گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان

تاريخي قبرستان

گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان سانگھڙضلعي جي تعلقي شھدادپور جي ديھ ڀري واري ۾ شھر مقصودو رند جي اتر اوڀر طرف ڳوٺ محب علي رند جي اتر طرف آهي. جيڪو اندازا ٻه سو سال پراڻو آھي. قبي جو ڪم پراڻي سنھنين سرن تي چوني جي لپائي سان ٿيل آھي.قبو تقريبن ڏھ فوٽ ويڪرو 10 فوٽ ڊگھو ۽ 15 فوٽ اوچائي تي ٺھيل آھي. قبي ۾ ٻه قبرون آھن ھڪ قبر گھنور فقير جي ۽ ٻي قبر سندس پٽ جي آھي.

گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان
گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان is located in سنڌ
گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان
Shown within سنڌ
گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان is located in Pakistan
گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان
گھنور فقير رند جو قبو ۽ قبرستان (Pakistan)
بنيادي ڄاڻ
جاءِ شهدادپور
مقانيت 26°03′50″N 68°35′01″E / 26.06389°N 68.58361°E / 26.06389; 68.58361مڪانيت: 26°03′50″N 68°35′01″E / 26.06389°N 68.58361°E / 26.06389; 68.58361
وابستگي اسلام
ضلعو سانگھڙ
صوبو سنڌ
ملڪ پاڪستان پاڪستان

تقريبن ھي قبرستان ٻه سو سال پراڻو آھي.ھن ۾ ھزارين جي تعداد ۾ ڪچيون پڪيون قبرون آھن.شروعاتي دور جون قبرون سنھنين سرن تي گلن واريون آھن وچئين دور واريون قبرون ٿلھين سرنجون ٺھيل آھن.ٽيون يعني موجوده دور جون آھن ھن قبرستان ۾ پنھنجي دور جو مشھور اولياءَ سخي سلطان فقير لاشاري جي درگاھ به آھي.انکان علاوه شھر مقصودو رند جو مالڪ مقصودو رند به مدفوم آھن.انکان علاوه علائقي جا ماڻھو ھتي مدفون ٿيل آھن.

حوالا سنواريو