ڇر دولتپور جو ھڪ ننڍو ڳوٺ آھي؛ جيڪو دولتپور شھر جي اولھه طرف موجود آھي. ھن ڳوٺ جا اڪثر ماڻھو پوکي راھي سان لڳاپيل آھن. ھن ڳوٺ ۾ مختلف ذاتيون رھن ٿيون؛ جن ۾ سيد، انڙ، ملاح، اوٺا، ماڇي ۽ ڀٽي اچي وڃن ٿا.

ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاء الگ اسڪول قائم ڪيل آھن، جتي مفت تعليم حاصل ڪئي وڃي ٿي. ھن ڳوٺ ۾ مختلف نوجوان تعليم جي واڌاري لاء ڪوششون ڪري رھيا آھن.‍

ھن ڳوٺ ۾ بزرگن جون مزارون آھن جن ۾؛

  • زڪريا فقير (جنھن کي مقامي ماڻھو ٻاگھلو پير سڏيندا آھن)
  • ناگي شاھ جنھن جي مزار ھن ڳوٺ م بند جي ٻئي پاسي موجود آھي.

شامل آهن. (ھنن بزرگن تي تحقيق جي ضرورت آھي)