2015ع حج ڀڄ ڊڪ
24 سيپٽمبر 2015ء تي خميس جي صبح مني ۾ جمرات پل جي سامهون شارع العرب (شارع 204) تي حج جي دوران ڀڄ ڊڪ ٿيڻ تي717 کان وڌيڪ حاجي شهيد، جڏنهن ته 863 زخمي ٿيا،[1] ان َ وڌيڪ تعداد عورتن ۽ سن رسيده شخصن جو آهي۔[2] هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏنهن حاجي جمره عقبه جي طرف رمي جمار جي لاء وڃر رهيا هيا۔ هي 1990ء جي ٿيڻ واري ڀڄ ڊڪ کان پوء سڀ کان وڏيون هلاڪتون آهن۔[3]
خيمن جو شهر منٰي 2009ء ۾ | |
تاريخ | 24 سيپٽمبر 2015 |
---|---|
مڪانيت | 21°24′48″N 39°53′36″E / 21.41333°N 39.89333°E |
سبب | زير تفتيش |
زخمي | 863 |
2006ء ۾ انهي طرح ٿيڻ واري ڀڄ ڊڪ ۾ 346 فردَ جان بحق ٿيا هيا، جنهن کان پوء سعودي حڪومتَ وڌيڪ اصلاحتون ڪيون هيون۔[1] سانچو:فاصل نيز انهي سال حج جي دوران 11 ستمبر کو 118 فردَ مڪو ڪرين حادثو ۾ نذر ٿيا۔[4]
پس منظر
سنواريوحج جيڪو هر مسلمان تي زندگي ۾ هڪ دفعو فرض آهر۔هڪ حاجي حج جر مختلف منسڪن کي پورا ڪندو آهي، ان منسڪن مان هڪ رمی جمار (شيطان کي ڪنڪريون هڻڻ) آهي ۔رمي جمار جو منسک منٰي ۾ پورو ڪيو ويندو آهي جيڪو سعودي عرب جي صوبي مڪي هڪ ضلعو آهي ۔ اڪثر ماڻهون حج جي ان منسڪ کي خطرناڪ سمجهندا آهن ڇو ته شروع ۾ جمره ننڍو هيو ۽ حاجين جي تعداد گهڻي هئي، ماڻهون جيئن ئي جمره کي پٿر مارڻ وڃن ته جڳهه گهٽ هئڻ جي سبب سان بڄ ڊڪ شروع ٿي ويندي سوين حاجين جي لاء جان ليوا ٿي ويندو هيو۔ 2006ء ۾ ان ئي جڳهه تي ڀڄ ڊڪ شروع ٿي جنهن سان 346 فردَ جان بحق ٿيا، ان کان علاوه به ڪيترا ئي دفعا منٰي ۾ اهڙا واقعا سامهون آيا آهن، انهي واقعن جي پيش نظر سعودي حڪومتَ منٰي شهر ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاء قدم وڌايا، پر حاجين جي هڪ وڏي تعداد جي سبب هڪ دفعو ٻيهر 24 سيپٽمبر 2015ء تي ڀڄ ڊڪ جو هي واقعو سامهون آيو جنهن ۾ 763 فردَ جان بحق ۽ 1000 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا جن ۾ ڪن جي حالت نازڪ آهي۔
واقعو
سنواريوڀڄ ڊڪ جو هي واقعو منٰي جي جڳهه تي پيش آيو جيڪو مڪي مڪرم کان پنج ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي۔ حاجي منٰي ۾ هڪ رڪن رمي جمرات جي ادائي لاء ويندا آهن،سعودي عرب جي محڪمة شهري دفاع جي ترجمان جي مطابق هي حادثو ان وقت پيش آيو هيو جڏنهن حاجي جمرات تي ڪنڪريون اڇلڻ جي لاء شارع نمبر 204 ۽ 223 جي دوراهي تي موجود هيا۔ان وقت ان پُل تي حاجين جي وڏي تعداد جي هڪ جڳهه تي موجودگي جي وجه سان ڀڄ ڊڪ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي حاجي زمين تي ڪري پيا ۽ چيڀاٽجڻ جي سبب جان بحق ٿي ويا۔[5]
الا اسوفو جيڪو هن حادثي جو عيني شاهد آهي ان جو چوڻ آهي ته:
” | ماڻهون رمي جي لاء وڃي رهيا هيا ته ان جي سامهون ڪنڪريون هڻي اچڻ وارا حاجي اچي ويا۔ پوء افراتفري جو سمان هيو ۽ اوچتو ماڻهون ڪرڻ لڳا، وڌيڪ هي ته ڪيئي ماڻهون هڪ ٻئي جي مٿان چڙهي محفوظ جڳهه تي پهچڻ لاء ڪوشان هيا، ان وجهه سان به ڪجهه ماڻهون مري ويا۔[6] | “ |
رد عمل
سنواريوسعودي عرب: ولي عهد مملڪت محمد بن نايف، حادثي کان پوء حاجين جي حفاظتي اهلڪارن جو هنگامر اجلاس طلب ڪيو، ۽ حادثي جي سببن جي مڪمل تفتيش جي لاء هڪ ڪميٽي جوٽ ڙي ۽ شاه سلمان بن عبد العزيز کي نتيجن کان آگاه ڪيو.[7]
پڻ ڏسندا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "Hajj stampede: At least 717 killed in Saudi Arabia". BBC News. حاصل ڪيل 24 September 2015.
- ↑ سبق تحديث (2)-الدفاع المدني: 100 وفاة و390 إصابة في التدافع عند جسر الجمرات في منى
- ↑ Ben Hubbard; Mona Boshnaq. "Stampede Near Mecca During Hajj Leaves at Least 717 Dead". The New York Times. حاصل ڪيل 24 September 2015.
- ↑ "Mecca crane collapse: Saudi king sanctions Binladin group". The Guardian. Guardian News and Media Limited. حاصل ڪيل 24 September 2015.
- ↑ More than 700 killed in Saudi Hajj stampede | Saudi Arabia News | Al Jazeera
- ↑ Hajj stampede: At least 717 killed in Saudi Arabia - BBC News
- ↑ تشكيل لجنة تحقيق عليا تتولى التحقيق في الحادث الذي وقع للحجاج بمشعر منى صحيفة اليوم، 24 سبتمبر 2015. وصل لهذا المسار في 24 سبتمبر 2015