آبادہ (انگريزي: Abadeh)   ايران جي صوبي فارس جو ھڪ ننڍو شھر آھي جيڪو آبادہ ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ڀونءِ نگاريءَ پٽاندر ھن شھر جي بيهڪ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ  52°40  ۽ اتر ۾ ويڪرائي  ڦاڪ 31°11 ′ آهي.

Abadeh
آباده
شھر
جبل جي چوٽيءَ تان ورتل آبادہ شھر جي تصوير
جبل جي چوٽيءَ تان ورتل آبادہ شھر جي تصوير
Abadeh
مھر
Abadeh is located in Iran
Abadeh
Abadeh
ايران ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 31°09′39″N 52°39′02″E / 31.16083°N 52.65056°E / 31.16083; 52.65056مڪانيت: 31°09′39″N 52°39′02″E / 31.16083°N 52.65056°E / 31.16083; 52.65056
ملڪ  ايران
صوبو فارس
ڪائونٽي آبادہ ڪائونٽي
ضلعو مرڪزي
حڪومت
 • ميئر
(شھردار)
غلام عباس زاري
 • پارليامينٽ جو ميمبر رحيم زاري
بلندي 1,900 ميل (6,200 ft)
آبادي (2016 واري آدمشماري)
 • ڪل 59,116 [1]

ايران جي شھر اصفھان کان شيراز ويندڙ شاھراھ تي آباد ھي شھر سامونڊي سطح کان  1890 ميٽر (6200 فوٽ) مٿي آباد آھي[2]. 2016ع جي انگن اکرن مطابق شھر جي آبادي 59,116 آھي[3]. ماضيءَ ۾ ھن شھر کي آباداءِ اقليد پڻ ڪوٺيو ويندو ھو.  ھي شھر تھران کان 638 ڪلوميٽر پري آھي.

ھن شھر جو ايراني تاريخ ۾ ڪو خاص ڪردار نہ رھيو آھي. 1888ع ۾ انگريز اسڪالر اي جي برائون (E.G. Brown) ھن شھر مان گذريو ھو ۽ شھر جي ّخوبصورت باغن کان ڏاڍو متاثر ٿيو ھو[4].

ھن شھر جي مکيہ صنعتن ۾ ڪاٺ جو ڪم، ترن جو تيل، ارنڊيءَ جو تيل، اناج، ميوا ۽ قالين شامل آھن[5]. ھن شھر جي بيھڪ جو ھڪ دلچسپ پھلو ھي آھي تہ ھي شھر چئن صوبن جي گاديءَ جي ھنڌ جي ويجھو آھي. ھتان اصفھان (اصفھان صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ) 193 ڪلوميٽر، ياسوج (کهگیلویه و بویراحمد  صوبي جي گاديءَ ھو ھنڌ) 197 ڪلوميٽر،  يزد (يزد صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ) 217 ڪلوميٽر، شھرگرس (چھار محال ۽ بختياري صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ) 237 ڪلوميٽر ۽ فارس صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ شيراز 270 ڪلوميٽر پري آھي.

حوالا سنواريو

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. "Abadeh". 1911 Encyclopædia Britannica Volume 1. https://en.wikisource.org/wiki/1911_Encyclop%C3%A6dia_Britannica/Abadeh. 
  3. "Statistical Center of Iran > Home". www.amar.org.ir. حاصل ڪيل 2022-01-14. 
  4. C. E. Bosworth, “ĀBĀDA,” Encyclopaedia Iranica, I/1, p. 51, available online at http://www.iranicaonline.org/articles/abada
  5. "Abadeh carpets – Persian carpets - Carpet Encyclopedia | Carpet Encyclopedia". www.carpetencyclopedia.com. حاصل ڪيل 2022-01-14.