مک مينيو کوليو

آئنسٽائين جو نظریو اضافیت

آئنسٽائين جو نظریو اضافیت


”دريا خان سنڌي“

(Albert Einstein Theory of Relativity)

يونيورس جنھن جي شروعات تقريبن 13 ارب سال پھريان يعني بگ بينگ سان ٿئي جتي اڄ يونيورس ۾ اربين گيلڪسيز آهن ۽ انھن ئي گيلڪسيز ۾ اسانجي گيلڪسي يعني ملڪي وي آهن جيڪا تقريبن ٻہ سئو کان چار ملين ستارن ۽ انٽر اسٽيلز ميڊيم interstellar medium تي ڀري پئي آهي

ملڪي وي ڪهڪشان ۾ اسانجي ستارن يعني سج بہ گهمي رهيو آهي جنھن جي ويجھي اٺ سيارا گردش ڪري رهيا آهن ان منجھان هڪ سيارو اسانجي زمين بہ آهي جتي زندگي هر جڳھ موجود آهي سمنڊ خشڪي ۽ فضا ۾ هر جڳھ زندگي جي انس موجود آهي جتي زندگي جو سفر هلندڙ آهي

حرڪت، چرپر Motionحرڪت هڪ اهڙو لفظ آهي جيڪو گھڻا راز ۽ قانون پنھنجي اندر لڪائي ويٺو آهي اها حرڪت يا رفتار ڀلي ڪنھن بہ شڪل ۾ ڇو نہ هجي زمين تي حرڪت ڪندي ڪنھن آبجيڪٽ جي شڪل ۾ هجي يا ڪائنات ۾ حرڪت ڪندي ستارن ۽ سيارن جي شڪل ۾ هجي يا وري روشني جي صورت ۾ هجي يا وقت جي شڪل ۾ حرڪت يا رفتار کي ڄائڻ جي ڪوشش صدين پھريان شروع ٿي ۽ گھڻا راز کلڻ لڳا اڄ کان ٻہ هزار سال کان بہ پھريان هڪ يوناني فلاسفر ارسطو ٻڌايو تہ حرڪت يا رفتار کي قائم رکڻ جي لاءِ طاقت ضروري آهي يعني جڏهن ڪنھن شي تي طاقت لڳندي اهو تڏهن ئي حرڪت ڪندي ارسطو چيو تہ زمين ڪائنات جي مرڪز ۾ موجود آهي سج ۽ سڀهي فلڪي جسامت زمين جي ويجھي گهمندا آهن جيئن تہ ارسطو جو هي خيال غلط هيو پر ان ماڻھن جي اندر ڪائنات کي ڄائڻ جي دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي انکان پوءِ نڪولسڪوپر Nicolas Copernicus ارسطو جي خيالن کي غلط ثابت ڪيو ۽ ٻڌايو تہ سڀ ئي سيارا سج جي گڙد گول مداري ۾ ڦرندا آهن ٿوڙي عرصي کانپوءِ جوهن ڪيلپر ٻڌايو تہ سڀ ئي سيارا سج جي گڙد گول مداري ۾ نہ بلڪي بيضوي مداري ۾ گهمندا آهن

سوالن جا جواب ۽ جوابن کي نيا سوال ڏيندي فزڪس ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ دنيا حرڪت جي قانونن کي هڪ نئي نالي سان ڄاڻن لڳي اهوئي هيا سر آئزڪ نيوٽن نيوٽن پنھنجي ڪتاب principia methmatica جي ذريعي ٻڌايو تہ ڪوبہ آبجيڪٽ حرڪت ۽ ساڪن حالت ۾ تڏھن رهي سگھجي ٿو جڏهن انتي ٻاهر جي قوت نہ لڳائي وڃي ٻاهر جي قوت ان آبجيڪٽ جي رفتار کي وڌائي بہ سگھي ٿي ۽ گھٽائي بہ سگھي ٿي

ھاڻ حرڪت ۽ انجي قانونن سان گڏ هڪ ٻيو بہ سوال اٿيو تہ حرڪت يا رفتار جو تعين ڪيئن ڪيو وڃي

