گرو چيلو
گُرو چيلويا گُر چيلو لوڪ ادب ۾ پروليءَ جو هڪ نمونو آهي جيڪا سنڌ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۾ مروج آهي. هيءُ صنف توڙي جو سنڌي لوڪ ادب ۾ ٻاهران آيل ڀانئجي ٿي پر سگهڙ طرفان ڪچهرين ۾ هي صنف به پرولي يا ڳجهارت جيان ڏني ويندي آهي. هيئت جي لحاظ سان هن ۾ ٽي سٽون هونديون آهن ۽ هر سٽ ۾ ڳجھو لفظ يا نالو رکيل هوندو آهي ۽ هڪ ئي شئي جي نالي وٺڻ سان گرو چيلو پرولي ڀڄي پوندي آهي. گُرو پڇندو آهي ۽ چيلو جواب ۾ هڪ نالو کڻندو آهي. مثال طور: روٽي جلي ڪيون؟ گھوڙا آڙا ڪيون؟ پاڻ سڙا ڪيون؟ ڪھو چيلا ڪيا بات هي؟ چيلو جواب ۾ چوندو. گرو جي ڦيرا نهين. مطلب ماني نه ڦيرائڻ سان سڙي وئي، گهوڙي کي نه ڦيرائڻ يا نه گهمائڻ سان اڙي هنئي ۽ پان به نه ڦيرائڻ سان سڙيو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-25.