ڳوٺ صاڀو جو مڪتب
نارا ڪئنال (Nara Kaynaal) جي پِيچ واري پَٽ تي چوٽياريون، کنڀرو، ولهيٽ، جانهرو، ونهيرو، عالم پلي، ڀٽ ڀائتي، ساڍر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪيتريون ئي قديم درسگاهون موجود رهيون آھن، جتي شاگردن کي پنهنجي دور ۾ لاڳو (مروج) ديني توڙي دنياوي تعليم ڏني ويندي رهي آھي، راجا جي ريلوي لائين جي هڪ اسٽيشن هاسيسر (Haasesar) ويجهو ڳوٺ صاڀو به اهڙن ڳوٺن مان هڪ آھي، جتي ڳوٺ جي زميندارن جي نگراني هيٺ هلندڙ مڪتب ۽ ديني درسگاھ کي انگريز دور ۾ 1914ع ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول جو درجو ڏنو ويو هو، جيڪو اڃا تائين ساڳئي حال ۾ هلندڙ آھي. ان دور ۾ ٿر ۽ اڇڙي ٿر توڙي ناري جي ميداني پٽ جي ڳوٺن ۾ پري پري تائين تعليمي ادارا نه هئڻ ڪري بنيادي تعليم لاءِ به شاگردن کي پنهنجي ڳوٺن کان پري وارن اسڪولن ۾ پڙھڻ لاءِ اتي رهڻو پوندو هو، غريب ٻارڙن لاءِ اسڪول واري ڳوٺ ۾ خوراڪ ۽ رهائش وڏو مسئلو هوندو هو، شاگردن جي رهائش لاءِ ڳوٺ جا سرنديءَ وارا اوڏڪي ڀتين ۽ ڪاٺ جي ڇتين وارا ڪمرا اڏائي ڏيندا هئا ۽ سندن خوراڪ لاءِ هڪ طريقو اهو هو جو هر ڳوٺ ۾ سرنديءَ وارن پاران زمين جي ڪجهه ايراضي اهڙن شاگردن لاءِ وقف ڪئي ويندي هئي. ان زمين جي اُپت مان سيڌو ثمر خريد ڪري پگهار تي رکيل بورچي اهو پچائي شاگردن کي کارائيندا هئا، ڪجهه ڳوٺن ۾ مانيءَ جي ٻنهي ويلن تي ڳوٺ جي هر گهر مان ھڪ هڪ ماني ۽ ان سان گڏ ڀاڄي، لسي يا کير وغيره ڏنو ويندو هو، شاگردن پاران مانيءَ جي ويلي تي گهر گهر وڃي ماني وٺڻ کي “ڦڪر“ وٺڻ چيو ويندو هو. ڳوٺ صاڀي ۾ به ڦڪر وارو طريقو هلندو هو، پر اتي مائي صالحہ (Maai Saalih) نالي هڪ سخي، نيڪ ۽ صالحہ عورت شاگردن کي پنهنجي سموري زندگي دوران پاڻ پنهنجي هٿ سان جنڊ تي داڻا پيهڻ کانپوءِ پاڻ مانيون پچائي کارائيندي رهي هئي.
ملتان (Multan) واري مخدوم جي خاص مريد زميندارن جي هن ڳوٺ صاڀي جي رهواسين کي “فقير“ به ڪوٺيو ويندو آھي، ڳوٺ جو نوجوان سماجي ڪارڪن رشيد مڱريو ٻڌائي ٿو ته “ڳوٺ جي بزرگن جي دعا سان ٻارڙن جي هڪ عام بيماري کِرٽئو ۽ چمڙي جي بيمارين جهڙوڪ ملو ۽ ڏَڊ جي مريضن کي ڇوٽڪارو ملندو هو، اهو هُدو نسل در نسل هلندو اچي، تنهن ڪري کين فقير ڪوٺيو وڃي ٿو“ فقير محمد حسن ۽ فقير محمد رمضان مڱريو نالي نيڪ مرد زميندار پنهنجي دور ۾ ڳوٺ جي مڪتب جي سرپرستي ڪندا رهيا، مشھور ليکڪ ارباب نيڪ محمد جي ٿر واري ڳوٺ گوگاسر جو حافظ مبين نهڙي، رحمت الله سمون، راجستان جي علائقي ٻاڙميڙ جو سليمان نهڙي، جانهرو واسي ڇٽل ڪنڀر، عبدالغفور آريسر، محمد ادريس جوڻيجو، مولوي علي محمد سولنگي ۽ ٻيا پنهنجي دور جا مشھور استاد گذريل هڪ صدي دوران هن ڳوٺ جي اسڪول ۾ فرض انجام ڏيندا رهيا، جيئن ته هيءُ صرف بنيادي تعليم ڏيندڙ هڪ اسڪول هو، جيڪو هڪ صدي کان ساڳئي حالت ۾ هلندڙ آھي.
هن علائقي جو هڪ قديم ڳوٺ هئڻ ڪري هتان جي اسڪول ۽ کُٿاب خاني کان سواء هن ڳوٺ سان ٻيا به ڪيترائي قصا ۽ آکاڻين لاڳاپيل آھن. ٺيٺ مقامي لهجي واري بزرگ صوفي شاعر شھيد حضرت عبدالرحيم گرهوڙي رح پاران ٻڌايل شرڪ پکيڙيندڙ هڪ سامي سان سن 1770ع ۾ اڇڙي ٿر جي تاريخ جي هڪ مشهور جنگي معرڪي کان اڳَ مدد لاءَ سندس ئي برادري جي ھنن بااثر ڳوٺ واسين وٽ به ويو هو، پر هي فقير به ٻين وانگر اهو چئي سندس مدد کان لنوائي ويا هئا ته “اهڙي ڪابه جنگ رڳو وقت جي حاڪم جي ذميواري آھي“ روايتن موجب جنگ لاءِ ماڻھو نه ملڻ تي عبدالرحيم گرهوڙي هن ڳوٺ سميت ٿر جي ڪجهه ٻين ڳوٺن مان ساڳئي موٽ ملڻ تي مايوس ٿي کين بددعائون به ڏنيون هيون. ان کانپوءِ ان جنگ ۾ کيس پنهنجي ڪجهه ساٿين سميت ڌوکي سان شھيد ڪيو ويو هو.
خدا جي وحدانيت تي يقين رکڻ جي حوالي سان يگاني جدوجهد ۽ “ جيئرو کائي مُئو مچي اها ڳالھ عليم کي عقل ۾ نه اچي…“ جهڙي شاعري جي حوالي سان سموري سنڌ ۾ مشھور فقير عليم درس جو تعلق به هن ئي ڳوٺ سان آھي، لاڙ واسي مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح ۽ ٿر جي پڇمائي خاندان پاران شرڪ خلاف پنهنجي دور ۾ هلايل ان بي مثال تبليغ کان متاثر ٿيل عليم درس اڻ پڙھيل هوندي به جهالت واري دور جي ڪيترين ئي اهڙين رسمن خلاف وڏو پرچار ڪيو هو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڳوٺ صاڀو جو قديم مڪتب ۽ مائي صالحہ جون خدمتون، ليکڪ؛ نورمحمد سمون