مثال جي طور تي ٻہ ريلون هڪ ئي سمعت ۾ سئو ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وڃي رهيو هجن تہ انھن ريلن ۾ ويٺل ماڻھن کي ٻئي ريل بيٺل نظر ايندي

جڏھن تہ پليٽ فارم تي بيٺل ماڻھن کي اها ريل 100km/h ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي نظر ايندي هاڻ سوال اهو آهي تہ ريل جي رفتار کي ڪنھن ماڻهو جي حساب سان مڃون وڃي.؟ ريل ۾ ويٺل ماڻھن جي حساب سان يا پليٽ فارم تي ويٺل ماڻھن جي حساب سان جواب هيو ٻہ ئي پنھنجي پنھنجي جڳھ صحيح آهن ڪنھن آبجيڪٽ جي رفتار جي پيمائش ڪرڻ واري جي پوزيشن تي ڊپينڊ ڪندي آهي تہ ڇا اهو ساڪن حالت ۾ بيٺل پيمائش ڪري رهيو آهي يا حرڪت يعني موشن motion state ۾ يا وري ائين سمجهو تہ زمين تي جيڪي جبل موجود آهن اهي زمين جي حساب سان ساڪن حالت ۾ آهن پر زمين سج جي گڙد گھمي رهي آهي تہ هي جبل بہ زمين سان گڏ سج جي گڙد گھمي رهيا آهن جنھن جڳھ کان ڪنھن بہ آبجيڪٽ جي رفتار معلوم ڪئي وڃي ان جڳھ کي frame of reference جو نالو ڏنو ويو جڏهن اهو مڃون ويو تہ رفتار مطالق خودمختيار ناهي بلڪي مائٽ، لاڳاپو رکندڙ، نسبتي هوندي آهي تہ ان سان گڏ هڪ ٻيو سوال جڙي ويو ڇا فزڪس جا سڀ ئي قائدا رفتار جي طرح لاڳاپو رکندڙ، نسبتي هوندا.. سترهين صدي ۾ گليليو فزڪس ۾ يعني uniform motion ۾ فزڪس جي قانون نہ بدلبا گليليو ۽ نيوٽن جي زماني مان classical theory of relativity

19صدي جي آخر تائين فزڪس جي دنيا ۾ پنھنجو روعب ڄمائي رکيو پر تڏهن تائين جڏهن Maxwell نالي سائنسدان پنھنجي اليڪٽرو ميگنيٽ ٿيوري جي ذريعي هي ثابت ڪري ڇڏيو تہ هڪ اهڙي رفتار بہ آهي

جيڪا مطلق خودمختيار آهي ۽ اها آهي روشني جي رفتار هاڻ سوال اهيو پيدا ٿي ٿو تہ آواز ان قسم جي ٻين لھرن جي طرح روشني ڪيئن ميڊيم مان گذرندي آهي تہ نيوٽن پاران هڪ ميڊيم جو تصور ڪيو جنھن کر ايٿر either جو نالو ڏنو ويو پر ايٿر کي سچ چوڻ جو مطلب هيو زمين سان گڏ انجي رفتار سان گھمندي ايٿر جي سمعت ۾ روشني جي رفتار ۽ ٻئي سمعت ۾ روشني روشني جي رفتار ۾ فرق اچڻ گھرجي پر ائين نہ ٿيو ماڪل سن ۽ مورلي نالي سائنسدانن پاران هڪ تجربو ڪيو ويو جنھن کي مائيڪل سن مورلي ايڪسپرمنٽ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي انھن نتيجو ڪڊهيو تہ روشني جي رفتار ٻن مختلف سمعتن ۾ هڪ ئي آهي انجو مطلب اهيو ٿيو تہ ايٿر نالي ڪو ميڊيم موجود نہ آهي يعني روشني جي رفتار ڪنھن ميڊيم جي relative ناهي بلڪي absolute آهي ۽ هر سمعت ۾ هڪ جھڙي آهي 19 صدي جي آخر ۽ 20 صدي جي شروعات جو وقت سائنسدانن جي هلچل جو وقت هيو نيوٽن جي چوڻ هيو تہ زمان ۽ مڪان اسپيس ٽائيم ڪنهن فريم آف ريفرنس تي ڊپينڊ ناهن ڪندا نيوٽن موجب هي ٻئي invariant quantity آهن يعني انھن کي تبديل نٿو ڪري سگھجي پر روشني جي رفتار constant جي پهلي هڪ سائنسدان جي دماغ ۾ اهڙي هلچل مچائي تہ ان سان پيدا ٿي انجي سوچ نيوٽن جي قائدن کي هلائي ڇڏيو

ان سائنسدان جو نالو هيو البرٽ آئنسٽائين 1905ع ۾ جرمني ۾ آئنسٽائين جا چار ريسرچ پيپر ڇپيا جن مان هڪ electrodynamics of The moving body جيڪو بعد ۾ special theory of relativity جي نالي سان ڄاتو ويو آئنسٽائين جي relativity ۾ ٻن قسم جي تصور هيا هڪ relativity of space ۽ ٻيو relativity of time آئنسٽائين ٻڌايو تہ زمان مڪان اسپيس ۽ ٽائيم ٻئي variant آهن انھن پنھنجي رياضي کي ڪلڪيوليشنز جي ڊريعي ثابت ڪيو تہ ڪنھن جسم جي لمبائي ٻہ مشاهدو ڪرڻ وارن جي ويجھي مختلف ٿي سگھجي ٿي آئنسٽائين جي ان concept کي length contraction جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي انکي سمجھڻ جي لاءِ مڃي وٺجي تہ ڪو ٻہ مشاهدا ڪرڻ وارو آهن پھريان هلندڙ گاڏي ۾ آهن ۽ ٻيون رستي جي ڪناري تہ بيٺو آهي جڏهن گاڏي روشني جي رفتار سان گڏ اتان کان گذرندي تہ پنج ميٽر جي اها گاڏي سڪڙجي ڪري اڌ ميٽر کان بہ گهٽ ٿي ويندي پر گاڏي ۾ ويٺل ماڻھن کي ان شي جو ڪڏهن بہ احساس نہ ٿيندو تہ گاڏي سا گڏوگڏ انجو جسم بہ سڪڙجي ڪري گھڻو گھٽ ٿي ويو آهي ان موجب رستي تي بيٺل ماڻھو ۽ انجي ويجھي واريون شيون سڪڙجي ويون آهن

   

آئنسٽائين موجب هي length contraction ٻنھي مشاهدو ڪندڙ جي فريم آف ريفرنس تي ڊپينڊ ڪري ٿي آئنسٽائين جي اسپيشل ٿيوري آف ريليٽوٽي جو ٻيو concept هيو ٽائيم ڊليشن يعني ٻن مشاهدي ڪرڻ وارن جون گھڙين جو ٽائيم بہ الڳ الڳ ٿي سگھجي ٿو آئنسٽائين موجب ڪنھن بہ شي يا فريم آف ريفرنس جي رفتار روشني جي رفتار جي برابر ٿي وڃي تہ ان آبجيڪٽ يا فريم آف ريفرنس جو ٽائيم سست ٿي ويندو زمان ۽ مڪان اسپيس ۽ ٽائيم جي ان variation کي اسان پنھنجي عام زندگي ۾ محسوس ناهيو ڪري سگھندا ڇوجو اسانجي رفتار روشني جي رفتار جي مقابلي ۾ ڪجھ بہ نہ آهي جيئن تہ 300000km/سیڪنڊ آهي آئنسٽائين پنھنجي اسپيشل ٿيور آف ريليٽوٽي ۾ صدين کان موجود زمان مڪان اسپيشل ۽ ٽائيم جي absolute هجڻ جي تصور کي غلط ثابت ڪري تہ ڇڏيو پر جيئن تہ چوندا آهن سائنس جا ٽي طريقيڪار هوندا آهن

1 پرنسپل

2 ايڪسپرمنٽ

3 ريزلٽ



ھاڻي مشڪل هئي تہ ٽائيم جي تبديلي کي تجرباتي طور تي ڪيئن آزمايو وڃي آئنسٽائين جي ان رياضياتي حل ڪيل پرنسپل تي 1977ع ۾ ناسا هڪ تجربو ڪيو انھن هڪ سيٽلائيٽ تي ڪجھ گاڏيون ڇڏيون انھن گاڏين کي ڇڏڻ وقت انھن جو ٽائيم زمين جي ٽائيم سان موجب ڪري ڇڏيو انھن گاڏين کي زمين جي گردش سيٽلائيٽ سان گڏ ڪجھ چڪر لڳائڻ کانپوءِ واپس زمين تہ آنڌو ويو ۽ انھن جو ٽائيم ڏٺو ويو تہ نتيجو حيران ڪندڙ هيو انھن گھڙين جو ٽائيم زمين جي گهڙين جي ٽائيم کان آهستي هلي رهيو هيو ۽ هي آئنسٽائين جي relativity اضافيت جي وجهہ سان ئي هو آئنسٽائين هڪ اهڙو سائنسدان هيو جيڪو پنھنجي قابليت کي تصور ۾ جنم ڏيندا هيا ۽ ان رياضي جي فارمولي ۽ ڪجھ equations مساواتن جي ذريعي ثابت ڪندا هيا جن کي بعد ۾ سائنسي تجربي طور تي صحيح پائيندا هيا

انڪري آئنسٽائين ٻين سائنسدانن کان مختلف مڃيا ويندا هيا 1905ع جي ويجهي آئنسٽائين پاران special theory of relativity جو اخباري ڪالم لکيو ان وقت اهوئي Swiss Patent جي آفيس ۾ ڪلارڪ هيٺ ڪم ڪري رهيا هيا اهو ئي وقت هيو جڏهن انھن relativity اضافيت جي اسپيشل ٿيوري کي اڳتي وڌائيندي هڪ ٻئي شيء ڏني جيڪا هڪ ننڍي فارمولي جي صورت ۾ انھن جي نالي سان گڏ ھميشہ جي لاءِ جوڙي وئي ۽ اهو فارمولو هيو E=mc^2 انجو مطلب هيو تہ مادو توانائي ۾ ۽ توانائي مادي ۾ بدلجي سگھجي ٿي

E=mc^2

ان ئي مساوات ڪارڻ دنيا ايٽومڪ انرجي کي ڄاڻي سگھي جنھن سان بعد ۾ سائنسدانن ايٽم بم ٺاهيا

آئنسٽائين تہ اهو ثابت ڪري ڇڏيو تہ اسپيس ٽائيم زمان ۽ مڪان مطلق خودمختيار absolute نہ آهن پر هاڻي انھن جي سامھون هڪ ٻيو سوال هيو تہ نيوٽن موجب ٻن مساواتن جي وچ جو gravitational field ڪشش ثقل stationary ساڪن هوندي آهي ۽ هي زمين ۽ سج تہ بہ مڙيل آهي جيڪڏهن اهيو تصور ڪيو وڃي تہ سج هڪ دم فنا ٿي وڃي تہ زمين انهي محل پنھنجي مداري کي ڇڏي ڪري خلا ۾ گم ٿي ويندي ڇوجو سج سان گڏ انجي ڪشش ثقل ختم ٿيڻ جو اثر زمين تي يڪدم ٿيندو پر زمين تہ ان ڳالھ جو پتو اٺن منٽن کانپوءِ پوندو ڇوجو سج جي روشني کي زمين تائين اچڻ ۾ پڻ اٺ منٽ لڳندا آهن

انجو مطلب اهيو ٿيو تہ سج جي ڪشش ثقل جي اثر جو پتو زمين تي سج جي روشني پھچڻ کان پھريان لڳي ويندو

۽ هي ڳالھ relativity اضافيت جي اسپیشل ٿیوری تي پوري نٿي لھي ڇوجو اسپيشل ٿيوري آف ريليٽيوٽي موجب ڪابہ فزڪس انٽريشن روشني جي رفتار کان تيز سفر نٿي ڪري سگھي ھاڻي آئنسٽائين جي سامھون اهيو سوال هيو اسپيشل ٿيوري آف ريليٽيوٽي ۽ نيوٽن جي gravitational laws جي وچ ۾ بيٺو هيو پر چوندا آهن نہ سائنس جون غلط وضاحتون ئي صحيح نظريات جو رستو ڏيکارينديون آهن جيڪڏهن هي غلط آهي تہ پوءِ سچ ڇا آهي ان مثال کي حل ڪرڻ جي لاءِ سائنسدانن ۾ هلچل ٻيھر شروع ٿي وئي ۽ ڏهن سالن کانپوءِ يعني 1919ع ۾ جيڪي نتيجا سامھون آيا اهوئي حيران ڪندڙ هيا آئنسٽائين پاران اهيو دعوا ڪئي وئي تہ زمان ۽ مڪان اسپيس ٽائيم ۾ ڪنھن بہ ڳري جسم جي موجودگي جي وجهہ سان curvature يعني خم موڙ پيدا ٿي ويندو آهي جنھن جي وجهہ سان ڪشش ثقل پيدا ٿيندي آهي آئنسٽائين ٻڌايو تہ ڪشش ثقل زمان ۽ مڪان جي جيوميٽري تي اثر انداز هوندي آهي جنھن سان ٻن عتراضن جي وچ جو گھٽ مان گھٽ فاصلو هڪ سڌي لڪير جي بجائي curved يعني مڙيل هوندو آئنسٽائين جي curved Space theory کي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ انجو رستو سڌو نہ بلڪي curved يعني مڙيل هوندو آهي ۽ انهيءَ curved Path جي وجهہ سان هوائي جھاز ڪراچي کان آمريڪا جو گھٽ ۾ گھٽ فاصلو طئي ڪندو آهي ڇوجو زمين گول آهي ۽ ان تي جيڪا جيوميٽري هلندي آهي اها curved آهي

آئنسٽائين ٻڌايو تہ روشني تہ سڌي ئي هلندي آهي پر ڪنھن آبجيڪٽ جي ڪشش ثقل جي وجهہ سان خلا ۾ جيڪا curve موڙ پيدا ٿيندي آهي انکان گذرڻ کانپوءِ روشني بہ مڙئي ويندي آهي ڪشش ثقل جي وجهہ سان روشني جي مڙڻ وارو دعوو ۽ ان سان اهيو ثابت ڪرڻ تہ خلا ۾ موڙ آهي آئنسٽائين جي ٻئي ٿيوري جرنل ٿيوري آف ريليٽيوٽي

هئي جنھن ڪشش ثقل گريوٽي کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جو نظريو ئي بدلائي ڇڏيو

آئنسٽائين جي ان جرنل ٿيوري آف ريليٽيوٽي نيوٽن جي gravitational laws کي بہ هارائي ڇڏيو آئنسٽائين چيو تہ ٽائيم خلا اسپيس کان مڪمل طور تي الڳ ۽ independent آزاد خودمختيار نہ ٿي ڪري هڪ combined object جي صورت ۾ آهي جنھن کي زمان ۽ مڪان چئبو آهي

آئنسٽائين جي ان اسپيس ٽائيم جي ڦيري کي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ هڪ چادر وٺي ڪري چئن پاسن کي ڪنھن جڳھ تي ٻڌي ڇڏيو جنھن سان اها ڇڪجي سڌي ٿي وڃي هاڻ انجي مٿان هڪ فٽ بال رکيو تہ ان سڌي چادر ۾ هڪ curve يعني کڏو يا ڦيرو ٺهي ويندو هاڻ هڪ ٻئي ننڍڙي ڪرڪيٽ جي بال کي ان چادر تي رکيو تہ وڏي بال سان چادر ۾ پيدا ٿيل curve موڙ ۾ ننڍو بال ڪرڻ لڳندو ۽ ان وڏي بال سان ٽڪرائجي ٻيهجي ويندو هاڻ جيڪڏهن ان چادر کي اسپيس ٽائيم مڃجي ۽ فٽ بال کي زمين تصور ڪجي تہ ان زمين جي وجهہ سان اسپيس ٽائيم ۾ جيڪو curve موڙ پيدا ٿيندو انکي ڪشش ثقل gravity چئبو آهي هر آبجيڪٽ پنهنجي هجم موجب اسپيس ٽائيم ۾ curve موڙ بہ ايترو وڏو ڪندو جنھن جي وجهہ سان انجي ڪشش ثقل بہ وڌيڪ هوندي ان لاءِ زمين جي مقابلي جو هجم جي وزن سان وڏا سيارا آهن انجي ڪشش ثقل بہ زمين کان وڌيڪ هوندي آهي آئنسٽائين روشني جي موڙ ۽ اسپيس ٽائيم ۾ curve موڙ کي ثابت ڪري نيوٽن کي غلط ثابت تي ڪري ڇڏيو پر هي ڳالھ بہ هئي تہ انجو تجربو experiment ڪيئن ڪيو وڃي 1919ع ۾ ڪجھ برٽش سائنسدانن سج گرھ جي ٽائيم جون ڪجهہ تصويرون وٺي رهيا هيا تہ انھن کي هڪ اهڙي ستاري جي تصوير نظر آئي جنھن جي پوزيشن حقيقت ۾ سج جي پويان لڪيل هئي ۽ ائين ان لاءِ ٿيو ڇوجو ان ستاري مان نڪرندڙ روشني سج جي ڪشش ثقل جي وجهہ مان مڙيل ۽ انجي تصوير ان ستاري جي اصل پوزيشن کان هٽي ڪري نظر آئي

ڪمال جي ڳالھ هئي تہ آئنسٽائين جي تصوراتي نظري ۽ ميٿاميٽيڪل حساب هڪ دفعو ٻيهر سچ ثابت ٿئي ۽ آئنسٽائين جي ان نظري ڪائنات جا گھڻا راز پڌرا ڪيا جنھن جي وجهہ سان بليڪ هول جھڙن تصورن جنم ورتو جتي ڪشش ثقل ايتري گھڻي هوندي آهي جو روشني بہ اتان کان نڪري ناهي سگھندي آئنسٽائين جي اسپيس ٽائيم ٿيوري جي بنياد تي سائنسدانن ٽائيم ٽريول جو تصور ڪيو تہ ڇا اسان مستقبل ۾ وڃي سگھون ٿا

اسٽيفن هاڪنگ گذريل دور جا مشهور سائنسدان آهن بگ بينگ ۽ بليڪ هولز جھڙين اصلاحاتن کي سمجھاڻ وارا اسٽيفن هاڪنگ ٽائيم ٽريول جي لاءِ هڪ اهڙي ٽرڪ جو تصور ڪيو جيڪا زمين جي ويجهي ٺھيل هجي ۽ ان ٽرڪ تي هلندڙ سپر فاسٽ ريل جي اسپيڊ km/sec 300000 يعني روشني جي رفتار جي برابر هجي تہ اها ريل

زمين جي ويجهي چڪر لڳائڻ شروع ڪندي جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ زمين جي گردش جا ست چڪر مڪمل ڪندي جنھن ۾ ويٺل ماڻھون مستقبل ۾ تہ وڃي سگهندا پر واپس نٿا اچي سگھن يعني ون وئي ٽڪيٽ ٽو دي فيوچر

جڏھن ريل جي رفتار روشني جي رفتار جي برابر پھچي وڃي تہ ريل ۾ ويٺل ماڻھن جو ٽائيم سست ٿي ويندو ۽ انھن مسافرن جي سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ۽ انھن جي جسم ۾ خلين جي اندر ڪيميڪل ري ايڪشن بہ گھڻو سست ٿي ويندو ۽ ريل ۾ ويٺل ماڻھن موجب زمين جو ٽائيم گھڻو تيزي سان گذرندي محسوس ٿيندو ايترو تيز جو ريل جا لمحا زمين جي سالن ۾ بدلجي ويندا جڏهن اها ريل بيهجي ويندي تہ انھن ماڻھن جي ڪجھ ڪلاڪن جي سفر جي دوران زمين تي سئو سال کان بہ وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو هوندو ۽ اهوئي ماڻھو پاڻ کي مستقبل ۾ محسوس ڪندا شروعات کان وٺي اڄ تائين فزڪس جي ان سفر تي نظر وڌي وڃي تہ هي ڏسڻ ۾ ايندو تہ جيترا بہ سائنسدان هيا انهن ۾ ڪجھ سائنسدانن جا نظريا غلط ٿيا ۽ ڪجھ صحيح ثابت ٿيا پر هڪ ڳالھ جيڪا سڀني کان مختلف آهي هڪ قانون جيڪو سڀني اپنايو اهو قانون آهي nature ۽ انجي قانونن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ جڏهن تائين ان قانون کي فالو ڪيو ويندو فزڪس جو هي سفر ائين ئي جاري ساري رهندو.