ڳوڙهو اکين مان خارج ٿيڻ وارو مادو آهي، جنهن جي وهڻ سان اک جي اندرين جهلي صاف ۽ آلي رهندي آهي۔ ڳوڙهن جي وهڻ جي عمل کي روئڻ به چيو ويندو آهي، جيڪو عام طور تي ڪنهن صدمي يا غم جي صورت ۾ جذبات بي قابو ٿي وڃڻ سان ٿيندو آهي جڏهن ته ڪجهه وقتن ۾ خوشي جي موقعي تي به اکين مان ڳوڙها وهي ويندا آهن۔ اوٻاسي ڏيڻ وقت به اکين مان پاڻي وهي ويندو آهي۔ سڀ مئمل جانورن جي اکين مان پاڻي اکين کي صاف ڪرڻ لاء وهندو آهي پر انسان وٽ اها صلاحيت آهي ته هو پنهنجي جذبات کي ظاهر ڪرڻ لاء ڳوڙها وهائيندو آهي.

ڳوڙهن جي نظام جي هڪ تشريحي تصوير