گهوٽالي جي ڪمان يا آرڪ آف ڪرائسز (Arc of Crisis) اصل ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سياسي اڻبرابري، اقتصادي بدحالي ۽ وڌندڙ آبادي انهن ملڪن جي ترقيءَ تي ناڪاري اثر وڌو. ان اثر هيٺ خاص ڪري پاڪستان کان وٺي ڪينيا تائين ڦهليل ملڪ آيا، جن ۾ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تڪرارن جو بُنيادي ڪردار آهي. جيئن ته هي علائقو پنهنجي مادي وسيلن، گهوٽالن، مذهبي ۽ نظرياتي جنگين جي ڪري مشهور ۽ اهم آهي، تنهن ڪري دُنيا جون وڏيون رياستون اِن علائقي کي عالمي سياست ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏين ٿيون. آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي صلاحڪا زبيگنيو برزنسڪي انهن ملڪن ۾ موجود ڏڦيڙي صورتحال کي ڏسندي انهن لاءِ ”گهوٽالي واري ڪمان“ جو اصطلاح 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪتب آندو. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد