ﺩﺍﺩﺍ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ

ﺩﺍﺩﺍ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ (Dada Lekkhraaj) حيدرآباد ﺟﻮ ﻋﺎﻣﻞ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﮐﻲ ڪﻨﻴﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﮣﻲ ﺣﺎﻝ ﺗﻲ ڪﻬﻞ ﺁﺋﻲ. اوم ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ (Om mandilee/ओम मंडली) ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺍﺩﺍﺭﻭ ﮐﻮﻟﻴﺎﺋﻴﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڏﻳﺘﻲﺀَ ﻟﻴﺘﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﺘﺎﻳﻞ ﺷﺎﺩﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﻧﺎﺍﻣﻴﺪ ﮀﻮڪﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﭘﺎﮠ ﻭٽ ﭘﻨﺎﻫﻪ ڏﺋﻲ ﮐﻴﻦ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﻤﺮ ﮄﻳﺎﻥ ﮔﻴﺎﻥ ۽ ﮔﻬﺮﻳﻠﻮ ﻫﻨﺮﻥ ۾ ﻣﺸﻐﻮﻝ ﺭﮐﮡ ﺟﻮ ﺑﻨﺪﻭﺑﺴﺖ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﮔﻬٽ ۾ ﮔﻬٽ، ﻇﺎﻫﺮﻱ ﻃﺮﺡ ﺗﻪ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﺟﺎ ﺍﺻﻮﻝ ﺍﻫﻲ ﺑﻴﺎﻥ ڪﻴﺎ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ . ﻣﻨڊﻟﻲ ﭤﻮﺭﻥ ﺋﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﻧﺪﺭ ﻋﻮﺭﺗﻦ ۾ ڏﺍﮂﻱ مشهور ﭤﻲ ﻭﺋﻲ. ﻭڏﻱ انگَ ۾ ﻋﺎﻣﻠﻦ ﺟﻮﻥ اڻپرڻيل ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﮔﻬﺮﻥ ﻣﺎﻥ ﭜﭵﻲ ﻭﭸﻲ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﺭﻫﮡ ﻟﮙﻴﻮﻥ ۽ ﻋﺎﻣﻠﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ۾ ﻭڏﻭ ٽاڪﻮڙﻭ ﭘﺌﺠﻲ ﻭﻳﻮ . ﻭﺍﻳﻮ ﻣﻨڊﻝ ﺍﻫڙﻭ ٿيو ﺟﻮ، ﮔﻬﮣﻮ ڪﺮﻱ، ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﮀﻮڪﺮﻱﺀَ ﺗﻲ مائٽن ﺟﻮ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ڪﻮ ﻧﻪ ﺭﻫﻴﻮ . ﺟﻴڪﻲ ﺍﭸﺎ ﻧﻪ ﭜﭵﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ﺗﻦ ﻻﺀِ ﺑﻪ ﺍﻫﻮ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺍﭲ ﻧﻪ ﺳﭝﺎڻ ﺿﺮﻭﺭ ﺍﻭﻡ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ۾ ﻭﭸﻲ ﭘﻨﺎﻫﻪ ﻭﭠﻨﺪﻳﻮﻥ ۽ ﻣﺎﺋٽن ﻻﺀِ ﺑﺪﻧﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ڪارڻ ﺑﮣﺒﻴﻮﻥ.

دادا ليکراج خوبچند ڪرپلاڻي
Lekhraj Khubchand Kripalani
(ليکراج خُوبچندڪِرپلاڻِي (دادا ليکراج
ذاتي معلومات
پيدائش 15 December 1876
حيدرآباد، سنڌ
وفات 18 جنوري 1969 (عمر 92 سال)
مائونٽ آبو، راجھستان
مذھب ھندو(اسپرچوئلسٽ)، برھماڪماري
قوميت انڊين
عرفيت پرجاپتا برھما
برھما بابا.

ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺟﺎ ﻋﺎﻣﻞ ﻭڏﻱ ﺷﻲﺀِ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ، ﺍﻗﺒﺎﻝ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ، ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺍﺛﺮ ۽ ﺟﺎﮘﺮﺗﺎ ﺟﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﺳﺎﻥ، ﺗﻦ ﺍﻥ ﺧﺠﺎﻟﺖ ﮐﺎﻥ بچڻ ﺧﺎﻃﺮ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻨڊﻟﻲ ﺧﻼﻑ ﻭڏﻭ ﻃﻮﻓﺎﻥ اٿاري ڇڏيو.

ﺩﺳﺘﻮﺭ ﻣﻮﺟﺐ، ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ، ﻫﻨﺪﻭ ﺍﺧﺒﺎﺭﻭﻥ، ﺟﻴڪﻲ ﮔﻬﮣﻮ ڪﺮﻱ ﻋﺎﻣﻠﻦ ﺟﻲ هٿ هيٺ ۾ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ﺁﻳﻮﻥ. ﻃﺮحين ﻃﺮحين ﺟﺎ ﺍﻟﺰﺍﻡ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﺗﻲ هڻڻ ﻟﮙﻴﻮﻥ. ڄئي: ” راجا اِندر (Raja Indir) ﺑﮣﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺍﻧﺪﺭﺳﭝﺎ ﻗﺎﺋﻢ ڪﺌﻲ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ، ﻣـُـﺮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﺪﺩ ﺳﺎﻥ ﮔﻮﭘﻴﻮﻥ (Gopiyoon) ﭘﻴﻮ ﮔڏ ڪﺮﻱ، ﺑﻨﮕﻠﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺗﻼﺀُ ﭠﻬﺮﺍﻳﻮ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻮﭘﻴﻦ ﮐﻲ ﻟﺒﺎﺱ ﺟﻲ ﺑﺎﺭ ﮐﺎﻥ ﺁﺟﻮ ڪﺮﻱ ﭘﺎﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭘﻴﻮ ﺗـُـڙﮘﺎﺋﻲ، ﺳﻨﻴﺎﺳﻴﻦ وٽان ﻃﺎﻗﺖ ﺟﺎ ڪـُـﺸﺘﺎ ﭘﻴﻮ ﮔڏ ڪﺮﻱ.

ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ۾ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰ ﺳﺮڪﺎﺭ ﺗﻲ ﺩﭔﺎﺀُ ﻭﺟﻬﮡ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺍﻥ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﮐﻲ ﺧﻼﻑ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﭠﻬﺮﺍﺋﻲ ﺑﻨﺪ ڪﺮﻱ. ﭘﺮ ﺍﻥ ۾ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ڪﺎ ﻧﻪ ﭤﻲ. ﺍﻧﮕﺮﻳﺰ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺍﺻﻮﻝ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ . ﭔﮅﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻳﺎ ﺍﺧﺒﺎﺭﻱ ﭘﺮﻭﭘﻴﮕﻨڊﺍ ﺟﻲ ﺁﮄﺍﺭ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻫڪ ﺷﻬﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﭼﻮﺩﻳﻮﺍﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﺍﺣﺘﺮﺍﻡ ﮐﻲ ﻣﺠﺮﻭﺡ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ڪﻤﺸﻨﺮﻱ ﺭﺍﭲ ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﮅ ﺑﻤﺒﺌﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺟﺪﺍ ڪﺎ ﻧﻪ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ، ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﻃﺮﺡ ڪﻮ ﻗﺪﻡ ڪﻮ ﻧﻪ ﮐﭵﻴﻮ . ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﭰﮡ ڪﮃﻳﻮﻥ ﻭﻳﭡﻮ ﺭﻫﻴﻮ. نيٺ ﺗﻨﮓ ﭤﻲ ﻋﺎﻣﻠﻦ ” ڊﺋﺮﻳڪٽ ﺍﻳڪﺸﻦ “ ﮐﮣﮡ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ڪﻴﻮ .

ڪﺴﺮﺕ ﺷﺎﻻﺋﻦ ﺟﻮ ﺭﻭﺍﺝ ﭘﺌﺠﻲ ﭼڪﻮ ﻫﻮ. ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻫﻨﺪﻭ ﺻﺒﺢ ﻭﻳﻠﻲ ﺍﺕ ﻭﭸﻲ ﺗﻴﻞ ﻣﺎﻟﺶ ڪﺮﺍﺋﻲ ﺑﺪﻥ ﮐﻲ ﭔﻠﻮﺍﻥ ٿيڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ﻟﭡﻴﻦ، ﮔـٰـُﻬﻮﺷﻦ ۽ ﮔﻬﻮﭔﺎٽن ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﺑﻪ ﻭﭠﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ڪﻮﭞ ﻭﻳﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺟﺎﺗﻲﺀَ ﺧﺎﻃﺮ ﺍﻭﻡ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﭼﻨڊﺍﻝ ﭼﻮڪڙﻱﺀَ ﮐﻲ ﺯﻭﺭ ﺳﺎﻥ ﺑﻨﺪ ڪﺮﺍﺋﻴﻦ. ﺍﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﻭﺍﺭﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻭﭸﻲ ﭘﻬﺘﻲ ﺗﻪ ﺣﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﺗﻴﺎﺭﻱ ﭤﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻓﺎﻋﻲ ﺣڪﻤﺖ ﻋﻤﻠﻲ ﺍﮘﻮﺍٽ ﺳﻮﭼﻲ ﻭﺭﺗﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﻫﻦ ﻃﺮﺡ ﻫﺌﻲ: ﺩﺍﺩﺍ ﺻﺎﺣﺐ، ﻓﻮﺟﻲ ﺟﻨﺮﻝ ﻭﺍﻧﮕﺮ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺌﻤﭗ، ﻣﻴﺪﺍﻥ ﺟﻨﮓ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻱ، ڪﻨﻬﻦ ﺑﻨﺪ ڪﻤﺮﻱ ۾ ﺭﮐﻲ ﺍﺗﺎﻥ ﻭﻳﻬﻲ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ڪﻨﺪﻭ. ﻣﻴﺪﺍﻥ ﺟﻨﮓ ۾ ﻣﻨڊﻟﻲ ۾ ﺭﻫﻨﺪڙ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ پاڻ ﻭﭸﻲ ڪاهه ڪندڙن ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ڪﻨﺪﻳﻮﻥ. ﻫﭥﻴﺎﺭ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ۾ ﺍﮖ ۾ ﺋﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫﺌﺎ، ﻳﻌﻨﻲ : ﭔﻮﻫﺎﺭﺍ، ﮔﻨﺪ ﺳﺎﻥ ﭜﺮﻳﻞ ﮀﭳ، ﺑﻮﺗﻠﻦ ۾ ﺑﻨﺪ ﺑﺪﺑﻮﺩﺍﺭ ﭘﺎﮢﻲ، ڪﺎﻏﺬﻱ ﭘـُـڙﻥ ۾ ﻭﻳڙﻫﻴﻞ ڪﻦ ڪﭽﺮﻭ، ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺭﻧﮕﻦ ﺳﺎﻥ ﭘـُـﺮ ﭘﭽڪﺎﺭﻳﻮﻥ، ﺭﻧﮅﮢﻦ ﺟﺎ ﭼﻤﭽﺎ ۽ ﭔﻴﺎ ﭤﺎﻧﻮ، ﭘﺮﺍﮢﻴﻦ ﺟـُـﺘﻴﻦ ﺟﺎ ﭘﺎﺩﺭ، ﻭﻏﻴﺮﻩ ﻭﻏﻴﺮﻩ . ﺷڪﺮ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺭَﺕُ ﺍﭸﺎ ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ﻫﻮ، ﮀﺮﺍ ۽ ﭼﺎﻗﻮ ﻣﻘﺒﻮﻝ ﻋﺎﻡ ڪﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﻗﺎﻧﻮﻥ جيئرو ﻫﻮ، ڪورٽ سڳورين ﺟﻲ عزت ﻫﺌﻲ. تنهنڪري اهنسا يا ﻋﺪﻡ ﺗﺸﺪﺩ ﺟﻲ ﺍﺻﻮﻝ ﮐﻲ آڏو ﺭﮐﮣﻮ ﭘﺌﻲ ﭘﻴﻮ.

منڊليءَ تي ڪاهه ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺁﻳﻮ. ڪاهه ٿي، ﺳﺆ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ رضاڪار، ﺟﻦ ﺳﺎﻥ ﭘﻨﺞ ﭼﺎﺭ ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ﺟﺎ ﺧﺎﻃﻮ ﺑﻪ ﺳﺎﮠ ﻫﺌﺎ، ﺍُﻭﻡ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﻴٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﺩﺭ ﮐﻲ ﮄڪﺎ ڏﻳﮡ ۽ ﻟـُـڙ ﻣﺎﻧﮅﺍﮠ ڪﺮﮠ ﻟﮙﺎ . ﺍﻧﺪﺭﺍﻥ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻫﭥﻴﺎﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﻟﻴﺲ ﭤﻲ ﮔﻴٽ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﺋﻲ ﺑﻴﻬﻲ ﺭﻫﻴﻮﻥ. ﻣﻌﺎﻣﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ . رضاڪارن ﻣـُـڪﺎ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﺎ، ﻋﻮﺭﺗﻦ ﭔﻮﻫﺎﺭﺍ ڏيکاريا، ﻫﻨﻦ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﺟﻲ ﺣﻖ ۾ ﺯﺑﺎﻧﻲ ﮔﻨﺪ ﻣـَـﻴﻮ، ﻫﻨﻦ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﮔﻨﺪ ﻣﭥﻦ ﺍﮀﻼﻳﻮ، ﻫﻨﻦ ﺩڙڪﺎ ڏﻧﺎ، ﻫﻨﻦ ﺑـُـﺠﺎ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﺎ، ﻫﻨﻦ ﻣﻬﺎ ﺳﭝﺎﺋﻲ ﻟﻴڊﺭ ” ﻭﻳﺮ ﺳﺎﻭﺭڪﺮ ﺟﻲ ﺟﺌﻲ “ ﺟﺎ ﻧﻌﺮﺍ ﻫﻨﻴﺎ، ﻫﻨﻦ ” ﺩﺍﺩﺍ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﺟﻲ ﺟﺌﻲ “ ﺟﺎ ﺁﻭﺍﺯ ڪﺴﻴﺎ. ﮔﻬڙﻱ ﺳﻮﺍ ﺍﻫﻮ چهچڻو ﻫﻠﻴﻮ. ﺍﺻﻠﻲ ڪﻢ ﮔﻨﺪ ﺟﻲ ﭘـُـڙﻥ ﺧﺮﺍﺏ ڪﻴﻮ. ﭘـُـڙﻭ ﻟﮙﻮ، ﻣـُـﻨﻬﻦ ﻳﺎ ﮀﺎﺗﻲﺀَ ﺗﺎﻥ ﺷـُـﮅ ﮐﺎﮄﻱﺀَ ﺟﻲ ڪﭙڙﻥ ﺗﻲ ڪـِـﻦُ ﮘڙﻳﻮ ۽ ﺟﻮﺍﻥ ﭜﮙﻮ. ﺍﭸﺎ ﺑﻮﺗﻠﻦ ۾ ﭜﺮﻳﻞ ﻣﺎﻝ ﺟﻲ ﻭﺭﮐﺎ ﺟﻮ ﻭﺍﺭﻭ ﺋﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ﺁﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ والنٽيئر ﭜﭵﮡ ﻟﮙﺎ. ﮔﻴٽ ﭘﮁﺎڙﻱﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﻮ ﻧﻪ ﮐــُـﻠﻴﻮ، ﭔﺎﻫﺮﺍﻥ ﺋﻲ ﭔﺎﻫﺮﺍﻥ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ. ڪاهه ڪﺎﻣﻴﺎﺏ نه ٿي. ﺍﺻﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻲﺀَ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﺩﺅﺭ ﺟﺎ ﻏﻨڊﺍ ﺍﭸﺎ ترقي ڪيل ڪﻮ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ، اهنسا يا ﻋﺪﻡ ﺗﺸﺪﺩ ۾ ﻭﺷﻮﺍﺵ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﺌﻦ، ﺯﺑﺎﻧﻲ ﺟﻤﻊ ﺧﺮﭺ ﺗﻲ ﭜﺎڙﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ.

