ڪيموٿراپي (انگريزي: Chemotherapy) جنھن کي اڪثر مختصرن ڪيمو ۽ ڪڏهن ڪڏهنCTX يا CTx چيو ويندو آهي ، ڪينسر جي علاج جو ھڪ طريقو آھي جنھن ۾ مريض کي ڪينسر ٽوڙ دوائون ڏنيون وينديون آهن. ڪيموٿراپي ۾ ڏيندڙ دوائون مختلف دوائن جي ھڪ ترتيب تي مشتمل ھونديون آھن[1] لفظ ڪيموٿراپي جيو گھرڙي جي اندر زھرن جي غير مخصوص استعمال طرف اشارو ڪري ٿو جيڪي مٽوسس (mitosis) يا جيو گھرڙي جي ورھاست کي روڪيندا آھن.ڪيموٿراپي انھن مخصوص عاملن (agents) کي شامل نہ ڪندي آهي جيڪي جيو گھرڙي جي ٻاھريان ملندڙ سگنل (سگنل جي ڦيري) کي روڪيندا آھن. روايتي ڪيموٿراپي جا عوامل جيو گھرڙي جي ورھاست (مٽوسس) کي روڪڻ جي ڪري سائٽو ٽاڪسڪ ھوندا آھن پر ڪينسر جا گھرڙا انھن عواملن جي اثر پذيري باوجود وڏي پيماني تي تبديل ٿيندا آھن. پوء بہ ڪيموٿراپي ڪينسر جي گھرڙن کي نقصان پھچائڻ يا دٻاء ۾ رکڻ جو طريقو سمجھي سگھجي ٿو ۽ جيڪڏهن ايپاپٽاسس (apoptosis) جي شروعات ٿئي تہ ڪيموٿراپي جو نتيجو ڪينسر جي گھررڙي جي موت جي صورت وارو بہ ٿي سگھندو آھي.

ڪيموٿراپي

ببن جي ڪينسر ۾ مبتلا ھڪ عورت جي ڊاسيٽيڪسل واري دوا ذريعي ڪيموٿراپي.ھٿن ۽ پيرن تي ننھن کي نقصان کان بچائڻ لاء ٿڌ ڏيندڙ دستانا پاتل
ٻيا نالا ڪيمو
ٻہ لمفوبلاسٽڪ ليوڪيميا جو شڪار ٿيل ڇوڪريون ڪيموٿراپي وٺندي ڏيکاريل. کاٻي پاسي واري ڇوڪري کي سينٽرل وينس ڪئٿيٽر ڳيچي ۾ لڳل ۽ ساڄي پاسي واري ڇوڪري کي پيريفيرل وينس ڪئٿيٽر لڳل. ٻانھن ۾ ٻڌل بورڊ سئي لڳڻ وقت مضبوطي ڏيندو آهي. ڪينسر ٽوڙ IV ٿيلھي ساڄي پاسي مٿان کان ٽنگيل نظر ايندڙ

ڪيموٿراپي جي نقصان وارن اثرن ۾ عام جيو گھرڙن جو نقصان بہ شامل آھي جيڪي تيزي سان ورھائجي وڌندا آهن ۽ اينٽي مٽوٽڪ (anti mitotic) دوائن سان جلدي اثرانداز ٿيندا آهن. ان کان سواءِ ڪيموٿراپي جا مضر اثر بون ميرو (bone marrow) جي گھرڙن، ھاضمي جي نظام، چمڙي جي اندر وارن جي واڌ واري فوليڪل تي بہ پوندا آهن. اھڙي طرح ڪيموٿراپي سان سڀ کان وڌيڪ عام نقصان رت جي گھرڙن جي ڪمي، ھاضمي وارن لنگھ ۾ سوزش ۽ وارن جي ڪرڻ يا ايلوپيشا (alopecia) جي صورت ۾ ٿيندو آهي.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "ScienceDirect". Cell 108 (2): 153–164. 25 January 2002. doi:10.1016/S0092-8674(02)00625-6.