گلائيوبلاسٽوما

دماغ جي ڪينسر جو ھڪ قسم


گلائيوبلاسٽوما(انگريزي: Glioblastoma ) جنھن کي اڪثر گلائيوبلاسٽوما ملٽي فارم(انگريزي: glioblastoma multiforme) (GBM) چوندا آهن، ھڪ خطرناڪ ڪينسر آھي جيڪو دماغ ۾ شروع ٿيندو آهي.[3] شروع م ان جا آثار غير واضع ھوندا آھن پر جڏهن واضع ٿيندا آهن تہ ان ۾ مٿي جو سور، شخصيتي تبديليون، دل ڪچي ٿيڻ ۽ فالج ٿيڻ جھڙا آثار شامل ھوندا آھن. بيماري جي آثارن وڌي وڃڻ جي صورت ۾ بيھوشي بہ طاري ٿيڻ شروع ٿيندي آھي. ھن بيماري جي سبب جي باري ۾ اڃان صحيح پتو نہ لڳو آھي. [1]ڪڏهن ڪڏهن ان جو سبب جينياتي خرابي بہ ھوندي آھي جن ۾ نيوروفائبروميٽوسس ۽ لي- فرائميني سينڊروم ۽ اڳوڻي ريڊيئيشن ٿراپي شامل آهن.[1][2] دماغي رسولين جو 15 سيڪڙو گلائيوبلاسٽوما ھوندو آھي. [4] اھا بيماري نارمل دماغي جيو گھرڙن مان يا وري موجود ھيٺين درجي واري ايسٽروسائيٽوما جي وڌڻ ڪري شروع ٿي سگھي ٿي.[5] ھن بيماري جي سڃاڻپ مخصوص نموني سان سي ٽي اسڪين، ايم آر آء اسڪين ۽ ٽشو بائيوپسي جي گڏيل ترتيب سان ٿيندي آھي. ھن بيماري کي روڪڻ جو اڃان ڪو رستو ناھي مليو پر ان جو علاج سرجري ، پوء ڪيموٿراپي ۽ ريڊيئيشن ٿراپي ذريعي ٿيندو آهي.[2]ڪيموٿراپي کان علاوه دوائن ۾ ٽيموزولومائيڊ جو گهڻو استعمال ٿيندو آهي.[2][6][7] بيماري جي آثارن کي ۽ سوڄ کي گھٽائڻ لاءِ ڪارٽيڪو اسٽيرائيڊس جا وڏا وزن ڏنا ويندا آهن.[8] ڪينسر جي وڌ کان وڌ علاج باوجود اھو اڪثر ٻيھر شروع ٿي ويندو آهي. مرض جي سڃاڻپ بعد بچڻ جو وڌ کان وڌ ممڪن عرصو 12 کان 15 مھينا آھي انھن مان رڳو 3 کان 5 سيڪڙو ماڻھو وڌيڪ بچي ويندا آھن پر انھن جو باقي عرصو پنج سال کان مٿي نہ ھوندو آھي پر علاج کان بغير مريض ٽي مھينن کان وڌيڪ بچي نہ سگھندو آھي [9] اھو دماغ جو ھڪ وڌيڪ عام ڪينسر آھي ۽ ميننجائيوما(meningioma) رسولي کان بعد ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ ٿيندڙ دماغ جي رسولي آھي.[10][11] ھڪ لک ماڻهن مان ھر سال ٽن ماڻھن کي ھيء بيماري لڳي ٿي.گھڻي ڀاڱي 64 سالن جي عمر ۾ ۽ خصوصن مردن م ٿئي ٿي.ھن بيماري کي روڪڻ لاء اميونوٿراپي تي ڪم ھلي رھيو آھي.[12]

گلائيوبلاسٽوما
Synonyms گلائيوبلاسٽوما ملٽي فارم (گھڻ شڪلو), گريڊ 4 ايسٽروسائيٽوما
15 سالن جي ڇوڪري جي نرڙ جي ايم آر آء ۾ گلائيوبلاسٽوما ڏيکاريل
مھارت انگڪالاجي(Oncology) (رسولين جو علم), نيوروسرجري
آثار شروع ۾ غير واضع ، مٿي جو سور، شخصيتي تبديليون، دل ڪچي ٿيڻ، ۽ فالج وارا آثار
معمول واري اٿل ~ 64 سال عمر [1][2]
ڪارڻ اڪثر غير واضع[1]
خطري جي گنجائش جينياتي خرابي (نيوروفائبروميٽوسس, لي- فرائميني سينڊروم(Li–Fraumeni syndrome), اڳئين ريڊيئيشن ٿراپي
تشخيصي طريقو سي ٽي اسڪين, ايم آر آء اسڪين, ٽشو بائيوپسي
پرھيز اڻ ڄاتل
علاج سرجري, ڪيموٿراپي , ريڊيئيشن ٿراپي
دوا درمل ٽيموزولومائيڊ , ڪارٽيڪو اسٽيرائيڊس
قياس آرائي ان ح زندگي جي اميد ~ علاج سان 5 کان 14 سال ۽ پنج سيڪڙو بچڻ جو آسرو
ورجاء ھر سال ھڪ لک 3 سيڪڙو


حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "Chapter 5.16". World Cancer Report 2014. World Health Organization. 2014. ISBN 978-9283204299. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 Gallego, O (August 2015). "Nonsurgical treatment of recurrent glioblastoma.". Current Oncology (Toronto, Ont.) 22 (4): e273–81. doi:10.3747/co.22.2436. PMID 26300678. 
  3. |doi=10.1007/s11060-011-0793-0 |title=Recent advances in the molecular understanding of glioblastoma |year=2012 |last1=Bleeker |first1=Fonnet E. |last2=Molenaar |first2=Remco J. |last3=Leenstra |first3=Sieger |journal=Journal of Neuro-Oncology |volume=108 |pages=11–27 |pmid=22270850 |issue=1 |pmc=3337398}}
  4. Young, RM; Jamshidi, A; Davis, G; Sherman, JH (June 2015). "Current trends in the surgical management and treatment of adult glioblastoma.". Annals of Translational Medicine 3 (9): 121. doi:10.3978/j.issn.2305-5839.2015.05.10. PMID 26207249. 
  5. "Chapter 3.8". World Cancer Report 2014. World Health Organization. 2014. ISBN 978-9283204299. 
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named RTG1
  7. Hart, MG; Garside, R; Rogers, G; Stein, K; Grant, R (30 April 2013). "Temozolomide for high grade glioma.". The Cochrane Database of Systematic Reviews 4 (4): CD007415. doi:10.1002/14651858.CD007415.pub2. PMID 23633341. 
  8. Van Meir, E. G.; Hadjipanayis, C. G.; Norden, A. D.; Shu, H. K.; Wen, P. Y.; Olson, J. J. (2010). "Exciting New Advances in Neuro-Oncology: The Avenue to a Cure for Malignant Glioma". CA: A Cancer Journal for Clinicians 60 (3): 166–93. doi:10.3322/caac.20069. PMID 20445000. 
  9. Schapira, Anthony H.V. (2007). Neurology and clinical neuroscience. Philadelphia: Mosby Elsevier. p. 1336. ISBN 9780323070539. https://books.google.ca/books?id=EwajBQAAQBAJ&pg=PA1336. 
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Ble2012
  11. McNeill, Katharine A. (2016). "Epidemiology of Brain Tumors". Neurologic Clinics 34 (4): 981–98. doi:10.1016/j.ncl.2016.06.014. PMID 27720005. 
  12. "With Immunotherapy, Glimmers of Progress against Glioblastoma". National Cancer Institute. وقت 24 December 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 December 2015.