گھايل لغاري
گھايل لغاري (انگريزي:Ghayal Laghari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1]
زندگي جو احوال
سنواريوگھايل لغاري جو اصل نالو غلام حيدر لغاري آهي. گهايل لغاري سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ بچل لغاري ۾ 15 نومبر 1976ع تي فيض محمد لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[2][3]
تعليم
سنواريوگھايل لغاري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪئي. انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج جوهي ۽ بعد ۾ بي اي پاس ڪيائين.
شاعري
سنواريوگھايل لکڻ ۽ شاعري جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعري ٽماهي مهراڻ [4]۽ سنڌ جي ٻين اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. گهايل سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو رابطه سيڪريٽري بہ رهيو آهي.[5] شاعري جي گڏيل ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ پڻ سندس شاعري شامل آهي.[6]
اوارڊ
سنواريو- شاھ لطيف ايوارڊ، سنڌ
سيڪريٽيريٽ نان گزيٽيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي سنڌ طرفان 1996ع.
- بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع ضلعا رابطا سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ رھاڻ, Sangat Roh Rehan سنگت روح. "Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ : غزل يادن جو پڙلاء ڏئي ويو گهايل لغاري". Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ. حاصل ڪيل 2021-08-23.
- ↑ "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2021-08-23.
- ↑ 3.0 3.1 "ڄاڻ سڃاڻ - وڻ وڻ منجھان واس (گڏيل شاعري)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-25.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-08-25.
- ↑ yasir_operator. "سنڌي ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن پاران حڪيم محمد قاسم "شاداب” پنهور جي ياد ۾ ادبي ويهڪ" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-08-23.
- ↑ "Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ". sangatroh.blogspot.com. حاصل ڪيل 2021-08-23.