ناليواري مزاحمتي شاعر آتش سنڌيءَ جو اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1953ء تي قنبر ۾ ٿيو. غريب خاندان جو فرد هئڻ سبب پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. آتش سنڌي لکڻ جي شروعات 1967ء ۾ ناليواري عوامي شاعر استاد پيرل قنبر جي رهنمائيءَ ۾ ڪئي. هن 1978ء ۾ لطيف ادبي سنگت قنبر جو بنياد رکيو ۽ ان جو پهريون سيڪريٽري بڻيو. 1978ء ۾ جيئي سنڌ تحريڪ قنبر جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ ڪافي وقت تائين ان جون ذميواريون سنڀاليندو رهيو. 2003ء کان هڪ ڀيرو ٻيهر ان تنظيم جو آرگنائيزر ٿيو.

1982ء ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ، 1999ء ۾ سنگت شاخ قنبر جو سيڪريٽري، 2000ء ۾ ڪائونسلر ۽ 2000ء کان ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ قنبر جو ميمبر رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو مزاحمتي آهي. آتش سنڌيءَ جي شاعري ناميارن فنڪارن سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي، عاشق نظاماڻي، حنيف لاشاري، ٻيجل سنڌي وغيره ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان تان پڻ نشر ٿيندا رهن ٿا. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترائي ننڍا وڏا اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. آتش سنڌيءَ جو هڪ شعري مجموعو ’تتل سج جا پانڌي‘ ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپايل آهي. هيءُ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اسٽيل ملز ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو