ھندستاني ٻولي هڪ ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا اتر ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندي آھي ۽ علائقي جي گڏيل ٻولي طور ڪم ڪندي آھي. اھا دڪني ماڻھن پاران پڻ ڳالهائي ويندي آھي. ھندستاني ھڪ گھڻ مرڪزي ٻولي آھي جنھن جون ٻہ معياري شاخون آھن: ھندي (جيڪا ديوناگري لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي ۽ سنسڪرت کان متاثر آھي) ۽ اردو (جيڪا فارسي-عربي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي ۽ فارسي ۽ عربي کان متاثر آھي)، جيڪي ترتيب سان ڀارت ۽ پاڪستان جون سرڪاري ٻوليون آھن. ان ڪري ھن ٻولي کي ھندي-اردو پڻ چيو ويندو آھي. ھن ٻولي جون عام شاخون ٻن معياري شاخن جي وچ ۾ هڪ تسلسل تي واقع ٿين ٿيون. جديد دور ۾ ھندستاني جي ھڪ ٽئين قسم، جنھن ۾ انگريزي جا ڪافي اثر شامل آھن، پڻ سامھون آئي آھي، جنھن کي ڪڏھن ڪڏھن ھنگلش يا اردش چيو ويندو آھي.

ھندستاني ٻولي کي ھڪ گڏيل ٻولي يا ملي جلي ٻولي طور پيش ڪرڻ جو تصور، جيڪو مذھبي ۽ سماجي فرقن کان ھٽي ڪري سڄي برصغير کي متحد ڪري سگھي، مهاتما گانڌي جي حمايت حاصل ھئي. ان کي ھندو يا مسلم ڪميونٽيز سان وابستہ نہ سمجھيو ويندو ھو جيئن ھندي ۽ اردو جي صورت ۾ ٿيندو آھي، ۽ ان کي اھڙو سادو سمجھيو ويو جيڪو ماڻھن لاءِ سکڻ ۾ آسان ھو. ھنديءَ کان اردو (يا ان جي ابتڙ) ۾ تبديلي عام طور تي رڳو ٻنهي لپين جي ٽرانسلٽريشن سان ڪئي ويندي آھي، جڏھن تہ ترجمي جي ضرورت عام طور تي مذھبي يا ادبي متنن لاءِ ٿيندي آھي.

ماھرن جي تحقيق موجب ھن ٻولي جي قديم شاعري، جيڪا پراڻي ھندي جي صورت ۾ ملي ٿي، دھلي سلطنت جي دور کان 12هين ۽ 13هين صديءَ ۾ شروع ٿي. دھلي سلطنت جي دور ۾، جنھن ۾ اڄ جي ڀارت، اوڀر پاڪستان، ڏکڻ نيپال ۽ بنگلاديش جو وڏو حصو شامل ھو، ھندو ۽ مسلم ثقافتن جي رابطي سان پراڪرت ۽ سنسڪرت جي بنياد تي ٺھيل پراڻي ھندي ۾ فارسي جا لفظ شامل ٿيا ۽ اھا ھندستاني ٻوليءَ جي جديد شڪل اختيار ڪرڻ لڳي. ھندستاني ٻولي، خاص طور تي ڀارت جي آزاديءَ جي جدوجهد دوران، قومي اتحاد جو اظھار بڻجي وئي، ۽ اھا اڄ بہ اتر ڀارت ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ عام ماڻهن جي گڏيل ٻولي طور ڳالهائي وڃي ٿي. اھو رجحان خاص طور تي باليووڊ جي فلمن ۽ گانن ۾ بہ ڏسجي ٿو.

ھن ٻوليءَ جو بنيادي لفظي ذخيرو پراڪرت (جيڪا سنسڪرت جي ھڪ شاخ آھي) مان ورتل آھي، ۽ ان ۾ فارسي ۽ عربي جا ڪافي لفظ شامل آھن. اھا عام طور تي ھندي لاءِ ديو ناگري لپي ۽ اردو لاءِ عربي بنيادي لپي ۾ لکجي ٿي، جڏھن تہ جديد دور ۾ نيوٽرل لپي طور رومن کي پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

2023ع جي مطابق، ھندي ۽ اردو گڏجي دنيا جي ٽين وڏي ڳالهائي ويندڙ ٻولي آھي، جن جا 843 ملين مادري ۽ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ آھن، ايٿنولوگ (Ethnologue) جي انگن اکرن مطابق. اھي انگ اکر انھن ملين ماڻھن کي بہ شامل ڪن ٿا جن ڀارتي مردم شماريءَ ۾ پنهنجي ٻولي کي "ھندي" طور رپورٽ ڪيو، پر اھي اصل ۾ ھندستاني کانسواءِ ٻين ھندي ٻولين ۾ ڳالھائين ٿا. 1995ع ۾ ھندي-اردو ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد 300 ملين کان وڌيڪ ٻڌايو ويو ھو، جنھن ڪري ھندوستاني ٻولي دنيا جي ٽين يا چوٿين وڏي ڳالهائي ويندڙ ٻولي آھي.