بولچند تيرٿداس نارواڻيءَ جو ادبي نالو ’آشا درگاپوري‘ آھي، ھن 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ايم.اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. قيام پاڪستان کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي 132 راجا پارڪ، سنڌي ڪالوني، فتح ٽيبا، جئپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”لھرون“ (1962ع)، ”سنڌي ادبي گلدستو“ (1963ع) ۽ ”شاھ جي شاعري“ (1965ع) شامل آھن. آل انڊيا ريڊيو جي ادبي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آھي.[1]

حوالا سنواريو