گل چين:(انگريزي: Jasminum grandiflorum) گلچين کي گُلاچين به چوندا آهن. هندستاني ماڻهو سون چمپا يا خير چمپا به چونس ٿا. انگريزيءَ ۾ سپانش جاسمن (انگريزي: Spanish Jasmine ) چوندا اٿس. ڪتابي نالو اٿس پليو ميريا. هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي، ڏهه ٻارهن فوٽ وڏو ٿيندو آهي. جڏهن پنن سان ڀريل هوندو آهي، تڏهن ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي، پر سياري ۾ جڏهن پن ڇڻي پوندا اٿس، ڏاڍو بڇڙو لڳندو آهي. اونهاري ۽ سانوڻ جي موسم ۾ وڏا ۽ اڇا گلن جا جهمٽ جهلي بيهندو آهي، جن ۾ خوشبوءِ به ڏاڍي ٿيندي آهي. سياري ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو هڪ ٻه جوڙو ڦرين جو ڏيندو آهي. مکريون هن گل جون ڳاڙهي رنگ جون ٿينديون آهن. گل کي چڱيءَ طرح کولي ڏسبو ته هيٺئين پاسي اڌ ڳاڙهو اٿس ۽ اڌ اڇو. گل جا ڪنارا مٿي جيڪي وريل آهن ۽ رنگ جا به قرمزي ٿين ٿا، تنهنڪري لڳن به ڏاڍا سهڻا ٿا. هن جا ٻه چار قسم آهن. هڪڙو پيلو ٿيندو آهي، پر سادي قسم جو آهي.[1]

گل چين
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): جيسمينيم
جنس: Template:Taxonomy/جيسمينيم{. گرئنڊي فلورم
حياتياتي نالو
جيسمينيم گرئنڊي فلورم
ايل.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو