گورو (nut) هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو سخت يا مضبوط کل تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪو عام طور تي هڪ کائڻ لائق گودي (kernel) کي بچائيندو آهي. عام استعمال ۽ کاڌي جي حوالي سان، ڪيترن ئي سڪل ٻجن کي ٽوپا سڏيو ويندو آهي. نباتياتي حوالي سان، "گورو" ان کل کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو ٻج (indehiscent) کي ڇڏڻ لاءِ نہ کُلي.

گهڻا ٻج اهڙن ميون مان اچن ٿا جيڪي قدرتي طور تي پنھنجي کل ڇڏيندا آهن، پر هي گورن جهڙوڪ ھيزلنٽ، شاھ بلوط، ۽ ايڪرون ۾ اهڙو ناهي، جن جون سخت کلي ڀتيون هونديون آهن ۽ اهي گڏيل ٻچيداني (compound ovary) مان پيدا ٿين ٿا. اصطلاح جي عام ۽ اصل استعمال ۾ گهڻيون پابنديون ناهن، ۽ ڪيترائي گورا (کاڌي جي حوالي سان) جھڙوڪ بادام، پستا، ۽ برازيل گورا، نباتياتي لحاظ سان اصل گورا نہ آهن.

عام طور تي اصطلاح ڪنھن بہ سخت ڀت واري، کائڻ لائق گودي کي گورو سڏڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. گورا توانائي سان ڀرپور ۽ غذائيت سان مالا مال خوراڪ جو ذريعو آهن.