دین اسلام پنهنجي شروعات کان وٺي آفریڪي کنڊ ۾ مرڪزي اھميت وارو مذھب رهيو آهي. آفريڪا پهريون براعظم هو جنهن ۾ اسلام ستین صدي عيسوي جي شروعات ۾ ڏکڻ اولهه ايشيا کان پکڙجي ويو. دنيا جي مسلمان آبادي جو تقريباً ٽيون حصو آفريڪا ۾ رهي ٿو. مسلمانن موجوده جيبوتي ۽ صوماليا کي پار ڪري اڄوڪي ايريٽيريا ۽ ايٿوپيا ۾ اڪسوم بادشاهت ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪيو. اسلام جو پيغام آفريڪا تائين پهتو ۽ وڏي پيماني تي شايع ٿيو، پوءِ اسلام آفريڪا کنڊ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو.

مرڪوري، آئیوری ڪوسٽ ۾ هڪ مسجد
Muslim girl writing her exam in Somalia

آفريڪا ۾ مسلم آبادي جي تناسب تي متضاد ڊيٽا موجود آهن. برٽينيڪا آن لائن موجب سال 2010ع ۾ آفريڪا ۾ مسلمانن جي آبادي 42,19,38,820 (40.84 سيڪڙو) هئي، جڏهن ته عيسائين جي آبادي 48,88,80,000 (47.32 سيڪڙو) هئي، افريقي روايتي مذهبن (قومي مذهبن) جي پيروڪارن جو تعداد 10,95,92,000 (10.6 سيڪڙو) هو. ٻين مذهبن جي پوئلڳن جو انگ 1,26,32,200 (1.22 سيڪڙو) هو ۽ آفريڪا جي ڪل آبادي 1,03,30,43,000 هئي.[1] برطانوي انسائيڪلوپيڊيا (2003ع) ۽ ورلڊ بڪ انسائيڪلوپيڊيا جی مطابق، اسلام آفريڪا ۾ سڀ کان وڏو مذهب آهي، جنهن جي پٺيان عيسائيت آهي.[2] ان کان علاوه، سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي ڪل آبادي جي لحاظ کان، مسلمانن جو هڪ چوٿون آفريڪا ۾ رهیی ٿو.[3]

دنيا ۾ مسلمانن جي وڏي اڪثريت (90 سيڪڙو) وانگر، آفريڪا ۾ اڪثر مسلمان پڻ سني آهن. آفريڪا ۾ اسلام جي پيچيدگي ڪيترن ئي افريقي ملڪن ۾ فڪر، روايتن ۽ آوازن جي مختلف اسڪولن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڪيتريون ئي آفريڪي قومون، اڪثر ڪري اتر، اولهه ۽ اوڀر آفريڪا ۾ اسلام کي پنهنجو روايتي مذهب سمجهن ٿيون.

خاصيتون

سنواريو

قابل ذڪر سلطنتون

سنواريو

• گدابورسي اوغزات (1604 - 1885)

• هارلا سلطنت (500 - 1500)

• وادي سلطنت (1501-1911)

• ڪانيم سلطنت (700 - 1376)

• ادريسی خاندان (789 - 974)

• سلطنت موغاديشو ( 9ھین کان 16ھین صدي)

• مغراوا خاندان (987 - 1070)

• ڪنگڊم آف ڪانو (1000 - 1805)

• ڍولبهانتي گرادت (1530 – 1960)

• ڪلوا سلطنت (12 صدي - 1505)

• الموحد خاندان (1147 - 1269)

• مالي سلطنت (1230 - 1600s)

• ميرينڊي خاندان (1258 - 1420)

• اجوران سلطنت (13 صدي - 17 صدي)

• افتر سلطنت (1285 - 1415)

• سونگھائي سلطنت (1340 - 1591)

• بورنو سلطنت (1369 - 1893)

• عادل سلطنت (1415 - 1555)

• حراب امامت (17 صدي - 1874)

• اسحاق سلطنت (17 صدي - 1884)

• وتاسی خاندان (1420 - 1554)

• سنار سلطنت (1502 - 1821)

• سعدي خاندان (1554-1659)

• ڊندي بادشاهت (1591 - 1901)

• دارفور جي سلطنت (1603 - 1874)

• علاوی خاندان (1666 - موجوده)

• ڪانگ سلطنت (1710 - 1894)

• مجيرطين سلطنت (18 صدي جي وچ- 20 صدي جي شروعات)

• امامت آف فوتا جالون (1727 - 1896)

• فوتا ٽورو جي امامت (1776 - 1861)

• سوڪوٽو خلافت (1804 - 1903)

• گوما جي سلطنت (شروعاتي 19 صدي - 1886)

• جما جي سلطنت (1830 - 1932)

• سلطنت گما (1840 - 1902)

• وسولو سلطنت (1878 - 1898)

• سلطنت هوبيو (1880 - 1920)

• درويش رياست (1896 - 1920)

• امارت حرار (967-1887)

• مخزومي خاندان (896-1286)

آفريڪا ۾ مسلم آبادي بلحاظ ملڪ

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو

زوايا

فولا قبيلو

آفريڪا ۾ مسجدن جي فهرست

اسلام ڏکڻ ايشيا ۾

خارجي لنڪس

سنواريو
  1. "Religion: Year in Review 2010 : Worldwide Adherents of All Religions"۔ Britannica Online Encyclopedia. http://www.britannica.com/EBchecked/topic/1731588/Religion-Year-In-Review-2010/298437/Worldwide-Adherents-of-All-Religions. Accessed 09/Jan/2013
  2. Encyclopædia Britannica. Britannica Book of the Year 2003. Enncyclopedia Britannica, (2003) ISBN 978-0-85229-956-2 p.306
  3. Muslim Societies in African History (New Approaches to African History) – David Robinson (ISBN 0-521-53366-X | ISBN 978-0-521-53366-9 | Publication Date: جنوری 12, 2004)