آئرا هڪ قسم جو پسارڪو وکر، جيڪو وارن جي تيل ۾ استعمال ٿيندو آهي. آنوِرَن جو وڻ سنڌ ۾ ڪونه ٿئي، پر گرم علائقن ۾ ٿيندو آهي. هيءُ وڻ هڪ سؤ فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي. وڻ جو ڦر صوفي ٻير جيڏو ۽ گول ٿيندو آهي، جنهن جا سُڪل داڻا ڪاري رنگ تي ۽ ذائقي ۾ ڪاسارا ٿين ٿا. حڪيمن موجب آنورا طبي لحاظ سان دماغ، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏين ٿا. قلب کي فرحت ۽ ذهن کي طاقت ڏين ٿا. عام عقيدو آهي ته تازن آنورن جو مربو، بواسير، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. هنديءَ ۾ هن کي ”آملہ“ چوندا آهن.[3]

آئرا
ٻوٽي جي تصوير
ٻوٽي جو ميوو
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): روسڊس
ترتيب: مالپيگھيئاليز
خاندان: فلانٿاشياء
Tribe: فلانٿيياء
Subtribe: فلائيگيئن
نسل: فلانٿس
جنس: پي. ايمبليڪا
حياتياتي نالو
فلانٿس ايمبليڪا
ايل.[1]
هم معنيٰ[2]
  • Cicca emblica (L.) Kurz
  • Diasperus emblica (L.) Kuntze
  • Dichelactina nodicaulis Hance
  • Emblica arborea Raf.
  • Emblica officinalis Gaertn.
  • Phyllanthus glomeratus Roxb. ex Wall. nom. inval.
  • Phyllanthus mairei H.Lév.
  • Phyllanthus mimosifolius Salisb.
  • Phyllanthus taxifolius D.Don
Fruit with young leaves and flower buds.

آنورا(Phylanthus Emblica)، هن کي هندستانيءَ ۾ آملا چون ٿا ۽ انگريزيءَ ۾ فلانٿس ايمبليڪا. هي هڪڙو ڊگهن پنن وارو وڻ آهي، جنهن جا گل ڳاڙها ۽ پيلا ٿين ٿا ۽ ڇڳن ۾ بيهن ٿا. ڦر به ٻيرن جهڙو ڪندو آهي.

هن جو هڪڙو قسم ننڍڙي ٻوڙي وانگي ٿئي ٿو، جنهن کي ڀون آنورا لال آنورا چون ٿا، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڪامون چون ٿا سو به هڪڙو جهنگلي ٻوڙو آهي، اهو به فلانٿس جي نالي هيٺ داخل آهي ۽ جو يوفاربيا جي جماعت ۾ داخل آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. "Phyllanthus emblica information from NPGS/GRIN". US Department of Agriculture. حاصل ڪيل 2008-03-06. 
  2. "The Plant List: A Working List of All Plant Species". حاصل ڪيل 14 July 2014. 
  3. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  4. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:Taxonbar