گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر (انگريزي ٻولي: Government College of Education Sukkur) پري سروس استادن جي تعليم لاءِ سکر شھر ۾ ھڪ ڪاليج آھي. ڪاليج ھن وقت چئن سالن جو بي ايڊ آنرس پروگرام آڇي رھي آھي. جڏھن تہ ڪاليج جو الحاق شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان آھي. ڪاليج ۾ لائبريري، ڪمپيوٽر ليب، ريسورس سينٽر، سائنس ليب، آڊيٽوريم ھال، اسپورٽس ھال، ھاسٽل (بند پيل) جو سھولتون موجود آھن. ڪاليج ۾ ھن وقت 250 جي لڳ ڀڳ شاگرد داخل آھن جن کي استاد ٿيڻ جي تعليم ڏيڻ سان گڏ ٽيچنگ پريڪٽس لاءِ اسڪولن ۾ پڻ موڪليو ويندو آھي. تعليم جي آخري سال ۾ شاگردن کي رسرچ ٿيسز ڪرڻ لازمي آھي. ڪاليج جو پرنسپال محترم عطاءُ الله سميجو صاحب آھي. ڪاليج جو بنياد 1962ع ۾ ان وقت جي ڪمشنر خيرپور ڊويزن چوڌري نياز احمد وڌو.

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر
قسم بي ايڊ آنرس
سرگرم 21 ڊسمبر 1962ع
پرنسپال پروفيسر عطاءُ الله سميجو
Address شڪارپور روڊ سکر، سکر، سنڌ، پاڪستان
لاڳاپا شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جو سامھون وارو ڏيک
گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جي پيڙھ جو پٿر

ٻاھريان ڳنڍڻا

سنواريو