آئزڪ نيوٽن
آئزڪ نيوٽن (Isaac Newton) طبیعیات جو وڏو ماهر هو. هن حرڪت ۽ ڪشش ثقل سميت ڪيترن ئي معاملن جي نه رڳو وضاحت ڪئي پر ان کي تجربن وسيلي ثابت به ڪيو ۽ ان جا قانون به جوڙيا. هن ڪهڪشائن ۽ ستارن جي رازن تان پردو به کنيو. کيس سندس انهن ئي خدمتن عيوض اهو مقام مليو.[2]
سر آئزڪ نيوٽن PRS | |
---|---|
نيوٽن جو پورٽريٽ جيڪو گاڊفري ميلر | |
پيدائش | 25 ڊسمبر 1642 ھڪ ڳوٺ وولسٿورپ ،لنڪن شاير ڪائونٽي, ڪنگڊم آف انگلينڊ |
وفات | 20 مارچ 1727 ڪينسنگٽن، مڊل سيڪس, انگلينڊ |
مدفن | ويسٽ منسٽر ايبي |
قوميت | انگلش |
مادر علمي | ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج |
شھرت جو ڪارڻ | |
اعزاز | فيلو آف رايل سوسائٽي (1672)[1] نائٽ بيچلر(1702) |
سڃاڻپ نشان | |
آئزڪ نيوٽن سال 1642ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. اهو ساڳيو ئي سال هو، جڏهن گئليلو لاڏاڻو ڪيو هو. نيوٽن کي تمام گهڻي مڃتا به ملي ۽ گئليلو وانگر سندس چهري تي افسوس جو ڪوبه نشان موجود نه هو. برنارڊ رسل چوي ٿو “نيوٽن کان پوءِ رڳو البرٽ آئنسٽائين ئي آهي جنهن جي ڪم ۾ نيوٽن جهڙي خوبصورتي جا پاڇولا نظر اچن ٿا.[2]
نيوٽن پنهنجي لئباريٽريءَ ۾ سج منڊل (Solar System) جو هڪ ميڪنيڪل ماڊل (Mechanical Model) تيار ڪيو. اهو ماڊل هڪ ليور کي حرڪت ڏيڻ سان متحرڪ ٿي ويندو هو ۽ سمورا گرهه سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳندا هئا. ھن جي ماء جو نالو ھانا ايسڪف (Hannah Ayscough) ھو. ھي پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيو. ھن جي پيء جو نالو آئزڪ نيوٽن ھو ۽ ساڳيو نالو ھن تي رکيو ويو.[3] جڏھن ٽن سالن جو ھو تہ ھن جي ماء ٻي شادي ڪري نئين مڙس سان رھڻ شروع ڪيو ۽ نيوٽن پنھنجي نانيء جي حوالي ٿيو. ٻي شادي ڪرڻ جي ڪري ھي ماء کي پسند نہ ڪندو ھو نہ ئي وري ھن جي ويڳي پيءُ سان انسيت ٿي سگھي.[4] سندس ماءُ کي ٻئي مڙس مان ٽي ٻار ٿيا.[5] ننڍپڻ ۾ ڏاڍو ذھين ٻار ھيو پر اسڪول ۾ ھن کي دلچسپي ڪانہ ھئي. سال 1659ع ۾ جڏھن نوجوان ھو تہ ھن جي ماء کيس اسڪول مان اھو سوچي ڪڍرائي ڇڏيو تہ شايد ھڪ سٺو ھاري بڻجي سگھي پر پوء ڏٺائين تہ ھن جي دلچسپي جا سامان ڪجهه ٻيا آھن. ارڙھن سالن جي عمر ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو جتي ھن سائنس ۽ رياضي ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو، ۽ جلد ئي پاڻ چڱي ڀلي تحقيق جي قابل ٿي ويو. 25 کان 27 سالن جي عمر ۾ ھن سائنس جي بنيادن کي لوڏائي ڇڏيو.[6] ھي پنھنجي تحقيق ۾ بنيادي نظرين کي 1669ع تائين واضح ڪري چُڪو هو پر ان جا ڪافي نظريا بعد ۾ منظر عام تي آيا. ھن جا شروع وارا نظريا روشني جي باري ۾ ھئا. ھن تجربن ذريعي ثابت ڪيو تہ روشني انڊلٺي رنگن جو مڪسچر آھي.[7]
ماڻهو فطرت جو اهو حصو آهي جنهن جي ذريعي فطرت پنهنجو پاڻ سوچي ٿي. بيشڪ سوچ ۽ سمجھ وسيلي ئي ڪنھن بہ شيء کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. انهي سوچ جي پُرتجسس سفر ۾ ڪجهه انسان اهڙا بہ شامل آهن جن جي بدولت سموري انسان ذات هڪ دور کان ڇلانگ ڏئي ٻئي دور ۾ بہ داخل ٿي آهي. آئزڪ نيوٽن بہ انهن ئي چند عظيم دماغن مان هڪ آهي جن سموري انسان ذات جي فطرت متعلق سوچ جي ڪاياپلٽ ڪئي. نيوٽن جو تعلق جنھن دور سان آهي ان کي روشن خياليءَ وارو زمانو سڏيو ويندو آهي ۽ واقعي بہ ڏٺو وڃي تہ نيوٽن پنھنجي ڪارنامن جي ڪري انهي روشن خيالي جو آسمان رهيو آهي. جنھن سال ۾ سائنس جي بزرگ گيلیليو جو موت ٿيو اُن ئي سال ۾ ڪرسمس واري ڏينهن تي نيوٽن جو جنم انگلينڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وولس ٿورپ ۾ ستڙيي (وقت کان اڳ ڄاول) ڪمزور ٻار طور ٿيو جنهن جي باري ۾ خيال ڪيو ويو تہ شايد بچي نہ سگهي. انگلينڊ ۾ 1640ع وارو ڏهاڪو تمام خطرناڪ گهرو ويڙھ ۽ پليگ جھڙي موتمار بيماري جو رهيو. ڪافي ماڻهن جو خيال هيو تہ بس هاڻي قيامت ويجهي آهي ۽ انسان ذات جو خاتمو ٿي ويندو. سندس جنم کان 3 مھينا پھريان سندس والد (جنھن جو نالو بہ آئزڪ نيوٽن هيو) جو انتقال ٿي ويو، تنھنڪري سندس ماءُ ڪجهه سالن کانپوءِ ٻي شادي ڪري ڇڏي، جنھن جا نيوٽن جي زندگي تي تمام گھرا اثر رهيا مثال طور اڪيلائپ، پيءُ جي پيار کان محرومي وغيره. شروعاتي تعليم ڪنگز ڪاليج مان پرائڻ بعد سندس ماءُ غربت سبب کيس واپس پنهنجي ڳوٺ مال جو واڙو سنڀالڻ لاءِ گهرائي ورتو. سندس پُرتجسس دماغ جو اندازو سندس ٻاروتڻ وارين حرڪتن مان لڳائي سگهجي ٿو، مثال طور هڪ دفعي طوفان تمام تيز هيو ۽ ميڊم هانا (نيوٽن جي ماءُ) مال جي وٿاڻ بابت شديد پريشاني ۾ سوچي رهي هئي تہ الائي وٿاڻ جا در ۽ دريون هوا ۾ ڀڄي نہ پيا هجن. انهي پريشاني کي حل ڪرڻ لاءِ ميڊم، نيوٽن کي وٿاڻ طرف موڪليو تہ جيئن هو پرگهور لھي اچي. ڪافي دير گذرڻ باوجود بہ جڏهن نيوٽن واپس نہ آيو تہ ميڊم پاڻ وڃي وٿاڻ پهتي. ننڍڙو وٿاڻ جا در ۽ دريون چڪاسڻ بجاءِ، ٻاهر ٺھيل ڪاٺ جي چبوترن مٿان ٽپ ڏئي تيز هوا جو پريشر چيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هيو! ننڍي لاءِ نيوٽن وقت ڏسڻ لاءِ پنھنجي ڪمري جي ڀت تي هڪ شمسي گهڙيال ۽ هوا تي هلندڙ چڪي ٺاهي. سندس ماءُ کي جنهن مھل پڪ ٿي وئي تہ نيوٽن سندس مال وارو واڙو نہ سنڀالي سگهندو تہ هُن کيس ڪئمبريج يونيورسٽي جي ٽرنٽي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. غربت سبب پھريان ڪجهه سال نيوٽن ڪاليج جي هاسٽل تي ٻين شاگردن جي ڪمرن جي صفائي سٿرائي وارو ڪم ڪري ڪجهه پئسا ڪمائيندو هيو، جيسيتائين کيس اسڪالرشپ ملي. سندس پڙهائي واري دور ۾ فطرت متعلق ارسطو جا ٻہ هزار سال پراڻا نظريا پڙهايا ويندا هيا ڇاڪاڻ تہ اهي ڪليسائيت جي لاءِ گهڻا نقصانڪار نہ هيا مثال طور ارسطو موجب ڪو بال يا هنداڻو هوا ۾ اڇلائڻ کان پوءِ واپس ڌرتي تي ان ڪري ٿو ڪري ڇاڪاڻ تہ هنداڻي يا بال ۾ هيٺ ڪرڻ جي صلاحيت (ڪشش) موجود آهي. دونھون يا ٻاڦ ۽ ڪڪر آسمان طرف ان ڪري ٿا وڃن ڇاڪاڻ تہ انهن ۾ مٿي وڃڻ جي صلاحيت (ليوٽي) موجود آهي. نيوٽن ان قسم جي نصاب مان مطمئن نہ هيو تنھنڪري هن پنهنجي لاءِ سوالن جي الڳ فھرست تيار ڪئي جنھن کي هُو 'پُختا فلسفياڻا سوال' چوندو هيو، جن ۾ ڪشش، روشني، حرارت، حرڪت، مقناطيسيت، سيارن ۽ ستارن متعلق 45 اهم سوال شامل هيا. نيوٽن جو چوڻ هيو تہ هڪ صحيح سوال ڪنھن بہ مسئلي جو اڌ جواب هوندو آهي. سندس انهي تجسس کيس گيلیليو، ديڪارت، ڪوپرنيڪس ۽ ڪيپلر کي پڙهڻ ۽ انهن جي سوالن ۽ نتيجن تي پنھنجا سوال اٿارڻ لاءِ مجبور ڪيو. نيوٽن کان اڳ وارا سائنسدان گرهن جي گردش متعلق ڪافي ڳالهيون ٻڌائي ويا هيا پر انهن ۾ بنيادي سوالن جا جواب شامل نہ هيا مثال طور گرھ سج جي چوڌاري چڪر ڪيئن ٿا لڳائن ۽ ڇو ٿا لڳائن؟ اها ڪھڙي قوت آهي جيڪا خلائي جسمن کي مٿي خلا ۾ ئي رکيو ويٺي آهي؟ وغيره. تنھن دور ۾ يورپ ۾ ڪليسا جي بالادستي سبب نيوٽن اهو چئي اڳتي وڌيو تہ خُدا هي ڪائنات ٺاهي آھي، اچو تہ پاڻ ان جا قانون ڳوليون. نيوٽن انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش شروع ڪئي تہ کيس تنھن دور جي رائج رياضيء جون کوٽون نظر آيون، جنھن سبب ڪا خاطر خواه پيش رفت ممڪن نہ هئي. ان ڏس ۾ هُن 'ڪيلڪيولس' ايجاد ڪيو ۽ ان جديد رياضياتي ايجاد جي بدولت شمسي نظام ۾ موجود گرهن جي مدار ۽ محور کي دريافت ڪيو ۽ اهو واضح ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو تہ اها ڪائناتي ڪشش ثقل آهي جيڪا خلائي جسمن کي پنهنجن پنهنجن مدارن ۾ رکيو ويٺي آهي. نيوٽن واري زماني تائين اهو سمجهيو ويندو هيو تہ اڇو رنگ پاڪ، نج ۽ خُدا جي نشاني آهي. نيوٽن ان ڏس ۾ روشني تي تجربا ڪيا ۽ اهو ثابت ڪيو تہ اڇو رنگ نج ناهي پر مختلف رنگن جو ميلاپ آهي. سندس مشهور زمانہ اسپيڪٽرم تجربي بدولت اڄ جي سائنس ان قابل آهي تہ اها ڏورانھن سيارن ۽ ستارن جي ساخت بابت پُختي ڄاڻ مھيا ڪري سگهي. نيوٽن واري دور ۾ ٽيليسڪوپ جو ڍانچو وڏو ۽ ٻن وڏن لينسز تي مشتمل هوندو هيو جنھن سبب تصوير ڌنڌلي نظر ايندي هئي. نيوٽن پنھنجي روشني تي ڪيل تجربن جي آڌار تي پنھنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ٽيليسڪوپ ٺاهي جنھن ۾ هن هڪ ننڍي لينس ۽ هڪ آئيني جو استعمال ڪيو. سندس ان ايجاد کيس برطانيا جي رائل سوسائٽي ۽ سڄي يورپ ۾ مشھور ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تنھن وقت سامونڊي سفر لاءِ سٺي ٽيليسڪوپ جو هجڻ نھايت ئي ضروري هيو ۽ اهو ڪارنامو نيوٽن ڪري ڏيکاريو. رائل سوسائٽي جي طاقتور ماڻهو رابرٽ هُڪ سان تلخيء سبب نيوٽن رائل سوسائٽي کان پري ٿي ويو ۽ لاڳيتا ٻارهن سال پنهنجي گهر ۾ گذاريو جتي هن الڪيمي (Alchemy) ۾ مختلف تجربا شروع ڪيا. سندس مڃڻ هيو تہ ڪائنات ۾ هڪ اهڙي قوت ضرور آهي جيڪا هر ذري ۾ موجود آهي، جيڪا شين جي زندگي ۽ موت جو تعين ڪري ٿي، لوه کي سون ڪري ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي هر حال ۾ محفوظ رکي ٿي (نيوٽن تنھن دور ۾ انهي قانون جي ڀرسان اچي پهتو جيڪو 200 سال پوءِ آئنسٽائن دريافت ڪيو (E = mc2).
بيشڪ سندس محنت جنھن شعبي 'الڪيمي' ۾ هئي اهو شعبو ڪا سائنس نہ هئي پر پراڻين ڏندڪٿائن تي مشتمل هڪ عقيدو هيو، تنھن جي باُوجود بہ نيوٽن ان عقيدي کي سائنسي اصولن موجب پروڙيو ۽ ان سان سچو رهيو. هڪ دفعي سندس هڪ دوست ايسٽرانامر ايڊمنڊ هيلي هن وٽ آيو ۽ هن کي همٿايائين تہ پنھنجون دريافتون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائي. نيوٽن ان ڳالھ تي راضي ٿيو ۽ 1687ع ۾ سندس ڪتاب "پرنسيپيا" (Principia) ڇپيو جنھن کي اڄ بہ سائنسي دنيا جو سڀ کان وڏو شاهڪار تصور ڪيو ٿو وڃي. سندس ڪتاب ۾ ڪيلڪيولس جي مدد سان سندس جڳ مشھور 3 حرڪت جا قانون (Laws of Motion)، ڪائناتي ڪشش ثقل جو قانون ۽ ٻيا کوڙ فطرتي مشاهدا بيان ڪيا ويا جيڪي اڄ جي جديد سائنس جو بُڻ بڻياد آهن. سندس دريافت ڪيل قانونن جي بدولت ئي صنعتي انقلاب ممڪن ٿي سگهيو. سائنس جي دنيا ۾ سندس عزت صرف دريافتن ۽ ايجادن جي ڪري نہ آهي پر ان سان گڏ سائنسي طريقيڪار ۾ نواڻ آڻڻ بہ تمام وڏي اهميت جوڳي ڳالھ آهي.
نيوٽن پنهنجي طبعيت ۾ تمام اناپرست، لڪل، ساڙولو انسان هيو، جيڪو پنهنجي پاڻ کان سواءِ ڪنهن تي بہ يقين نہ ڪندو هيو. رائل سوسائٽي جو ڊائريڪٽر ٿيڻ شرط هن پنهنجي پراڻي دشمن رابرٽ هُڪ جي تصوير لاهي باه ۾ ساڙي ڇڏي. پنھنجي اٿاھ قابليتن جي ڪري انگلينڊ ۾ ڪيٿولڪ چرچ جي بالاداستيء هوندي بہ پروٽسٽنٽ نيوٽن کي انگلينڊ جي بادشاه پنهنجي ڪابينا ۾ جڳھ ڏني. نيوٽن هڪ سال لاءِ برطانوي پارليامينٽ جو حصو رهيو جتي سڄي سال ۾ هُن صرف هڪ جملو ڳالهائيندي ڀرسان ويٺل ميمبر کي چيو؛
"مهرباني ڪري دري بند ڪيو، ٻاهر ڏاڍو سيءُ آهي."
نيوٽن جن ڪارنامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ اڄ سڃاتو وڃي ٿو. اهي سڀ هن 26 سالن جي ننڍي عمر تائين سرانجام ڏنا. سندس سائنسي طريقيڪار ۽ منطق کي والٽيئر ۽ ايڊم سمٿ سماجي سائنس طور يورپ ۾ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خاطرخواھ ڪاميابي سان يورپ جي سوچ تي اثر انداز ٿيا. نيوٽن پنھنجو پاڻ کي ڄاڻ واري سمنڊ ڪناري بيٺل ٻار سان مشابھت ڏيندو هيو، جنھن جي تلاش هُئي خوبصورت پٿر ۽ سھڻيون سپيون. کانئس ڪنھن ماڻهو سوال ڪيو تہ توهان ايڏا هوشيار آهيو، ان جو بنيادي سبب ڇا آهي؟ سندس جواب هيو، "ڇاڪاڻ تہ مان پاڻ کان اڳ وارن ديوقامت عظيم انسانن جي ڪلهن تي چڙهي هن ڪائنات کي ڏسان پيو تنھنڪري ئي منھنجي نظر پري تائين آهي." هُن جو پُرتجسس دماغ سوال ڪرڻ جي بي انتھا قابليت رکندو هيو ۽ هُن جو ضمير هميشہ کيس سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ بيچين ۽ ٿرٿلي ۾ رکندو هيو ۽ انسان ذات جي فطرت متعلق پڪي ڄاڻ تي يقين نہ رکندو هيو جيسيتائين پاڻ ڪنھن نتيجي تي نہ پچچي. مشھور جرمن فلسفي فريڊرڪ نٽشي چواڻي، "سچ جو وڏو دشمن ڪُوڙ نہ پر پَڪ آهي." جيڪڏهن پنهنجي اڄ واري سماج تي نظر وجهجي تہ اندازو ٿيندو تہ اسان جو سماج, سماجي ۽ فطري سائنس جي ميدان ۾ 18هين صدي جي يورپ کان بہ پوئتي بيٺو آهي! ڏٺو وڃي تہ نيوٽن فطرت متعلق تمام عام ۽ بنيادي سوال ڪيا ڇو تہ هن پنهنجي وُجود کي پنهنجي آس پاس کان واقف رکڻ پئي چاهيو تنھنڪري هن پراسرار ڪائنات جي تلاءُ ۾ هڪ پٿر اڇلايو. لھرون تمام وڏيون ٿيون جو اڄ تائين اسان انهن جي دائري ۾ ئي جيئون پيا.
اضافو:- اصغر ساگر مضمون:-شاھ جبار
وڌيڪ ڏسو
سنواريوآئزڪ نيوٽن بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
تربيتي مواد ڏسو وڪي ورسٽي تي | |
چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان | |
درسي ڪتاب وڪي ڪتاب تان |
- سانچو:Librivox author
- سانچو:GoogleScholar
- ScienceWorld biography by Eric Weisstein
- Dictionary of Scientific Biography
- "The Newton Project"
- "The Newton Project – Canada"
- "Newton's Dark Secrets" – NOVA TV programme
- from The Stanford Encyclopedia of Philosophy:
- "Isaac Newton", by George Smith
- "Newton's Philosophiae Naturalis Principia Mathematica", by George Smith
- "Newton's Philosophy", by Andrew Janiak
- "Newton's views on space, time, and motion", by Robert Rynasiewicz
- "Newton's Castle" – educational material
- "The Chymistry of Isaac Newton", research on his alchemical writings
- The "General Scholium" to Newton's Principia آرڪائيو ڪيا ويا 2003-05-13 at Archive.is
- Kandaswamy, Anand M. "The Newton/Leibniz Conflict in Context"
- Newton's First ODE آرڪائيو ڪيا ويا 2007-07-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – A study by on how Newton approximated the solutions of a first-order ODE using infinite series
- سانچو:MathGenealogy
- "The Mind of Isaac Newton" آرڪائيو ڪيا ويا 2006-12-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – images, audio, animations and interactive segments
- Enlightening Science Videos on Newton's biography, optics, physics, reception, and on his views on science and religion
- Newton biography (University of St Andrews)
- سانچو:Cite EB1911 --> Chisholm, Hugh, ed. (1911). "Newton, Sir Isaac". Encyclopædia Britannica (11th ed.). Cambridge University Press.
- سانچو:UK National Archives ID
- سانچو:NPG name
- The Linda Hall Library has digitized Two copies of John Marsham's (1676) Canon Chronicus Aegyptiacus آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., one of which was owned by Isaac Newton آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., who marked salient passages by dog-earing the pages so that the corners acted as arrows. The books can be compared side-by-side to show what interested Newton.
نيوٽن جون لکڻيون
- Newton's works – full texts, at the Newton Project
- The Newton Manuscripts at the National Library of Israel – the collection of all his religious writings
- سانچو:Gutenberg author
- سانچو:Internet Archive author
- سانچو:Librivox author
- "Newton's Principia" آرڪائيو ڪيا ويا 2009-08-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – read and search
- Descartes, Space, and Body and A New Theory of Light and Colour, modernised readable versions by Jonathan Bennett
- Opticks, or a Treatise of the Reflections, Refractions, Inflexions and Colours of Light, full text on archive.org
- "Newton Papers" – Cambridge Digital Library
- (1686) "A letter of Mr. Isaac Newton... containing his new theory about light and colors" آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Philosophical Transactions of the Royal Society, Vol. XVI, No. 179, pp. 3057–3087. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1704) Opticks آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1719) Optice آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1729) Lectiones opticae آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
- (1749) Optices libri tres آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – digital facsimile at the Linda Hall Library
پيشرو Isaac Barrow |
Lucasian Professor of Mathematics at the University of Cambridge 1669–1702 |
جانشين William Whiston |
پيشرو The Lord Somers |
President of the Royal Society 1703–1727 |
جانشين Sir Hans Sloane, Bt. |
Unrecognised parameter | ||
---|---|---|
پيشرو Robert Brady |
Member of Parliament for Cambridge University 1689–1690 |
جانشين Edward Finch |
پيشرو Anthony Hammond |
Member of Parliament for Cambridge University 1701–1702 |
جانشين Arthur Annesley |
پيشرو Benjamin Overton |
Warden of the Mint 1696–1700 |
جانشين Sir John Stanley, Bt. |
پيشرو Thomas Neale |
Master of the Mint 1700–1727 |
جانشين John Conduitt |
سانچو:Isaac Newton سانچو:Scientists whose names are used as SI units سانچو:Royal Society presidents 1700s
حوالا
سنواريو- ↑ "Fellows of the Royal Society". London: Royal Society. وقت 16 March 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ 2.0 2.1 تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ عمر عطيلا ايرگي، سنڌيڪار مظفر بخاري آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سنڌ سلامت ڪتاب گھر
- ↑ Storr, Anthony (December 1985). "Isaac Newton". British Medical Journal (Clinical Research Edition) (BMJ) 291 (6511): 1779. doi: .
- ↑ Keynes, Milo (20 September 2008). "Balancing Newton's Mind: His Singular Behaviour and His Madness of 1692–93". Notes and Records of the Royal Society of London 62 (3): 293. doi: .
- ↑ Westfall 198055.
- ↑ {کتاب:سو عظیم آدمی؛ مصنف: مائیکل ھارٹ؛ پیج 31؛ تخلیقات پبلیشرز لاہور}
- ↑ {کتاب:سو عظیم آدمی؛ مصنف: مائیکل ھارٹ؛ پیج 31؛ تخلیقات پبلیشرز لاہور}