ڳوٺ باز مال کوسو
ڳوٺ بزمال کوسو (Village Bazmal Khoso) سنڌ جي ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي ڪاڇو واري علائقي ۾ جوهي شهر کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر اولھه ۾ واقع آهي. نالو باز مال يا بُز مال مان نڪتل ڀانئجي ٿو. باز معني گهڻو ۽ مال معني ڇوپايو مال ۽ بُز معني رڍ مطلب رڍن وارو مال. هن ڳوٺ ۾ کوسا قبيلو آباد آهي جيڪو گاجي شاھ جو مجاور آهي. گمان غالب آهي ته هت ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي زماني ۾ ميانوال تحريڪ کي مريدن طرفان شادماني طور ملندو هو ان جو گهڻو تعداد هن ڳوٺ وارن جي حوالي هوندو هو جيڪي ان جي سار سنڀار لهندا هئا. اڄ به اڪثريت ۾ ڳوٺاڻا گاجي شاھ جي حوالي سان ميانوال سڏائڻ ٿا. هيءُ وڏي آبادي تي مشتمل ڳوٺ آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ Says, Muneer Bhurgri. "نئين گاج رحمت به، زحمت به! -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-21.