گوبسٽن پٿر آرٽ ٻُوٽن ۽ حيوانات، شڪار، طرز زندگي، ۽ تاريخ کان اڳ ۽ وچئين دور جي زماني جي ثقافت جي نمائندگي ڪري ٿو.[1] پٿرن تي نقاشي قديم انسان، مذهبي رسمي رقص، هٿن ۾ بڙڇي (ڀالو) کنيو بيٺل مرد، جانور، ڍڳو ويڙه (بُل فائٽ)، اُٺ جو قافلو (ڪاروان)، سج ۽ ستارن جي تصوير جي نقش نگاري پيش ڪن ٿا. انهن قافلن جي تاريخ اوائلي 5.000 کان 20،000 سال قبل مسيح جي آهي.[2]

Gobustan Rock Art
عالمي ورثو ٺڪاڻو
قسم {{{Type}}}
شرط ضابطا iii
حوالو 1076
علائقو** {{{Region}}}
تاريخِ شموليت
شموليت 2007  (31st اجلاس)
* عالمي ورثو ماڳن جي فهرست ۾ درج نالا
** يونيسڪو جا علائقا

آذربائيجان ۾ سرڪاري طور تي گوبسٽان پٿر آرٽ ڪلچرل لينڊ اسڪيپ هڪ ٽڪري ۽ جبلن واري هنڌ آهي، جيڪو آذربائيجان ۾ ڪوھہ قاف (Caucasus) جابلو سلسلو جي ڏکڻ اوڀر ڪنارو تي واقع آهي، بنيادي طور تي جيرانيڪچماز درياء جي پاٽ (بيسن) ۾، درياء پيرسگات ۽ سمگائٽ نديءَ جي وچ ۾ آهي. اهو ڪاسپئين سمنڊ جي اولهه ڪناري تي باڪو جي مرڪز کان ڏکڻ اولهه تقريبا 40 ميل (64 ڪلوميٽر) گوبسٽان جي آباديءَ جي اولهه ۾ واقع آهي.[3]

گوبسٽن پٿر آرٽ ثقافتي لينڊاسڪيپ سنواريو

گوبستان پٿر آرٽ جا ثقافتي نظارا مٿيون پراڻو پٿر جو دور (اپر پليئوليٿڪ دور Paleolithic era) کان يوريشيا ۾ وچئين دور تائين واري انسان ذات جي تاريخ جي نمائندگي ڪري ٿو.[4] اهو آذربائيجان ۾ گريٽر ڪاڪاسس (ڪوه ڪاف) جابلو قطار جي ڏکڻ-اوڀر واري ايراضي تي واقع آهي. اهو باڪو جي مرڪز کان تقريبن 64 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ان ماڳ (سائٽ) جي پکيڙ (رقبو) 537 اٺاس (هيڪٽر) آهي.[5] وچ آذربائيجان جي نيم ريگستاني علائقي ۾ ثقافتي لينڊاسڪيپ ٽن پٿريلن ڪوهستاني علائقن تي پکڙيل آهي. پٿرن جي 1.000 کان وڌيڪ مٿاڇري تي 6.000 کان مٿي پٿريليون نقاشيون آهن جيڪي پٿريلو آرٽ جي 40.000 (ڇاليه هزار) سال جي تاريخ جي عڪاسي ڪن ٿيون.[6][5][7] قديم آثارن جي کوٽرائي دوران، مختلف قديم آثار جي مرحلن ۾ 104 ننڍي-جسامت وارا ٺهيل نقاشيل پٿر پڻ دريافت ڪيا ويا هيا.[4] گوبسٽن ۾ پيٽروگليفز جا لڳ ڀڳ 5،000 کان 8،000 سال اڳ جي تاريخن وارن وائڪنگ ٻيڙن (جهازن) وانگر ڊگها ٻيڙا مشتمل آهن.[8][9] گوبستان ۾ پٿرن واري پينٽنگز جي وچ ۾ ٻيڙن جي چٽائي جي کوجنا ڀونوچ سمنڊ ۽ يورپي کنڊ سان پنهنجي لاڳاپو کي ظاهر ڪن ٿيون.[10] جنگردگ، بوائڪدش ۽ ڪچيڪديش جبلَ ۽ يزيلي ٽڪريون گوبسٽن ۾ واقع آهن، جيڪي قديم پٿر آرٽ جو گهر آهن. گھڻي ريت پٿرن جي نقش نگاري بوائڪدش ۽ ڪچيڪديش پهاڙن جي مٿئين مٿاڇرو تي ملي سگهن ٿيون. پٿرن جي ڀِت تي پينٽنگز 3-4 هزار سال اڳ جون آهن جن ۾ بنيادي طور شڪار جي منظرن جي عڪاسي ٿئي ٿي. انسان (ناچ ڪندڙ، شڪاري، گرم پٿريلا مٿي لاءِ لوه جو ٽوپ پاتل مرد) ۽ جانور (هرڻ ۽ ٻَڪري) جي تصويرن (پينٽگز) کي وڌيڪ پناهه ڏيندڙ ڪنارن جي پٿرن تي ڏيکاريو ويو آهي.[11]

گوبسٽن پٿرن تي جانورن جون تصويرون مختلف وقتن جي بنيادن تي مدار رکنديون آهن ڇاڪاڻ ته شڪارن جي هدف ۾ تبديلي جي ڪري (وڏن جانورن جهڙوڪ جنگلي ڏاند ۽ جهنگلي گھوڙن (پليسٽوسين جي دور ۾) نسبتا ننڍن هولوسن جانورن جهڙوڪ هرڻ، جهنگلي مروُن،( سؤئر) ۽ پکي ۾ هولوسن پيرڊ جي شروعات ۾ آبهوا ۾ تبديلي سبب تبديلي ٿيندي هئي.[4] ڪڪديش جبلن تي رهائشي ماڳن (سائٽس) جي ڀِتين تي پيٽروگليفس جهڙوڪ “فيروز-1”، “فيروز-2”، “گيا-آراسي”،“گيا-آراسي-2”، بوائڪديش جبلن تي “ڪنيزا”، “انا-زگا” انهن ماڳن تي پهاڙي پيٽروگليفس جهڙا آهن.[4] جبلن مان هڪ ۾ لاطيني لکت آهي جيڪا رومي شهنشاه ڊوميتئين جي حڪمراني (81-96 ع) واري دور سان لاڳاپو رکي ٿي، جيڪا 12هين رومي لشڪر جي عارضي قيام کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن کي ڪيسپيئن سمنڊ جي ڪناري تي فلمينيٽ سرواڻي ڪئي.[8] شروعاتي دور جي هڪ ٻئي بچيل نام نهاد "گوال چلان ڊيش" (ٽمبورين اسٽون) آهي، جيڪو گوبستان پٿر آرٽ ۾ بيان ڪيل هڪ قدي، موسيقي اوزار آهي. [8] 1966 ۾، آذربائيجان ايس ايس آر وزيرن جي ڪائونسل جي حڪمنامي جي تحت، جبلن کي گوبستان اسٽيٽ تاريخي ھنرائتو تحفظ جي طور تي اعلان ڪيو ويو هيو. صدر جي حڪم سان، جبلن کي 2007 ۾ ۾ قومي سنڀال (نيشنل ريزرو) طور قرار ڏنو ويو.[5] پٿر آرٽ نقاشي جي معيار ۽ گهاٽائي لاءِ، گوبستان کي 2007 ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ماڳ يونيسڪو ورلڊ هيريٽرج سائٽ طور ڄاڻايو ويو.[5][12]

اتھاس سنواريو

ثقافتي سرزمين 1939 -40 ۾ پهرئين مقامي کاڻ کوٽيندڙن ڳولهي لڌي هُئي.[13][2] ٻارنهين ۽ اَٺين صدي قبل مسيح جي وچ واري زماني کي ظاهر ڪندڙ هرڻ ،ٻڪري ۽ چوپايو مال جي چيڙهالو نقش (ڊرائنگ) گوبستان ۾ نئون پٿر وارو زمانو (Neolithic period) جي عڪاسي ڪري ٿو.[14] گوبستان پيٽرروليفس جو اڀياس ڪندڙ اسحاق جعفرزادي پاران 1947 ۾ لڳ ڀڳ 3.500 پيٽرويليفس کان وڌيڪ 750 پٿرن جو تجزيو ڪيو ويو ۽ انهن کي قديم دور کان وچئين دور 6 دورن ۾ ورهايو ويو:

  • نئون پٿر وارو زمانو (Neolithic period) (انگن اکرن ۾ مردن ۽ زائفائن کي ڪُلهن تي تيرن ۽ ڪمان سان گڏ ڊرائنگ) ۾ ڏيکاريو ويو آهي،
  • گذريل نئون پٿر وارو زمانو (Neolithic period) (جنهگلي مينهن (بائسن)، ٻيڙي، ۽ تيرانداز جي ڊرائنگ)،
  • ٽامي جو دور (ٻڪريون، شيهن ۽ هيرڻ جون وڏيون ڊرائنگون)،
  • ڪنجھي وارو زمانو، يا، برونز ايج (جهنگلي جانور، گھوڙا ۽ سُوئر جي ڊرائنگ)،
  • لوهه وارو زمانو (رومن لکت سميت انسان، ٻڪريون ۽ هرڻ جي شڪل صورت واري ڊرائنگ)،
  • وچئيون دور يا مڊل ايجز (اُٺ جو قافلو، هٿ ۾ هٿيار رکندڙ هڪ ويڙهاڪ، نشانيون، عربي ۽ فارسي لکت (پٿر تي لکيل اکر)).[15]

بعد ۾، ايف مرادوا ۽ ج. روستامو ڏيڍ سئو (1.500) سال کان وڌيڪ تصويرن جي نئين کوجنا ڪئي. قديم آثارن جي کوٽرائي دوران، ڪيترا ئي برونز ايج واريون بناوٽون (ڍانچا) هتي لَڌا ويا هئا. [4] اُنهن قديم آثارن جي کوٽائي کي آذربائيجان جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي ائنڊ ايٿنوگرافي آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنس سهڪار ڪيو. [13] 1966، 1988 ۽ 2001 ۾، پٿرن جي نقاشي واريون سموريون کوجنائون ۽ عڪس (تصويرون) رياستي حفاظت ۾ کنيون ويون. [13]

درشنخانو سنواريو

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Centre, UNESCO World Heritage. "Gobustan Rock Art Cultural Landscape". whc.unesco.org. حاصل ڪيل 2019-11-04. 
  2. 2.0 2.1 "Gobustan Rock Art - Unesco World Heritage Site | For World Heritage Travellers". www.worldheritagesite.org. حاصل ڪيل 2019-11-04. 
  3. "Gobustan, Гобустан". Турагентство в Баку, туры по Азербайджану, туры по Баку. حاصل ڪيل 2019-11-16. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 Gobustan Rock Art Cultural Landscap -el paisaje cultural del arte rupestre de Gobustán (2016). "Gobustan Rock Art Cultural Landscape". Cuadernos de Arte Rupestre: 213-232. http://www.cuadernosdearterupestre.es/arterupestre/7/Articulo11.pdf. Retrieved 2019-11-04. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "Gobustan Rock Art, AZERBAIJAN - Med-O-Med" (en-US ۾). Med-O-Med. http://medomed.org/featured_item/gobustan-rock-art-cultural-landscape-azerbaijan/. 
  6. Sagona, Antonio (2017). The Archaeology of the Caucasus: From Earliest Settlements to the Iron Age. Cambridge University Press. ISBN 1107016592. 
  7. "Gobustan Rock Art - Unesco World Heritage Site | For World Heritage Travellers". www.worldheritagesite.org. حاصل ڪيل 2019-11-04. 
  8. 8.0 8.1 8.2 "The Rock Engravings of Gobustan". donsmaps.com. حاصل ڪيل 2018-12-03. 
  9. Pre-Columbian Trans-Oceanic Contact. Lulu.com. 2016. pp. 98. ISBN 9781329972162. 
  10. Cognitive Archaeology as Symbolic Archaeology. England: Archaeopress, Publishers of British,Archaeological Reports. 2008. pp. 32. ISBN 9781407301792. 
  11. Azerbaijan: Mosques, Turrets, Palaces. Corvina Kiadó. 1979. pp. 8. ISBN 9789631303216. 
  12. Matthew, Vincent; Bendicho, Víctor; Ioannides, Marinos; Levy, Thomas (2017). Heritage and Archaeology in the Digital Age: Acquisition, Curation, and Dissemination of Spatial Cultural Heritage Data. Springer. ISBN 3319653709. 
  13. 13.0 13.1 13.2 Gobustan Rock Art Cultural Landscape. World Heritage Site Nomination Document
  14. The sticky drawings of the deer, goat and cattle dated between 12th and 8th centuries BC reflect the Neolithic period in Gobustan. Rosen Pub Group. 2004. pp. 11. ISBN 0823944972. 
  15. "Pleistocene art in Azerbaijan" (PDF). 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو