پستا هي ميوو اصل هن ملڪ جو ڪين آهي. چون ٿا ته پهريائين شام ملڪ مان آيل آهي. قنڌار ۾ به ٿيندڙ آهي. پر اڪثر بصره ۽ بلخ مان ايندو آهي. ڪلڪتي جي سرڪاري باغ ۾، توڙي پنجاب جي ڪن ڀاڱن ۾ گهڻا وڻ ڏسڻ ۾ آيا آهن. ٻئي هنڌ گهڻو نه ٿو ٿئي. کل ڀڃي ڪچا کائبا آهن ۽ بعضي ائين يا سڻڀ ۾ ڀُڃي کائيندا آهن. هتي تمام عام آهي. پستي کي انگريزيءَ ۾ پستا چونَٽ چوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو