اک جسم جو اھو حصو جنھن ذريعي انسان ۽ جانور شيون ڏسي سگھندا آھن. ڏسڻ انسان جي پنجن حسن مان ھڪ آھي.

اک

انساني اک

اينٽارڪٽڪ ڪرل جي ڪمپائونڊ اک
تفصيل
عضون جو نظام Nervous
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي oculus
ائناٽامي جا محاورا A15.2.00.001
A01.1.00.007
ائناٽامي جا محاورا

انساني اک

سنواريو

انساني اک گول شڪل جي ھوندي آھي. اک جي اندروني حصي جا ٽي تھ ھوندا آھن: اسڪليرا:(sclera): يعني ٻاھريون تھ؛ ڪورائڊ:(choride) :يعني وچون تھ؛ ۽ ريٽينا:(retina): يعني اندروني تھ. اسڪيلرا بلڪل شفاف ھوندو آھي جنھن کي ڪورنيا:(Cornea) بہ چوندا آهن. اهو هڪ سنھي شفاف پردي ڪنجنڪٽو (conjunctive)سان ڍڪيل ھوندو آھي.

ڪورائڊ رنگدار ۽ نسن (vascular) ھوندو آھي.ان جي اڳئين حصي ۾ ڪورنيا جي پٺيان رنگين وٿي يا گول سوراخ ھوندو آھي جنھن کي ماڻڪي چئبو آهي جنھن جي چوڌاري پٺا يا مشڪون (muscles) ھوندا آھن جيڪي سسندا ۽ وڌندا آهن، جنھن ڪري ماڻڪيء جي جسامت بہ گھٽبي۽ وڌندي آهي. ڪورنيا ۽ آئرس (Iris) جي وچ واري جاء کي پاڻياٺ وارو خانو Aqueous chamber چئبو آهي جنھن ۾ خاص قسم جي پاڻياٺي رطوبت (Aqueous humour) ڀريل ھوندي آھي.آئرس يا سوراخ جي پٺيان ھڪڙو محدب لينس يا بلور رکيل آهي، جنھن جي چوڌاري وارن جھڙا سنھڙا پٺا يا مشڪون ھونديون آھن جيڪي بلور جي گولائي کي گھٽ وڌ ڪري بدلائي جسم کي فوڪس تي آڻينديون آهن.بلور جي پٺيان ھڪ ٻيو شفاف خانو ھوندو آھي جنھن ۾ شفاف پاڻياٺ وٽريس ھيومر (vitreous humour) ڀريل ھوندي آھي.ھن خاني جي اندران حساس تھن (sensory layer)جو پڙدو ھوندو آھي، جنھن کي ريٽينا retina چئبو آهي. ھن ريٽينا ۾ ٻن قسمن جا حساس نيوران ٿيندا آهن. سين يا لٺ جھڙا نيوران (rods) جيڪي روشنيءَ کي محسوس ڪندا آهن ۽ ٻيا مخروط نيوران (cones) جيڪي رنگ محسوس ڪندا آهن.