 2004.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  9. "`Anand' walks away with six Nandi awards". The Hindu. وقت 14 March 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 March 2015. 
  10. "greatandhra.com". Tollywood 2003 Analysis Hits and Misses. وقت 24 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 فيبروري 2007.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)[مئل ڳنڍڻو]
  11. "idlebrain.com". List of Telugu films released in 2004. وقت 24 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 فيبروي 2007.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  12. <! - Bot retrieved archive -> "nonstopcinema.com" Check |archiveurl= value (مدد). Tollywood's mid-year report card. وقت 5 جنوري 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 فيبروري 2007.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  13. "idlebrain.com". First half of year 2006. وقت 24 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 فيبروري 2007.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  14. "Desamuduru – Allu Arjun is now a macho man". IndiaGlitz. وقت 5 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 January 2007.  Check date values in: |archive-date= (مدد)