گيتا کانواڻي

هندستاني سنڌي لوڪ پاپ ، صوفي ڳائڻي

شريميتي گيتا کانواڻي (انگريزي ٻولي: Shrimeti Geeta Khanwani) (جنم 5 اپريل 1969) هندستان جي شهر اجمير ۾ جنم ورتو. هينئر هيءَ عمان ۾ رهندڙ هندستاني سنڌي ڳائڻي، گيت لکندڙ (ووڪلسٽ) ۽ سماجي ڪارڪن آهي.[1] هن پنهنجي راڳ جي ڪيريئر جي شروعات اسڪول، ڪاليج ۽ ريڊيو تان 6 سال ڄمار ۾ ئي ڪئي هئي. ريڊيو تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ موسيقي جي مختلف پروگرامن ۾ پرفارم ڪيائين. گيتا کانواڻي گهڻي ريت سنڌي سڀيتا جي واڌاري لاءِ پنهنجي گيتن کي وقف ڪيو آهي، سنڌي لوڪ گانن جهڙوڪ لاڏا (لاڏو هڪ سنڌي لوڪ ثقافتي گيت آهي، جيڪو ونهانوءَ شادي جي موقعي تي سنڌي مايون ڳائينديون آهن). گيتا کانواڻي سنڌي ميوزڪ گانن وسيلي سنڌي ثقافت کي پروموٽ ڪيو آهي، جيڪي جديد فورڪي 4K ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيا ويندا آهن ۽ اهي سمورا گيت سندس يوٽيوب چينل تي پهچ لائق آهن. گيتا کانواڻي مائونٽ ايبي وٽ ايشوريا ويشو ودياتا آشرم ۾ پنهنجو پهريون آڊيو سي ڊي البم "بابا سي دل لگايا" لانچ ڪيو، جتي هن 30،000 ٻُڌندڙن سامهون سڌوسنئون راڳ ڳايو (لائيو پرفارم ڪيو) هيو. هن کي برهما ڪمارس ايشوريا وشو ودياتا آشرم باليووڊ راڳين سميت ڀڳتي گانا ڳائڻ لاءِ سنيهو موڪليو هيو.

شريميتي گيتا خانواني

شريميتي گيتا کانواڻي
پيدائش گيتا کانواڻي
اپريل 1969 (عمر 55 سال)
اجمير, هندستان
ٻيا نالا گيتا کانواڻي
پيشو لوڪ راڳ ڳائڻي
سَرگَرمُ سالَ 2015–تاحال
جيون ساٿي کيمچند کانواڻي
ماءُپيءُ شري دولھانو مل
لڪشميديوي شيوڪاڻي
اعزاز لتا منگيشڪر ايوارڊ

اوائلي زندگي سنواريو

گيتا 5 اپريل 1969 تي هندستان جي شهر اجمير ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ شري ڌنومل ۽ ماءُ لڪشمي ديوي شيوڪاڻي جا 7 ٻچا آهن ۽ گيتا پنهنجي ڀائرن ڀينرُن ۾ ستين نمبر تي آهي. گيتا 1987 ۾ هڪ سنڌي واپاري همراهه کيمچند کانواڻيءَ سان پرڻو رچايو ۽ شادي کانپوءِ اومان ۾ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، کين هڪ پياري ڌيءُ ريشما کانواڻي آهي.

تعليم سنواريو

گيتا 1986 ۾ راجسٿان يونيورسٽي سان لاڳاپيل اجمير آدرش ڊگري ڪاليج وٽان بي ڪام جو اڀياس (تعليم) ماڻي هئي.

ڪُرتَ سنواريو

گيتا کانواڻيءَ پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر جي شروعات ننڍڻ کان ئي ڪئي هئي ۽ اسڪول، ڪاليج ميوزڪ چٽاڀيٽين ۾ پرفارم ڪندي هئي، جنهن ۾ کيس ڪيترائي انعام مليا جن ۾ لتا منگيشڪر ايوارڊ پڻ ماڻيائين. راڳ جي سکيا گروجي شري ڍولڻ راهي کان سکيائين، جيڪو اسڪول ۾ سندس ميوزڪ ٽيچر پڻ هيو. اوم شانتي برهما ڪماريس آشرم ۾ 10 هندي گانن تي ٻڌل پهريون ڀڄن البم "بابا سي دل لگايا" آندائين (لائونچ)، ڪرڻ سان پنهنجي راڳ جي ڪُرت (ڪيريئر) جي شروعات ڪئي. سندس ٻيو البم "بابا تيرا اپڪار" ۾ هندي ٻولي جا 10 گانا پڻ شامل هيا. گيتا ريڊيو گلوڪار جي حيثيت سان ريڊيو تي ميوزڪ ڪيريئر ڏانهن پنهنجو اڳيون پيرُ رکيائين ۽ پنهنجي رهنما گرو جي شري ڍولڻ راهي سان گڏجي پرفارم ڪيائين. هن ذڪر لائق سنڌي مشڪري اداڪار پرمانند پياسي،[2] ميوزڪ ڪمپوزر جگديش لالواڻي، رميش نانڪاڻي ۽ سُڀاڳو چندناڻي سان پڻ گڏجي ڪم ڪيو آهي. سندس پهريون ميوزڪ گانن جو البم بابا سي ڊيز پاران سموري دنيا ۾ جاري ڪيو ويو هيو.

ڊسڪوگرافي سنواريو

گيتا ٽري سنڌي ميوزڪ البم لانچ ڪيا جن ۾ ٽيٽيهه سنڌي گيت شامل هيا. سندس يوٽيوب چينل آف گيتا کانواڻي (سنگر) تي 35 کان وَڌيڪ وڊيو گانا رکيل آهن.

البمز سنواريو

  • اوم شانتي
  • برهما ڪمارس ايشوريہ وشو وديالہ
  • بابا سي دل لگايا
  • بابا تيري اپهار

۽ سنڌي ميوزڪ جا ٽري البم

  • جهولڻ جي ڌمال
  • سُوهڻي سوگات
  • نچ ڙي سنڌي
  • منهنجا پُٽڙا
  • جئي گنيش آرتي
  • گجنن (سنڌي وڊيو گانو)

اهي ويجهر ۾ سندس لاٿل ميوزڪ البمز هيا.

گانا سنواريو

جهولڻ جي ڌمال (سنڌي ميوزڪ البم) جا هيٺِئين ريت گيت آهن.

  • دريا شاهہ
  • اَڱڻ ٻُهاريان
  • تيرا مڪان واهہ واهہ
  • پيارا منهنجا پکيئڙا
  • آئي آهيان تنهنجي دَرِ
  • مور ٿو ٽِلي
  • مهنجنو هاڻي ڀنڀور ۾ ڇا آ
  • ما پاڻهئي ڪبوتر
  • الي منهنجا ماروئڙا
  • هوجمالو
  • پلئوو (سنڌي لاڏو، سنڌي سماج ۾ ونهانوءَ جي تقريب جو گانو) ڪُنواري لي پرڻائڻ مهل رئو مٿي تي ڏيڻ کي پلئو سڏبو آهي.

حوالا سنواريو

  1. "Geeta Khanwani". Sindhyat. 
  2. "Ahro Maryo Murs". cyber space and time. 

ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو