ڳوٺ ڳاها (انگريزي:Village Gaha) سنڌ جي سمن جي راڄ جي سورمي ۽ ڄام نظام الدين سمو جي حڪمراني دوران سندس سپھ سالار ۽ وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهندڙ شهيد دولھ دريا خان جو ڳوٺ رهيو. جيڪو ڳاها پرڳڻي جو مرڪز هو.

ڳوٺ ڳاها

نالو سنواريو

ڳاها تي نالو ڳاها ڪيئن پيو اهو تاريخ ۾ اڻ جوابيل سوال رهندو پر مورخ ڊاڪٽر نياز عباسي جي خيال موجب نالو ڳاها قبيلي جي پٺيان پيل ڀانئجي ٿو.[1] عزيز ڪنگراڻي پڻ ان راءِ جو آهي تہ ڳاها قبيلو سماٽ قبيلو آهي ممڪن آهي ته هتي ڳاها قبيلو آباد هجي ۽ انڪري مٿس نالو ڳاها پيو. ڳاها دولھ دريا خان جو ڳوٺ هو.  ڳوٺ تي نالو شايد ڳاها قبيلي جي رهائش جي ڪري پيل ڀانئجي ٿو. بهرحال سنڌ جي سمورين تاريخن  شهيد دولھ دريا خان جي ٻن ڳوٺن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪ ٽلٽي ٻيو ڳوٺ ڳاها. دولھ دريا خان جي ٻنهي ڳوٺن ۾ رهائش ٻُڌائي وئي آهي. ڳاها ۾ کيس ڄام نظام الدين سمو عرف ڄام نندو طرفان جاگير عطا ٿيل هئي.[2]

تاريخ ۽ محل وقوع سنواريو

فارسي ۾ لکيل سنڌ جي اڪثر تاريخن ۾ ڳوٺ ڳاها کي ”ڪاهان“ لکيو ويو آهي. غلام محمد لاکو ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو ۾ لکي ٿو ته ”جڏهن ڄام فيروز ۾ دولھ دريا خان ۾ اختلاف پيدا ٿيو هئو ته دريا خان ٺٽو ڇڏي پنهنجي ڳوٺ ڳاها (ڪاهان) ۾ مقيم ٿيو. اتي مدرسو قائم هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. هتي هرات مان آيل سيد يار محمد ابهري، اثير الدين ابهري۽ سندس پٽ سيد عبدالعزيز ابهري پڙهائيندا هئا. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفته الڪرام ۾ ڄائائي ٿو ته عبدالعزيز ابهري ڳوٺ ڳاها ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيو. تاريخ جنت السنڌ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته دريا خان ڪجهه وقت حڪومت (ڄام فيروز جي) ۾ رهيو پوءِ عهدو ڇڏي ڳوٺ ڳاها وسايائين. مٿين سڀني تاريخن ۾ ڳاها پرڳڻي ۾ منڇر منجهان سائو يا سانوه (موجوده ساوڙو ،جوهي) واھ کوٽائن لاءِ ڄام نظام الدين عرف عام ڄام نندي دريا خان سان چاڳلو هندو به موڪليو هو.[3] مغل دور ۾ ڳاها نه صرف اهم ڳوٺ هو پر سيوهڻ سرڪار جو پرڳڻو پڻ هو. تاريخ مظهر شاھجهاني جي مصنف يوسف ميرڪ موجب ڳاها سنڌ جو (سيوهڻ سرڪار جو) چوٿون نمبر پرڳڻو هو جيڪو سيوهڻ کان اتر اولھ ۾ 21 ميلن جي مفاصلي تي واقع هو. مورخ ميرڪ موجب راءِ چند گوريا (گھوريا) جو ڳاها پرڳڻي تي اثر هو. راءِ چند گھوريا ڳاها پرڳڻي ۾ علائقي جي ماڻهن (جاگيردارن) سان لڙايون ڪيون. ميرڪ موجب گھوريا سيوهڻ پرڳڻو به ٺيڪي تي کڻي جيسر نالي پنهنجي ماڻهو جي حوالي ڪيو هو. ميرڪ وڌيڪ لکي ٿو ته سيوهڻ سرڪار جي صوبيدار خواجه نورالدين جي ڏينهن ۾ ڳاها پرڳڻي تي گھوريا هندو جي پٽ ماڻڪ جي حڪمراني هئي. تڏهن ڳاها پرڳڻي ۾ ٻه حصا گھوريا ۽ سندس پٽ ماڻڪ جا هئا ۽ ٽيون حصو مرڪزي سرڪار جو هئو جيڪو به گھوريا ٺيڪي تي کڻي پٽ ماڻڪ جي حوالي ڪيو.[4] تاريخ مظهر شاھجهاني مطابق گھوريا جي پٽ ماڻڪ ڳاها ڳوٺ ۾ قلعو تعمير ڪرايو جتي هن مغل ۽ افغان ماهر تير باز ۽ توبچي مقرر ڪيا هئا. قلعي جو نالو ڪنورڪوٽ هو. ماڻڪ جو پڻ ڳاها پرڳڻي تي وڏو اثر هو ماڻڪ جو ڳاها پرڳڻي ۾ پنهورن سان تڪرار رهيو. هن ڳاها جا پنهور سردار گهرائي ڳوٺ ڳاها واري ڪوٽ ۾ قيد ڪيا هئا ۽ پنهورن جي ڳوٺ سيڪڙجي (شڪارپور پنهورڪي؟) تي قبضو ڪيو هو. جنهن تي پنهور ڏمرجي پيا هئا. ماڻڪ ۽ مير پٽ عيسي پنهور ۾ سخت ويڙھ ٿي جنهن ۾ مير پنهور مارجي ويو. يوسف ميرڪ ذڪر ڪري ٿو ته شاھجھان جي دور ۾ ڳاها مرزا جاني بيگ جي جاگير ۾ شامل ڪيو ويو ته ماڻڪ مغل شهنشاھ وٽ دانهين ٿيڻ لاءِ تحرڪ ۾ آيو ته مرزا جاني بيگ کيس خراج ادا ڪرڻ عيوض ڳاها پرڳڻو واپس ڪيو. آخرڪار خسرو بيگ جي سازش تحت قاسم ارغون جي پٽ فتح هٿان ماڻڪ کي مارايو ويو. ڳوٺ ڳاها جو ذڪر ڪلهوڙا دور ۾ به ملي ٿو. تاريخ ڪلهوڙا دور جو مصنف غلام رسول مهر لکي ٿو ته ميان يار محمد ڪلهوڙو عباسي زيدي بلوچستان کان واپس اچي سانوه (موجوده ساوڙو، جوهي تعلقو) ۽ منڇر ڪناري نئيگ (ٽوڙي وٽ نئي نئيگ، جوهي تعلقو) آيو. قيصر پنهور کان سامتاڻي (ڀان سيد آباد ويجهو) ڳوٺ کسي ڳوٺ ڳاها ۾ اچي ويٺو. اتان ويهي هن پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي سرائين (ميانوال تحريڪ جي ميمبرن) ڏانهن سگھ سهيڙڻ لاءِ موڪليو.[5] مٿئين تاريخي بحث جي روشني ۾ ڳوٺ ڳاها جي محل وقوع يا هنڌ يا جغرافيائي بيهڪ جي تلاش ڪبي ته صاف نظر اچي ٿو ته ڳوٺ ڳاها دادو ضلعو جيجوهي تعلقو ۾ جوهي شهر کان 7 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ اوپر ۾ جوهي ڀان روڊ سان لڳ ديھ ڳاها ۾ واقع هڪ تمام مٿانهين دڙي تي هاڻوڪي ڳوٺ بهار شاھ جي نالي سان موجود آهي. اتي جوهي جي ڏيھ ڳاها پڻ آهي. سيد بهار شاھ تر ۾ ڳاهي (ڳاهن جو) پير يا سيد طور مشهور هو. ڳوٺ وٽ چنا شاخ تي جيڪا موري آهي سا به ڳاها موري سڏجي ٿي. گمان غالب آهي ته سيد بهار شاھ جي نسبت هرات منجهان آيل سيد يار محمد ۽ سيد عبدالعزيز ابهري سان هجي. سيد بهار شاھ جي پونير ۽ مقامي عمر رسيده ماڻهن جي روايتن موجب ڳوٺ بهار شاھ اصل ۾ ڳھلي بادشاھ (راءِ چند گھوريا) جو ڳوٺ هو جيڪو هتان جو طاقتور ۽ ظالم بادشاھ هو جنهن هتان کان مرکپور (دادو) تائين سرنگھ جوڙائي هئي ۽ ايندو ويندو هو. سرنگھ جڙيل هئي يا نه پر ڳهلو گھوريا کي ۽ ڳھلي بادشاھ جو ڳوٺ هجڻ ڳوٺ ڳاها کي واضع ڪري ٿو جنهن کي ڳاها موري ۽ ديھ ڳاها به واضع ڪن ٿا. ڇو ته ڳوٺ بهار شاھ جوهي تعلقي جي ديھ ڳاها ۾ واقع آهي. سيد بهار جي پٽن موجب هتان پراڻا سڪا به مليا هئا. ڳوٺ بهار شاھ لڳ اولھ ۾ مٿانهين تي هڪ مزار آهي جنهن لاءِ سيد بهار شاھ جي پٽن جو چوڻ آهي ته اها عبدالله شاھ غازي جي مزار آهي. منهنجي خيال ۾ اها سيد عبدالعزيز ابهري جي مزار ٿي سگهي ٿي جيڪا اصل ڊهي وئي آهي ۽ ان تي تازي تعمير ڪئي وئي آهي. انهيءَ کان علاوه ڳوٺ سامتاڻي ۽ خداآباد به ڳوٺ بهار شاھ جي ويجهو آهن. ڳوٺ بهار شاھ جي لڳ خاص طور اتر ۾ پنهورن جو وسيع علائقو ۽ زمينون اڄ به آهن. هن ڳوٺ کان ساوڙو ۽ نئيگ نئي جو ٽوڙي وارو علائقو به خاص پري نه آهي. يوسف ميرڪ جي بيان ڪيل ڳوٺ ڳاها جو سيوهڻ کان اتر اولھ 21 ميل مفاصلي تي غور ڪجي ٿو ته ڳوٺ بهار شاھ به سيوهڻ کان ايتري ئي مفاصلي تي موجود آهي. تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ موليڏني چني موجب 1976ع ۾ هن علائقي ۾ آيل ٻوڏ ۾ ڳوٺ بهار شاھ کي گهيرل ڪوٽ جون پراڻيون ديوارن به ظاهر ٿيون هيون جيڪي پوءِ مڪمل ميسارجي ويون. اهو ڪوٽ ڪنور ڪوٽ ٿي سگهي ٿو جيڪو ممڪن آهي ته ماڻڪ نه پر دولھ دريا خان جي دور جي تعمير هجي. تحفتہ الڪرام، مظهر شاھجهاني۽ تاريخ ڪلهوڙا دور جي بيانن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته شهيد دولھ دريا خان جو ڳوٺ ڳاها موجوده بهار شاھ وارو ڳوٺ آهي جيڪو سمن سلطانن جي دور کان ڪلهوڙن جي دور تائين ساڳي نالي سان صفحہءِ هستي تي رهيو پر جڏهن خداآباد ڳوٺ نمودار ٿيو ته ڳوٺ ڳاها جي اهميت گهٽجي وئي ۽ شايد ڪلهوڙن جي دور کانپوءِ ڳوٺ جو اصل نالو به گم ٿي ويو.[2]

حوالا سنواريو

  1. ڊاڪٽر نياز عباسي، دادو ائٽ گلانس، 2011ع
  2. 2.0 2.1 "Ancient sites, towns and villages". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2021-10-02. 
  3. غلام محمد لاکو، ڪٿاب سنڌ جي تاريخ جو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو
  4. يوسف ميرڪ، تاريخ مظهر شاهجاني، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. غلام رسول مهر، تاريخ ڪلهوڙا دور جلد ٻاهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو