آغا روشن علي پٺاڻ

شاعر مضمون نويس ۽ تعليم دان آغا روشن علي پٺاڻ 31 مئي 1942ع تي آغا شير محمد پٺاڻ جي گهر ۾ درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم درٻيلي مان ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر حيدرآباد ۾ پڙهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي اسلامڪ ڪلچر ۾ ڪيائين. ڪجهہ وقت زراعت کاتي ۾ ملازم رهيو. ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ايڇ .ايس.ٽي طور ڀرتي ٿي مستقل طور شھدادپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سٺي استاد ۽ منتظم هئڻ ڪري سنڌ سرڪار سندس انتظامي صلاحيتن کي آڏو رکندي کيس سانگهڙ جو ڊسٽرڪٽ ايـڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو. ادبي ذوق سبب شهدادپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد رکندڙن مان هو ۽ ان پليٽ فارم تان ڪيترائي ادبي پروگرام ۽ ”لطيف سائينءَ جا ڏهاڙا“ ملھايائين. انقلابي طبيعت سبب مزاحمتي شاعري بہ ڪيائين، جيڪا مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيل اٿس. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ڌاريا ديس لٽي ويا“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. هو فڪري طرح سائين جي. ايم. سيد جو پوئلڳ هو. پنھنجي دوست محمد صديق دائودپوٽي سان گڏ ”مجاهد“ اخبار شھدادپور سان بہ لاڳاپيل رهيو. هيءَ پھرين سنڌي هفتيوار اخبار هئي، جنھن 1969ع ۾ شيخ مجيب الرحمان جي سنڌ اچڻ تي سائين جي.ايم. سيد ۽ شيخ مجيب الرحمان جا اسڪيچ سنڌ جي نقشي ۾ شايع ڪيا هئا. آغا روشن علي هينئر رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي ۽ علم ادب سان لڳاءُ برقرار رکيو پيو اچي.[1]

حوالا سنواريو