ڪلاوس ابنر

آسٽريائي ليکڪ
(Klaus Ebner کان چوريل)

ڪلاس ابنر (Klaus Ebner، پيدائش:8 آگسٽ، 1964ع)، هڪ آسٽرين ليکڪ، مضمون نگار، شاعر ۽ ترجمه نگار آهي. ويانا ۾ پيدا ٿيو ۽ پرورش ٿيس، هن ابتدائي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن سال 1980ع ۾ ميگزين ۾ ڪهاڻيون جمع ڪرائڻ شروع ڪيون ۽ سال 1989ع کانپوءِ سافٽويئر جي موضوعن تي مضمون ۽ ڪتاب پڻ شايع ڪرايائين. ابنر جي شاعري جرمن ۽ ڪيٽالان زبانن ۾ لکيل آهي، هن فرانسيسي ۽ ڪيٽالان ادب جو جرمن زبان ۾ ترجموپڻ ڪيو. هي ڪيترين ئي آسٽرين مصنفين ايسوسيئيشن، بشمول گريزرآٽو رينورساملنگ جو رڪن پڻ آهي.

Klaus Ebner
پيدائش 8 آگسٽ 1964(1964-08-08)
ويانا
ڌنڌو ليکڪ، مضمون نگار،شاعر ۽ ترجمه نگار
قوميت Austrian
دور دورِحاضر
مُکيه ڪم (Hominid (novel

سندس ڪم ۾ ڪيٽالان موضوعن تي ثقافتي مضمون ۽ يهودي روايتن سان جڙيل ڪهاڻيون شامل آهن. سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 2007ع ۾ ڇاپيو ويو. 2008ع ۾ اِبنر مختصر ناول ھومینائد، انسان نما (Hominide) ڇپايو. هن ڪيترائي ادبي انعام حاصل ڪيا آهن، جن منجهه سال 1982ع ۾ يوٿ انعام، ارستر اوستیریخسخر جوگیندپرائس Erster) Österreichischer Jugendpreis) ۽ سال 2007ع ۾ ويانيز، وینر ورکستاتپرائس Wiener) Werkstattpreis) شامل آهن. آسٽرين تنقيد نگار، جهڙوڪ وولف گنگ رٽز، اِبنر جي نثري انداز جي تعريف ڪئي آهي. مصنف پنهنجي خاندان سان گڏ ويانا ۾ رهندو آهي.

ابتدائي زندگي

سنواريو

ڪلاوُس اِبنر، ويانا،آسٽريا ۾ 8 آگسٽ 1964۾ پيدا ٿيو هيو[1].[2]. [3]

اسڪول منجهان پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اِبنر مختصر نثر،شاعري ۽ ريڊيو ڊراما لکياآهن [1].

لکڻ جو انداز

سنواريو

خاصطور تي اِبنر مختصر ڪهاڻيون هڪ ڪثير مضمونن احاطو ڪن ٿيون.

ايوارڊ ۽ ڪاميابيون

سنواريو

1982۾ يوٿ انعام Erster Österreichischer Jugendpreis

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو

اصل مضمون انگريزي وڪيپيڊيا تي en:Klaus_Ebner

  1. 1.0 1.1 Biographical note on ليکڪ جي سرڪاري ويب سائٽ آرڪائيو ڪيا ويا 2009-03-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., retrieved on 2009-02-12.
  2. آسٽرين قومي لائبريري; entries about the magazine Texte آرڪائيو ڪيا ويا 2012-04-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., retrieved on 2009-02-13, Vienna 1983-1986.
  3. GAV members' list, ڪلائوس ابنر جي باري ۾ اندراج, retrieved on 2009-02-12.