آذربائيجان جو آئين

آئين

آذربائيجان جو آئين (انگريزي: Constitution of Azerbaijan) (آذربائيجاني: Azərbaycan konstitusiyası) 12 نومبر 1995ع تي نافذ ڪيو ويو. آزدبائيجان جي دستور کي ھڪ رينفرينڊم کانپوءِ منظور ڪيو ويو ھو. ھي آزاد آذربائيجان جو پھريون دستور ھو. جمھوريہ آذربائيجان جو قيام 1918ع ۾ عمل ۾ آيو ھو ۽ 23 مھينن بعد 1920ع ميں ٿي ويو ھو. ان سڄي دورانيي ۾ اتي ڪوئي دستور منظور نہ ٿي سگھيو. آذربائيجان ۾ دستور سازي جو ڪم ان وقت شروع ٿيو جڏھن ھو سوويت اتحاد جو حصہ ھو. آذربائيجان سوويت گڏيل جمھوريہ جو پھريون دستور 1921ع م منظور ٿيو ۽ ھي آئين سوويت اتحاد تي ٻڌل ھو. آذربائيجان سوويت گڏيل جمھوريہ جو آخري دستور 21 اپريل 1978ع تي منظور ٿيو ۽ ھي سوويت اتحاد جي دستور سان گھڻي حد تائين ملندڙ ھو بلڪہ ان جو ئي ھڪ حصو ھو. آزاد آذربائيجان جي پھرين دستور ۾ 5 ۽ 147 دفعا آھن. ان ۾ 24 آگسٽ 2002ع ۾ ترميم ٿي. آذربائيجان جي آئين ۾ ٻين ترميم 18 مارچ 2009ع تي ٿي. آذربائيجان جي آئين جي دفعي 147 کي آذربائيجان ۾ سڀ کان وڌيڪ قانوني طاقت حاصل آھي.[1] آذربائيجان جي آئين ۾ ٻين ھاڻوڪي ترميم 26 سيپٽمبر 2016ع تي ٿي ھئي ۽ آئيني ريفرينڊم جي ذريعي ان ترميم کي منظور ڪيو ويو.[2] 2002ع ۾ آذربائيجان جي آئين جي 22 دفعن ۾ 31 ترميمن کي منظور ڪيو ويو ۽ 2009ع ۾ 29 دفعن ۾ 41 ترميمن کي منظوري ملي. پوءِ 2016ع ۾ 6 نون دفعن کي شامل ڪيو ويو 23 دفعن ۾ ترميم ڪئي وئي.

12 نومبر تي آذربائيجان ۾ يوم دستور ملھايو ويندو آھي ۽ ھي قومي موڪل جو ڏينھن آھي.[3]

ديباچو سنواريو

آذربائيجان جو دستور “تمام شھرين ۽ سماج کي خوشحالي ۽ فلاح ۽ بھبود جو يقين ڏياري ٿو“، ھيت ڏنل نڪتن ۾ ان کي واضع ڪيو ويو آھي.[1]

1- قومي آزادي ۽ قومي سالميت جو تحفظ

2- آئيني جمھوريت

3- شھري معاشري جو قيام

4- شھرين جي معياري زندگي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشي ۽ سماجي نظام

5- عالمي انساني قدرن ۽ امن ۽ بين الاقوامي تعاون جو تحفظ.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "The Constitution of the Republic of Azerbaijan". United Nations in Azerbaijan. وقت 28 ستمبر 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 اکتوبر 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  2. "Referendum on changes to the Constitution of Azerbaijan – EEAS – European External Action Service – European Commission". EEAS – European External Action Service. حاصل ڪيل 2017-07-03. 
  3. Gadimova, Nazrin (12 نومبر 2013). "Azerbaijan celebrates Constitution Day". Azernews. https://www.azernews.az/nation/61514.html. 

سانچو:آذربائيجان جا موضوع