گوسائين: هيءُ جوڳين ۽ سنياسين وانگي هندو فقيرن جي قوم آهي. گوسائين اڪثر پنندا آهن ۽ شِوَ جا پوڄاري آهن. پنهنجا پاڻ ۾ پرڻبا آهن ۽ گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڍڪيندا آهن. مئلن کي ويهاري هيٺان مٿان لوڻ وجهي پوريندا آهن ۽ ڪي درياءَ ۾ به اُڇلائي وجھندا آهن. هو ماس به کائيندا آهن ۽شراب به پيئندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو