ڇا بليڪ هول ہمیشہ جي لاءِ حيات رهندا آهن

دريا خان سنڌي

جڏھن هڪ ستارو پنهنجي ٻارڻ ختم ڪري چڪو هوندو آهي انجا ممڪن ٽي انجام ٿي سگھجن ٿا يا تہ هو اڇو بونا White dwarf بڻجي ويندو آهي يا نيوٽران ستارو بڻجي ويندو آهي يا وري بليڪ هول بڻجي ويندو آهي، هڪ ستارو انھن 3 مان ڇا بڻبو؟ هي انجي ماس Mass تي مدار رکي ٿو

اڇو بونا ستارا ۽ نيوٽران ستارا بہ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ويجهي وارو مادو گڏ ڪري آخرڪار بليڪ هول بڻجي ويندا آهن

پر ڇا بليڪ هول ہمیشہ جي لاءِ رهندا؟

جي نہ، هاڪنگ ريڊي ايشن جي وجهہ سان بليڪ هول جو ماس گهٽ ٿيندو رهندو آهي ۽ هڪ نہ هڪ ڏينهن بليڪ هول پنھنجو سڀ ماس وڃائي ڇڏيندو ۽ ضايع ٿي ويندو

گهڻا وڏا بليڪ هولز خاص طور تي گھڻو وقت وٺندا ضايع ٿيڻ ۾ ۽ خاص طور تي ننڍن بليڪ هولز جي مقابلي ۾ جيڪي جلدي ضايع ٿي ويندا آهن

هاڻي اچو تہ هي سمجهون ٿا تہ ائين ڪيئن ٿيندو آهي

اسپيس جنھن کي اسان خلا چوندا آهيون حقيقت ۾ اهو بلڪل خالي ناهي هوندو

ڪوانٽم  میڪینڪس اسانکي ٻڌائي ٿي تہ اسپيس ۾ اڳ کان اهڙا ذرا particle ۽ ضد ذرا anti-particle بڻبا آهن ۽ گهڻي ئي گهٽ وقت ۾ هڪ ٻئي سان ملي ڪري ختم annihilate ٿي ويندا آهن هي ذرا ہمیشہ ذرا ۽ ضد ذرا جي جوڙين pairs جي صورت ۾ ئي بڻبا آهن، انھن ذرن کي ورچوئل پارٽيڪلس چئبو آهي.

هي ذرا پيدا ٿيڻ جي لاءِ توانائي وٺندا آهن جڏهن هي ذرا هڪ ٻئي سان ملي ڪري ختم annihilate ٿي ويندا آهن تہ هي توانائي واپس اچي ويندي آهي

هي ذرا پيدا ٿيڻ جي لاءِ جيتري گھڻي توانائي وٺندا اوترو ئي گهٽ وقت هي ذرا وجود رهندا

اسٽيفن هاڪنگ اهيو سوچيو تہ ڇا ٿيندو جڏهن هي virtual particles بليڪ هول جي event horizon افق جي بلڪل ويجهو ٺھندا.! ۽ ٺهڻ کان پوءِ هڪ ذرو event horizon افق جي اندر هجي ۽ هڪ ٻاهر.

هڪ بليڪ هول جي گرد اُهي چوڌاري جتان کان روشني واپس بليڪ هول ۾ ڪرندي آهي انکي event horizon افق چئبو آهي، ٻين لفظن ۾ اهو مقام آهي جتان کان اڳتي روشني بہ اسڪیپ escape نٿي ڪري سگھي

ائين ئي هڪ ذري کي بليڪ هول جي ثقلي قوت ڇڪيء وٺندي ۽ انجي ضد ذري Anti-particle کي ڇوجو ڪوبہ ذرو ختم ڪرڻ جي لاءِ نہ ملندو تہ ائين اھو ورچوئل ذرو حقيقي ذرو بڻجي ويندو ۽ event horizon افق سان ٻاهر نڪري هليو ويندو

هاڻي جيڪا توانائي انھن ٻنھي ذرن جي ملڻ سان واپس اچڻي هئي اُها بليڪ هول جي ماس ۾ گهٽتائي سان پوري ٿيندي ان منظر جي وجهہ سان جيڪڏهن ڪو بليڪ هول ويجھي جو مادو نہ چوري ڪري رهيو هجي تہ آهستي آهستي پنهنجو ماس وڃائي ڇڏيندو ۽ ضايع ٿيندو ويندو

جڏهن تہ ان منظر جي وجهہ سان بليڪ هول جي ماس ۾ گهٽتائي جي شرح گهڻي گهٽ آهي خاص طور تي هڪ وڏي بليڪ هولز جي لاءِ.