ﭔﻴﻮ ﭜﻴﺮﻭ ﻫﻦ ڪﺮﻱ ” ﺳﮅﻭ ﻗﺪﻡ “ ﮐﭵﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ، ﺟﻮ ﻫﻲءَ ﺍﻓﻮﺍﻫﻪ پکڙجي وئي ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﮐﻲ موٽائڻ ﻻﺀِ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﺍﮖ ﮐﺎﻥ ﺑﻪ ﻭﮄﻳڪ انتظام ڪﺮﻱ ﺭﮐﻴﺎ ﺁﻫﻦ . مثال طور : ڪﭙڙﻱ ﺟﻲ ﻧﻨﮃڙﻳﻦ ﮘﻨﮃڙﻳﻦ ۾ ڪڪڙﺍ ۽ ڪﭙﺎﻫﻪ ﻭﺟﻬﻲ ﺭﮐﻴﺎ ﺍﭤﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ﻭﻗﺖ ﮔﺎﺳﻠﻴٽ ۾ ﭔﻮڙﻱ، ﺗﻴﻠﻲ ڏﻳﺌﻲ، ﺣﻤﻠﻲ ﺁﻭﺭﻥ ﺗﻲ ﺍﮀﻼﺋﻴﻨﺪﻳﻮﻥ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻪ والنٽيئر ﺗﻲ ﺍﻫﺎ ﭔﺮﻧﺪڙ ﮘﻨﮃڙﻱ ڪﺮﻧﺪﻱ ﺗﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﻭﭠﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ. ﻭڏﻱ ﺟﻮﮐﻢ ﺟﻮ ڪﻢ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ.

نيٺ ﭘﺌﻨﭽﻦ ﻓﻴﺼﻠﻮ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﺭﺍﺕ ﻭﮘڙﻱ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﺗﻲ ﭘﭥﺮﻥ ۽ ﺳـِـﺮُﻥ ﺟﺎ ﻭﺳڪﺎﺭﺍ ڪﺠﻦ، ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﺭﻫﮡ ﻭﺍﺭﻥ ۽ ﻭﺍﺭﻳﻦ ﺟﻮ ﻭﻳﻬﮡ ﻭﻫـُـﻪ ﭤﻲ ﭘﻮﻱ. ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﻭﺍﺭﻥ ﻫﻨﺪﻭ ﭘﻮﺭﺑﻴﺎ ﭼﻮڪﻴﺪﺍﺭ ﺭﮐﻴﺎ. ﭘﺮ اتفاق سان ڪﻨﻬﻦ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﭘﻮﺭﺑﺌﻲ ﭼﻮڪﻴﺪﺍﺭ ﮐﺎﻥ ﻟﭽﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﻭﺋﻲ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ اڳتي ﻻﺀِ ﺩﺍﺩﺍ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﮐﻲ ﻧـَـﺮ ﭘﮑﻲﺀَ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺍﻋﺘﺒﺎﺭ ڪﻮ ﻧﻪ ﺭﻫﻴﻮ. ﺗﻨﮓ ﭤﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﺎﻥ ﻣﻨڊﻟﻲ ﻣﻨﺘﻘﻞ ڪﺮﻱ ڪراچي ﻧﺪﺍﺋﻴﻦ. ڪﻠﻔٽن ﭘﺎﺳﻲ ﻫڪ ﻭڏﻭ ﺑﻨﮕﻠﻮ ﻭﭠﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﻭڏﻭ ڪﻮٽ ڪﮃﺭﺍﺋﻲ ﮀڏﻳﺎﺋﻴﻦ. ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﺑﻼ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﭥﺎﻥ ﺍﭼﻲ ڪڙڪﻲ. ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺟﻲ ﻫﻨﺪﻥ ۾ ﺑﻪ ﻣﺎﻧﮅﺍﮠ ﭘﺌﺠﻲ ﻭﻳﻮ. ﺧﻄﺮﻱ ﺟﺎ ﮔﻬﻨڊ ﮔﻬڙﻳﺎﻝ ﻭﮘﺎ. ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ﺧﺎﻧﺪﺍﻧﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮﺩﺍﺭ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﺮ ﭜﺎﺗﻴﻦ ﺗﻲ ڪـَـﺮڙﻱ ﻧﻈﺮ ﺭﮐﻦ، ﮔﻬﺮﻥ ﺗﻲ ڪڙﺍ ڪﻠﻒ ﭼﺎڙﻫﻴﻦ، ﭘﺎﭘﻲ ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﭘﻬﭽﻲ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ.

ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺻﻠﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻮ، ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﮐﻲ ڪﻮﺳﻮ ﻭﺍﺀُ ڪﻮ ﻧﻪ ﻟﮙﻮ، ﭘﺮ 1937ﻉ ۾ ﻧﻮﺍﻥ ﺳﮅﺭﺍ ﺁﻳﺎ، 1938ﻉ ۾ ﺍﻟﻠﻪ ﺑﺨﺶ ﺟﻲ ﻭﺯﺍﺭﺕ ﭠﻬﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺪﺍﺭ ﻭﭸﻲ ﻫﻨﺪﻭ ﻭﻭٽن ﺗﻲ ﭤﻴﻮ. ﻫﻨﺪﻥ ﻣﭥﺲ ﺯﻭﺭ ﺁﻧﺪﻭ ﺗﻪ ﺍﻭﻡ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﮐﻲ ﺧﻼﻑ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﻗﺮﺍﺭ ڏﺋﻲ ﺣڪﻤن ﺑﻨﺪ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ. ﮔﻮﺭﻧﺮ ﺍﭸﺎ ﺑﻪ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ، ﺗﻨﻬﻦ ﺍﻫڙﻱﺀَ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﺩﺍﺩﺍﮔﻴﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﺍﺟﺎﺯﺕ ڪﺎ ﻧﻪ ڏﻧﻲ. ﻭﺯﺍﺭﺕ ﮐﻲ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﻫﺎﺀِ ڪﻮﺭٽ ﺟﻲ ﺟﺞ ﮐﺎﻥ ﺗﺤﻘﻴﻘﺎﺕ ڪﺮﺍﺋﻲ، ﺍﻥ ﺟﻲ ﺭﺍﺀِ ﻭﭠﻲ، ﭘﻮﺀِ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﻗﺪﻡ ﮐﮣو. ﻫﺎﺀِ ڪﻮﺭٽ ﺟﻮ ﺟﺞ ﺑﻄﻮﺭ ٽربيونل ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ . ﺍﻥ ڪﻬڙﻱ ﺭﭘﻮﺭٽ ڏﻧﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ڪﺎ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ. ﭘﺮ ﻣﻨڊﻟﻲﺀَ ﮐﻲ ﺑﻨﺪ ڪﺮﮠ ﺟﺎ ﺣڪﻢ ﺟﺎﺭﻱ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ. ﻫﻨﺪﻥ ﺗﺎﻥ ته ڪﻮﭖ ﻟﭥﻮ. ﻟﻴﮑﺮﺍﺝ ﺟﻮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ڪﻬڙﻭ ﻟﻴﮑﻮ ﺭﻫﻴﻮ، ان جو وڌيڪ احوال نه ٿو ملي.[1][2]

  1. ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ تان ورتل.
  2. Book: Uhay ddheenh, Uhay Sheenhn